انڊين بمبئي هوٽل ۾ ڀوڄن
سو اسان ائين ئي مٿاڇرو گهمندا گهمندا، شين کي پري کان ڏسندا، سونھن ديوين جي ونڊو شاپنگ ڪندا، هلندا رهياسين ۽ ڪنھن بہ شوخ حسينا جي سڏ کي لبيڪ نہ ڪيوسين. جيتوڻيڪ اهو عمل اسان جي اخلاقي روين جي خلاف هيو. ڇو تہ توهان ڪنھن جي ڳالھہ ٻڌو تہ صحيح. ڪنھن سان ڳالھايو تہ صحيح. ڀلي توهان کي انھن جي ڳالھہ نہ وڻي، پر انھن جي سڏ کي لبيڪ تہ چئو، انھن کي مان تہ ڏيو، چند لمحا ئي سھي، انھن وٽ بيھي، انھن جي ڳالھہ تہ ٻڌو. جيئن ميلن ۾ مٺائي جا دڪاندار گراهڪن کي سڏ ڪري، هٿ ملائي مٺائي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر پاڻ صفا بي مروت ٿي، انھن حسن جي ديوين جون دلفريب ادائون ٺڪرائي، ڪٺور دل بڻجي، اڳتي ائين نڪري وياسين، ڄڻ تہ اسان انھن کي ڏٺو ئي نہ هجي. منھنجي استاد، مرشد ۽ محسن سائين بشير سيتائي جي غزل جو هڪ بند ياد ٿو اچي تہ؛
هڪ طرف پيٽ هو، ٻي طرف پيار هو،
ٻن چڪين ۾ زندگي وئي پيسجي.
سو انڊين فوڊ جو پُڇندا اهڙي هوٽل تي اچي نڪتاسين. جنھن جو نالو Bombay kitchen & lounge. هن هوٽل ۾ چڪن برياني، فرائڊ فش، بار بي ڪيو، بروسٽ، سبزيون، داليون، سفيد چانور (ڀت)، پيزا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ هيو. هن جي بورڊ تي لکيل هو Super Delicious Food واقعي هن هوٽل جي چِڪن مصالحي دار برياني، دال ۽ پنير مسالا ۽ گرما گرم چپاتي لذيذ هيون.
سڀني کان وڌيڪ لذيذ برياني لڳي، جنھن جي سواد ئي پيٽ جي بلا کي گهوگهو ڏيئي سمھاري ڇڏيو. ان جو هڪ سبب اهو بہ هيو تہ ڊگهي مسافري ڪرڻ کان پوءِ اسان کي بک گهڻي لڳي هئي ۽ بک ۾ هر شي سٺي لڳندي آهي ان ڪري سياڻن جو بہ اهو چوڻ آهي تہ ماني توهان ان مھل کائو جڏهن توهان کي بک لڳي. پر مون کي ائين لڳو تہ ماني جو اٽو ڳوهي رکيو ويو هو جيڪو پاروٿو هيو يا رکيل هو، جنھن ۾ اٽي جي رکيل هئڻ ڪري ٿورڙي بانس پئي آئي.