سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

ڦي ڦي ٻيٽ تي مانجهاندو

جڏهن ڦي ڦي آئلينڊ جي بندرگاه تي پير پاتوسين. هتي جنھن پاسي بہ اسان نگاھہ ڦيرائي ڏسون پيا، اتي رڳو پاڻي ئي پاڻي هيو. ان کان علاوہ هتي سمونڊ جي ڪنارن تي ناريلن ۽ کجين جا قدآور وڻ دلربا انداز ۾ بيٺل هيا. صفائي سٿرائي جو شاندار بندوبست هيو، بھترين ۽ معياري قسم جون فائيو اسٽار وڏيون وڏيون هوٽلون، جنرل اسٽور، وڏا وڏا دڪان. بسن/ڪوچز جون آفيسون، فاسٽ بوٽ ۽ ٽريول ايجنٽن جا دڪان ۽ بھترين شراب خانا کليل نظر آيا. اهي سڀ شيون هتان جي ماحول کي کنيو بيٺا هيا. انگريزن ۽ عربن جي اچڻ جو ڪارڻ ئي اهي رولاڪيون ۽ عياشيون هيون. ٻيو ڪجهہ بہ نہ.
پاسي ۾ اوچا اوچا پھاڙ آسمان سان محو گفتگو هيا. انھن پھاڙن تي سائي رنگ جي ڪمبل بہ واھہ جو نڀايو هو، هر طرف ساواڻ ۽ ساوڪ جي سونھن انھن جبلن کي ماڻھن جي توجھہ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو هيو. ان ۾ ڪو شڪ نہ هيو تہ هي ٻيٽ انتھائي خوبصورت، موهيندڙ ۽ دل جي دنيا کي آباد ڪرڻ جو مرڪز هيو. صاف شفاف سمونڊ جو پاڻي ۽ سونھن جا جلوہ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا تہ اسان صحيح جاءِ تي پھتا آهيون.
پر چوندا آهن تہ ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري“، سو پاڻ هينئر داناءَ مان ڦري ديوانا ٿي چڪا هياسين. ان ڪري پيٽ جي ڳڻتي گهمڻ واري سوچ تي وڌيڪ حاوي هئي. جھاز جي اسٽاف جي اشارن سان پاڻ ان هوٽل جي ٻين ماڙ تائين لنچ ڪرڻ پھچي ويا هياسين، جتي لنچ جو سٺو بندو بست ٿيل هيو. جنھن کي جتي سيٽ ملي اتي ئي ويھي رهيو.
تمام گهڻي رش هئڻ جي ڪري، هر ڪو پنھنجي منھن سان هيو. مان ۽ ڊاڪٽر گڏ هياسين. جاني ۽ پرتاب پنھنجي منھن سان ويھي پيٽ پوڄا ڪري رهيا هيا. نيٺ پاڻ کي پليٽن، چمچن ۽ ڪراڪري واري ٽيبل بہ نظر اچي وئي. هتي بوڦي سسٽم وارو ماحول هيو. مون پليٽ کڻي کليل ديڳڙين/هنڊين مان هڪ ٻن ايٽمن مان ٿورو ٿورو پليٽ ۾ لاهي ورتم. هي انگلش ٽائيپ کاڌو هيو. خاص ڪري انگريزن لاءِ. ايشين لاءِ گهٽ هيو.
ان حساب سان اسان جي کائڻ جون شيون گهٽ هيون. مون ننڍڙا ننڍڙا دال جا ڪجهہ سنبوسا پنھنجي پليٽ ۾ وڌا، اڳيان سائي ڀاڄي مڪس جو ٻوڙ بہ پيو هيو. هن کي بہ دل سان قبوليوسين. جيتوڻيڪ مان قبوليو نہ آهيان. پاسي ۾ سفيد چانور بہ هيا، اهي بہ ٿورا پليٽ ۾ لاٿم. پاسي کان ئي هڪڙو اسٽول خالي پيو هو. ان تي ئي ويھي رهيس. منھنجي سامھون هڪڙو جهونو گوڏ ٻڌل همراھہ ويٺي چانور ٻوڙ پئي کاڌا. هي جهونو مون کي اسان جي جھاز ۾ مليو هيو. جيڪو اسان جي جھاز جي پويان واري حصي ۾ ڏاڪڻن جي ويجهو واري سيٽ تي ويٺو هيو. مون جيئن ئي پليٽ ٽيبل تي رکي جيڪا هن جي اڳيان هئي ۽ منھنجي پليٽ تي چانور ٻوڙ ڏسي هن سمجهيو تہ ڪو مان بہ چانورن جو وڏو شوقين آهيان ۽ هن جي ديس جو آهيان الائي ڇا؟. سو هن مون کي سلام ڪندي پنھنجي ڪنھن عجيب ٻولي ۾ ڪجهہ چيو، جيڪو منھنجي مٿان گذري ويو.
سو هن کي احترام سان وراڻيم،”تہ چاچا ! مون کي چانور-ٻوڙ سان ڪا دلچسپي ناهي، بس بک تپايو آهي، مان اصل ۾ پاڪستاني آهيان، توهان.“ هن جواب ڏنو تہ معاف ڪجو مان تامل آهيان. منھنجو تعلق سري لنڪا سان آهي. مون سمجهيو تہ توهان بہ تامل آهيو، ان ڪري توهان چانور ٻوڙ کائو پيا، سو اهو ئي سبب هيو جو مون توهان سان پنھنجي ٻولي ۾ ڳالھايو.“
مون چيو تہ خير آ ڪو مسئلو ناهي، پر مون کي بک گهڻي لڳي آهي ڇو جو شگر جو مريض آهيان، اجازت ڏيو تہ ڀوڄن ڪري وٺان.“ هن مسڪرائي چيو تہ ”جھاز اسان جا لاھہ ڪڍي ڇڏيا.“
مون هن کي ٻڌڻ بنا ئي سنبوسو کڻي وات ۾ وڌو. سنبوسو گرم هيو. وات سڙي پيو هو. مٿان وري ڏٺم تہ ڊاڪٽر بہ ساڳن سنبوسن سان پليٽ ڀري کڻي آيو آهي. منھنجي پاسي ۾ ئي خالي اسٽول رکيل هيو. هو اتي ئي ويھي رهيو. پوءِ تہ ماني جو مزو ئي دوبالا ٿي ويو. جيتوڻيڪ کاڌي جي ٽيبل تي ڪيترا ئي آئٽم پيل هيا، پر ماڻھو ڪيترو کائيندو، بس ٿوري دير کان پوءِ پيٽ ڀرجي ويو. ڊاڪٽر کي چيم،”ڊاڪٽر! هلون.“ ڊاڪٽر چيو،”جي ها اچو تہ هلون. ماني اسان جي مزاج جي نہ آهي. بس مڙئي بک کان بصر ڀلا.“