جانيءَ جي سمونڊ ۾ ترڻ جي غلطي
سو مون دوست کي منع ڪئي تہ،”مان نہ لھندس.“ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر پاڻي مان ڪيترا دفعا سڏ ڪري چيو تہ،” اچ نہ ادا وڏو مزو لڳو پيا.“
مون چيو، تہ ”نہ ادا اسان جي وس ۽ وت کان ٻاهر آهي.“
سو اسان تہ هٿ کڻي وياسين. پرتاب بہ وهنجڻ جي فن کان واقف هيو پر هو بہ خبر ناهي ڇو نہ لٿو. هن بس سڀني کي صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. اهي سڀ جھاز جي پاسي ۾ ئي پويان وهنجي رهيا هيا. جھاز جو عملو انھن جي ويجهو بيٺل هيو. متان ڪنھن سان ڪو مسئلو نہ ٿئي. انھي دوران جاني اوچتو ئي اوچتو ٽپو ڏنو.
جيتوڻيڪ هن کي لائيف جيڪٽ پاتل هئي. پر هن جا بٽڻ چڱي طرح ٻڌل نہ هيا. ان ڪري سمونڊ ۾ ٽپي ڏيڻ کان پوءِ ان لائيف جيڪٽ جو بٽڻ هڪڙي پاسي کان کلي ويو ۽ هن جا بٽڻ نڪري ويا. ان کان علاوہ جاني جو سمونڊ ۾ وهنجڻ جو هي پھريون تجربو هو. سمونڊ جي پاڻيءَ ۾ زور هيو، وهڪرو تيز هيو. ان ڪري هڪ ڌڪ سان ئي سمونڊ جو پاڻي جاني کي پوئتي ڌڪي ويو. مون زوردار رڙ ڪري ڊاڪٽر کي چيو تہ،”ڊاڪٽر جاني کي پڪڙ، هو ٻڏي ٿو.“ پر شايد منھنجو آواز ڊاڪٽر تائين نہ پئي ويو. مون رڙ ڪري چيو تہ،”جاني! جاٺا را مارا را، جاٺا را مارا را.“
جاني کلي چيو تہ ” سائين! پيرارا کپارا، تہ جاٺارا مارارا، جاٺارا ڪٿون مارارا، هتي سر ٿو وڃي، توهان کي جاٺي جي پئي آ.“ سمونڊ ۾ ڪٿان جاٺو لڳي ۽ ڪٿان پير کپن. سو جاني هاڻي مسئلي ۾ گهيرجي ويو هو. هو هڪڙي هٿ سان جيڪٽ جي نڪتل ڪلپ کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو تہ ٻي هٿ سان پاڻي کي ڌڪي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيو.
مون مسلسل رڙيون پئي ڪيون تہ جاني کي بچايو. جاني کي پڪڙيو، جاني کي رسو ڏيو، پر مان مٿي هيس. منھنجون رڙيون ڪو بہ نہ پيو ٻڌي. جاني جي ڀرسان يعقوب جھاز جي اسٽاف جو ماڻھو هيو. هن کي رڙ ڪري چيم تہ،”جاني کي بچايو هو ٻڏي ٿو.“ جاني جي وات ۾ سمونڊ جو پاڻي غوطي کائڻ جي ڪري، پيٽ ۾ اندر داخل ٿي چڪو هيو. جاني جھاز کان پري ٿيندو پئي ويو.
پر هو پاڻ کي بچائڻ جي مسلسل جدوجھد ڪري رهيو هو. پوءِ منھنجي رِڙين جي ڪري يعقوب جھاز جو رسو جاني کي اڇلائي ڏنو. جاني جو هٿ رسي تائين نہ پھچي سگهيو، رسو وڃي پاڻي ۾ ڪريو. هن وري ٻيھر رسو جاني تائين اڇلايو. هن دفعي جاني جو هٿ رسي ۾ پئجي ويو هو.
