ٿُلھي آسٽريلين پوڙهي جو عشق
وين جو جيئن ئي دروازو کليو تہ هڪڙو ٿلھو متارو (پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشڪري اداڪار ننھو) جھڙو ۽ انگريز ريسلر جھڙو پوڙهو مڙس سامھون واري سيٽ تي ويٺو هو ۽ ان سان گڏ هڪڙي عورت پر قد ڪاٺ ۾ بلڪل هن جي ابتڙ ويٺي هئي. يعني قد جي ننڍي ۽ جسم ۾ پڻ سنهڙي سيپڪڙي. اسان وين ۾ داخل ٿيندي ئي پنھنجين سيٽن تي ويھي رهياسين. پر هن همراھہ نہ فقط اسان ڏي ڏٺو پئي، پر اسان جي مزاج کان واقف لڳو پئي. سو هن همراھہ اسان جي داخل ٿيڻ سان ئي اسان کي کيڪاري هيلو هاءِ ڪندي چيو،” گڊ مارننگ.“ جيتوڻيڪ ان قسم جي سلام دعا اسان کي ڪرڻي هئي پر روايتي طور تي لڄوڻا ماڻھو. اسان بہ هن کي مانُ ڏيندي واپسي ۾ جواب ڏنو ”گڊ مارننگ.“ مون کي اتي ئي لڳو تہ هي همراھہ اسان جي سفر جو سٺو ساٿي ٿي سگهي ٿو ۽ هي ٿلھو مڙس يقينن اسان جي سفر کي سھانو ڪندو. سو اسان ٽيئي دوست سڀني کان آخري سيٽ تي ويھي رهياسين.
اها وين اڌ منو ڪلاڪ کن جي ڊرائيو کان پوءِ، اچي بيٺي، اتان وري اسان کي هڪڙي بس /ڪوسٽر ٽائيپ کنيو. ان بس ۾ ڪيترائي ٻيا بہ سياح هيا، جن ۾ گهڻائي انگريزن جي هئي. انگريز جون جولاءِ جي مھيني ۾ ٻاهر نڪري ٿو، گهمي ٿو، پنھنجي وويڪيشن کي سجايو ڪري ٿو. ان بس اسان کي کڻي هڪڙي بندرگاھہ ۾ آڻي لاٿو. جنھن اسان کي سمونڊ جي پل وارو حصو اڳتي ڪرائي، سامونڊي جھاز جي ويجهو ڇڏيو. هي هڪڙو ٻيٽ لڳي پيو. جتي کجين، ناريلن جا ڪافي وڻ هيا. ناريلن جي وڻن ۾ پڻ ننڍڙا ننڍڙا ڪچڙا ناريل لڙڪي رهيا هيا. سامھون کان سمونڊ هيو. سامونڊي ڪناري تي واريءَ جون ڪيتريون ٻوريون ۽ پاچڪا ڏنل هيا تہ جيئن سمونڊ جو پاڻي اڳتي زمين جي ڪناري کي نہ پائي/ڪوري/کائي. خوبصورت ماحول هو. هن بندگارھہ کان اسان کي هاڻي جيمس بانڊ آئلينڊ وڃڻو هو جتي فاسٽ بوٽ اسان جي انتظار ۾ هئي.
اسان کي هٿن ۾ ڪنگڻ ٽائيپ رٻڙ جي پٽي پارائي/ٻڌي ويئي، جيڪا ان جھاز جي نشاني هئي. مطلب تہ اسان ان جھاز جي گروپ سان هياسين. ڇو تہ اتي ٻيا جھاز بہ هيا، جن بہ ماڻھن کي آندو هيو ۽ انھن جي ڪارائي واري پٽيءَ جو رنگ ٻيو هيو. سامھون نظر وڌي سين تہ دڪان تي اهو ساڳيو ئي اسان جي وين وارو پوڙهو ويٺي بوتل جون چسڪون ڀري رهيو هو. ٿوري دير کان پوءِ اهو پوڙهو ٿلھو مڙس پنھنجي سيٽ تان اٿي، اسان ڏي هلي آيو. هن اسان سان سلام دعا ڪئي. هن چيو تہ،”مان بہ توهان جي هن سفر جو ساٿي آهيان.“
”پو تہ واھہ جو مزو ايندو.“ پرتاب هن کي جواب ڏنو.
