سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

گنجي پوڙهي سان مٽي مائٽي

پاڻ منجهند جو 1 لڳي 30 منٽن تي ٿائلينڊ جي شھر ڦڪيٽ جي ايئرپورٽ تي لھي چڪا هياسين. هتي ڊوميسٽڪ ڪائونٽر تي ڪا خاص رش نہ هئي. جيئن ايئرپورٽن ۾ مختلف ڪيترائي ڪائونٽر هوندا آهن تہ جيئن مسافرن کي سڀ ڪائونٽر وارا منھن ڏين ۽ ڪنھن بہ هڪ ڪائونٽر تي مسافرن جي رش لڳل نہ هجي. ان جو مقصد بہ اهو هوندو آهي تہ ڪنھن بہ مسافر کي ڪا تڪليف نہ اچي. پاڻ جنھن ڪائونٽر تي بيٺا هياسين. ان جي اڳيان ڪافي وڏي قطار هئي. سو آهستي آهستي قطار اڳتي سُري رهي هئي. اسان بہ پنھنجا بيگ ذري کڻون پيا تہ وري ٻہ ٽي وکون کڻي هيٺ فرش تي رکي قطار جي اڳتي وڌڻ جي اوسيئڙي ۾ بيٺل رهياسين. هاڻي پاڻ جن ڪائونٽرن جي اڳيان هياسين، اتان کان ئي هرڪو الڳ الڳ ڪائونٽر تي هليو ويو. سو ائين ئي اتان کان پاڻ الڳ الڳ ٿي وياسين. جاني ۽ پرتاب الڳ تہ مان ۽ ڊاڪٽر الڳ. منھنجي ساڄي هٿ واري ڪائونٽر تي ليڊيز ويٺي هئي، قطار ۾ ڊاڪٽر منھنجي اڳيان بيٺو هيو. سو ڊاڪٽر کي جڏهن اڳتي اچڻ يعني ڪائونٽر تي پھچڻ جو اشارو ٿيو تہ ڊاڪٽر هن ڏانھن هليو ويو. ان کان پوءِ منھنجو وارو هيو. منھنجي سامھون بہ هڪڙو ڪائونٽر هيو، پر ان تي مون کي هڪڙو خبيص قسم جو پوڙهو ويٺل نظر آيو، سو مون دل ۾ پڪو پھہ ڪري ڇڏيو هو تہ ان ڏي نہ ويندس. مان بہ ڊاڪٽر واري ئي ڪائونٽر تي ويندس. ڀلي تہ مون کي بہ گهڻو وقت بيھاريو وڃي. ڪا ڳالھہ ناهي، گهٽ ۾ گهٽ موڊ تہ سٺو هوندو. پر جيڪڏهن هن بخيل وٽ ويس تہ ٺھيل موڊ جو بہ خانو خراب ٿي ويندو. سو ان آسري م ڪڏهن ڊاڪٽر واري ڪائونٽر تي نظر وجهان تہ وري ڪڏهن ان پوڙهي گنجي کي. ڊاڪٽر کي هن ڪافي وقت بيھاري ڇڏيو هو. پر مون کي لڳو تہ معاملو ڪو گنڀير آهي. هو ڊاڪٽر کي ڪائونٽر تي بيھاري، پنھنجي سيٽ تان اٿي، ڊاڪٽر جو پاسپورٽ پنھنجي هٿ ۾ ڪري، پنھنجو ڪائونٽر خالي ڇڏي، ڪنھن ٻي ڪائونٽر تي ڪنھن سينيئر کان صلاح و مشورو ڪرڻ هلي ويئي.