جاني رسي کي ڇڪيندي، آهستي آهستي اچي جھاز جي ڏاڪڻ تائين پھتو. ڏاڪڻ کان چڙهي آيو. مون جاني کي سمجهايو تہ يار ائين ٽپو ڏنئي ٻڌائي بہ نہ. هي سمونڊ آ، ڪو درياءُ، يا سمئنگ پول ناهي. پوءِ تہ ڏاڍي پريشاني ٿي هئي.
وڏي ڳالھہ تہ انڊين ڊاڪٽرن مان هڪڙي ڊاڪٽر پڻ ٽپو ڏنو هو، جنھن کي پڻ بچايو ويو هو. هن ٻڌايو پئي تہ هن بہ سمجهيو تہ پاڻي ننڍو آهي، پر جڏهن هن سمونڊ ۾ ٽپو ڏنو تہ پاڻي ۾ ايڏو زور هيو، جو پاڻي هن کي زوري ڌڪيو پئي ويو. جنھن جي ڪري هن رڙيون ڪيون. پوءِ وڏي جدوجھد کان پوءِ اسٽاف هن کي بچائي ورتو هيو. مان سمجهان پيو تہ جيڪڏهن ھہڙن جھازن ۾ ماهر اسٽاف نہ هجي تہ روز ماڻھو ٻڏي مرن.
ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ ڊاڪٽر ۽ پرتاب ان پوڙهي انگريز ديو جي محبوبا سان ننڍڙي ٻيڙي ۾ چڙهي پريان جبل ڏي وڃن پيا. مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو تہ ڪاش هنن سان گڏ مان بہ وڃان ها. ٻنھي دوستن مون سان ويساھہ گهاتي ڪئي هئي. مون کي صلاح ئي نہ ڪيائون. ڊاڪٽر کي تہ تمام وڏو موقعو هو. پر پوءِ واپسي ۾ خبر پئي تہ ڊاڪٽر ۽ پرتاب ٻيئي ان ٻيڙي ۾ واپس اچن پيا. مون رڙ ڪري ڊاڪٽر کي چيو تہ،” هوءَ ڪاڏي ويئي؟“
ڊاڪٽر چيو تہ ’’رستي ۾ ئي لھي ٻي ٻيڙي ۾ چڙهي پئي.“
مون رڙ ڪري چيو تہ،”ڊاڪٽر ضرور تنھنجي ڪا شرارت هوندي نہ تہ هوءَ تہ وڏي ڪو آپريٽو آهي.“
اسان جي ٽھڪن کي پوڙهو آسٽريلين محسوس ڪري، انجواءِ ڪري رهيو هيو. هو ڪٿي بہ لٿو نہ هيو ۽ ڪٿي بہ سمونڊ جي پاڻي جو مزو نہ ورتو هو. هو بس ان هڪڙي ئي جاءِ تي ويٺل هيو. جنھن جو هن بعد ۾ سبب ٻڌايو تہ هن جي گوڏن جو آپريشن ٿيل آهي. ان ڪري هو لھي چڙهي نہ ٿو سگهي.
هن شاندار ٽوئر کان پوءِ جڏهن جھاز واپس ٿيو تہ واپسي ۾ ٻہ انگريز اٿي بيٺا. سڄي جھاز جي عملي جي لاءِ ٽپ /چندو گڏ ڪرڻ لڳا ۽ اسان وٽ بہ پھتا تہ توهان بہ شيئر ڪيو.
اسان بہ ان ڪار خير ۾ بھرو ورتو. ڇو تہ ان ۾ ڪو شڪ نہ هو تہ هن جھاز جو اسٽاف انتھائي ڪو آپريٽو، محنتي ۽ سچو هيو. اهڙي ريت واپسي ۾ بہ ساڳي ئي وين آئي کڻڻ.
اسان جو دوست ٿلھو وين ۾ بہ اسان سان چرچا،کل ڀوڳ ڪري رهيو هو. وين وارو سڀني کان آخر ۾ اسان کي اسان جي هوٽل جي اڳيان ڇڏيو. هي ٽرپ رسڪي ضرور هيو، پر پوءِ بہ دوستن کي وڏو مزو آيو.