هي پوڙهو ڏاڍو چرچائي ۽ کل مک انسان هيو. جيتوڻيڪ هن جي عمر تمام وڏي هئي ۽ هن جو وزن بہ گهڻو هيو، هو گهڻي پنڌ ڪرڻ کان لنوائي پيو. پر پوءِ هن جي همت ۽ جذبي کي سلام هيو جو هو ان حالت ۾ بہ گهمڻ نڪتو هيو.
ٿوري دير لاءِ هو اسان سان بيٺو، ڊاڙا ڦٽاڪا هڻي، پوءِ وري جلدي ئي واپس وڃي هوٽل جي ڪرسي تي ويھي رهيو. اتي هڪڙي ٻي انڊين فيملي بہ آيل هئي، ان فيملي جي مرد گوتم سان بہ اتي ئي ملاقات ٿي. هن جي فيمليز ۾ ڪجهہ، عورتون، ڇوڪريون ۽ ڪجهہ مرد بہ هيا. جيڪي هن ماحول جو بخوبي مزو لٽي رهيا هيا. اسان هاڻي فاسٽ بوٽ ۾ چڙهي چڪا هياسين، هي ڪافي وڏو جھاز هيو، جنھن جا ٻہ حصا هيا.
هڪڙو مٿي، جيڪو پاسن کان کليل هيو ۽ سندس ڇت بند هئي جڏهن تہ هڪڙو حصو هيٺ جنھن ۾ جھاز جو پائلٽ جھاز کي هلائي رهيو هيو. هن ۾ تقريبن پنجاھہ سٺ کن ماڻھو هيا، جنھن ۾ فيمليز، ٻارڙا، پوڙها توڙي نوجوان مرد ۽ ليڊيز جن ۾ انگريزياڻين جو تعداد گهڻو هيو، شامل هيا.
سڀني مسافرن کي ان جھاز جي ائڊمنسٽريٽر هڪڙي نوجوان انائونسمينٽ ڪندي، هدايتون ڏيندي چيو تہ،”مھرباني ڪري توهان سڀئي لائيف جيڪٽ پائي ڇڏيو. پاڻ خطرناڪ سمونڊ ۾ هلون پيا. اڳتي سمونڊ رف بہ ٿي سگهي ٿو. بارش بہ ٿي سگهي ٿي. تنھنجي ڪري توهان جي حفاظت لاءِ اهو لائيف جيڪٽ انتھائي ضروري آهي.“ اسان هن جي هدايتن تي عمل ڪندي لائيف جيڪٽ پائي ڇڏيو هو.
هي جيڪٽ ڳاڙهي رنگ جو هو. جنھن جي پٺي تي انگريزي جي سفيد اکرن ۾ لکيل هيو: Mariam Travel & Tour پاڻ حسب معمول جھاز جي پڇڙي کان ويٺا هياسين. ٽي چار نوجوان ٻيا بہ هيا جيڪي صفا هيٺ ڏاڪڻ کان لھڻ/چڙهڻ واري جاءِ تي ويٺي سگريٽ نوشي ۽ مئي نوشي ڪري رهيا هيا. هو کل مزاق ڪندا رهيا ۽ انجواءِ ڪندا رهيا. پاڻ پوڙهي سان گڏ ويٺا هياسين.
پوڙهي کان پڇيوسين تہ،”پوڙها ڪٿان جو هين.“
کلي جواب ڏنائين،”اڃان پوڙهو تہ نہ ٿيو هان. خير منھنجو تعلق آسٽريليا جي شھر سڊني سان آهي، توهان ڪٿان جون منڍيون آهيو.“ اسان کان بہ کل نڪري ويئي. جاني جواب ڏنس تہ،” پاڻ پاڪستاني آهيون.“
ان تي همراھہ جي چھري جو رنگ ئي مٽجي ويو هو پر پوءِ ٿوري دير کان پوءِ آهستي آهستي هن جي چھري تي رونق ظاهر ٿي ۽ اسان کي ساھہ پيو.
***
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو، ڪَرَھا ٿِيا قَضاڪَ!
اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ!
اَکَڙِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيھِيُنِ جو.
---
مون کي ٻروچ (پنھونءَ) جي عشق جو تير لڳو آهي ۽ سندس اُٺ رھزن ثابت ٿيا. اُٺن کي جا ماڪ اوکي لڳي، سا بہ شل اُٺن نہ پوي. پرديسين جو (پنھون ۽ سندس ساٿين جو) ديدار منھنجي نيڻن لاءِ عمدو کاڄ آهي. سُر حسيني ٦:٥