ڊاڪٽر پنھنجي جاءِ تي ڄميو بيٺو رهيو. مجال جو هڪ انچ بہ اتان چريو هجي. ڊاڪٽر جي چھري تہ ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ پريشاني نہ هئي. ڇو تہ ڊاڪٽر هن کان اڳ ۾ بہ ٿائيلينڊ جو چڪر هڻي آيو هو ۽ ان کان علاوہ هو تقريبن سڄي دنيا گهمي چڪو آهي. سو قصو ڪوتاھہ تہ ٿوري دير کان پوءِ هوءَ ٿائي ليڊي موٽي آئي، سيٽ تي ويھڻ کان پوءِ هن ڊاڪٽر جا فنگر پرنٽ ورتا، ڦوٽو ڪڍيا ۽ ڊاڪٽر کي پاسپورٽ ڏيندي شڪريو ادا ڪري تڪليف جي معافي ورتي. هاڻي سڀ دوست هليا ويا ها. يعني اميگريشن واري ڪائونٽر کي ڪليئر ڪرڻ کان پوءِ ماڻھو آجو ٿيو وڃي. اهي هاڻي سرحد ٽپي چڪا هيا، سرحد جي پرئين پاسي بيھي منھنجو انتظار ڪرڻ لڳا ۽ مان ئي آخر ۾ رهجي ويو هئس. سو جنھن جو اڳ ۾ ئي ڊپ هيو، سو ٿيو بہ ائين. ان کان اڳ ۾ جو ڊاڪٽر فارغ ٿي وڃي ۽ مان ڊاڪٽر واري ڪائونٽر تي هليو وڃان، سامھون پوڙهي ڪائونٽر واري مون کي سڏ ڪري پاڻ ڏانھن گهرايو.
منھنجي سامھون هڪڙو ٿلھو متارو وڏي عمر جو پوڙهو گنجو ماڻھو ويٺو هو. جنھن کي نڪ تي نظر جو چشمو پاتل هو. هو مون کي چشمي جي مٿان، ڪنڌ هيٺ ڪري گهوري ائين ڏٺو ڄڻ مان هن جو ڄاتل سڃاتل هجان.
ڪاوڙ ۾ پڇيائين،” ڪٿان کان ٿو اچين“؟
چيم،”ملائيشيا کان.“
وري پڇيائين،”ان کان اڳ ۾ ڪاڏي ويو هئين؟ “
مون وراڻيو،” انڊونيشيا ويو هئس.“
هن وري ٽيون دفعو زوردار حملو ڪندي پڇڻ لڳو،”هاڻي ڪاڏي ٿو وڃين.“
مون جواب ڏنو،” ڦڪيٽ.“
پوءِ هن منھنجي پاسپورٽ کي هيٺ مٿي ڪري غور سان جاچيندي چوڻ لڳو،” ڇا ڪندو آهين؟ “
وراڻيم،”قانوندان آهيان.“
هن جو اهڙو تلخ رويو مون کي خراب لڳي رهيو هو، پر مون ان مھل زهر جي گوري بنا پاڻيءَ جي ڳيت ڏيئي ڇڏي هئي. ان زهريلي نانگ جا ڏنگ برداشت ڪري رهيو هوس.
ان کان پوءِ خبر ناهي هن کي ڇا ٿي ويو هو جو هن جي چھري تي اوچتو مرڪ تري آئي، هن وات گودو ڪري، ٻٽيھي ٻاهر ڪڍي، کلي چوڻ لڳو، ”معاف ڪجو، توهان کي تڪليف ٿي.“
مون دل ۾ چيو، ”جيڪو مون سمجهيو هو اهو ئي نڪتين خبيص.“ مون بہ مصنوعي مرڪ سجائي، چپ ٽيڙي هن جا ڳڻ ڳائيندي ٿورائتو ٿيس.
هن هڪدم منھنجي پاسپورٽ ٽي ٺپو هڻي، ڪائونٽر جي شيشي مان هٿ وڌائي مون کي پاسپورٽ ڏنو. سچ تہ منھنجو تہ هن ٿوري دير لاءِ ساھہ ڪڍي ڇڏيو هو. خبر ناهي ڇا معاملو هو. مون هن جو ٿورائتو نہ چاهيندي بہ ٿيس. ان کان پوءِ ڪائونٽر ڇڏي تڪڙي پيرن تي زور رکيو. سامھون منھنجا دوست بيٺا هيا.
پرتاب چيو،” ڇو ڀلا ايڏو بيھاري ڇڏيائين.“
مون ڪاوڙ ۾ چيو،” وڻي ويو هيومانس، مٽي مائٽي ڪري پيو چاهي. ان ڪري سوال جواب گهڻا ڪيائين. باقي سڀ خير هو.“
سڀني وڏا ٽھڪ ڏنا ۽ پاڻ اڳتي نڪري وياسين.