مهاڳ
اهو ته سچ آهي ته غزل جي تاريخ ڊگهي آهي، ۽ ان کان پوءِ سنڌي غزل به، ٻه اڍائي سؤ سال ته پنهنجي تاريخ لاءِ گهري ٿو، پر اڄ پنهنجي دوست ۽ نهايت خوبصورت شاعر بدر شاهه جي غزلن جي مجموعي ”اڃ جو آسمان“ تي مهاڳ جي نالي ۾ هي لفظ لکندي، گهٽ ۾ گهٽ هن جي غزل ۾ آيل نئين احساس جي حوالي ۾ مان سنڌي غزل جي ڊگهي سفر جا اهي ڪجهه اهڃاڻ ڏيڻ چاهيندس، جيڪي منهنجي ڄاڻ موجب نئين غزل جي حوالي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضرور ڄاڻائڻ گهرجن. ٻيءَ طرح سنڌي غزل جي ”سنڌي“ هجڻ ۽ ان کان پوءِ ”نئين“ هجڻ واري دائري ۾ ايندڙ غزل، مان پنهنجي سهوليت ۽ پنهنجي پسند موجب ئي ڏيڻ چاهيندس.
جيتوڻيڪ سنڌي غزل جو سفر سچل سرمست، خليفي گل محمد گل، مير عبدالحسين خان سانگيءَ کان پوءِ ڪشنچند بيوس تائين اچي ٿو، ۽ ان کان پوءِ شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ ٻيا ان سفر جا راهي آهن.
ائين سرحد پار نئين غزل لاءِ مون وٽ جيڪي نالا آهن، انهن ۾: ايم ڪمل، ارجن حاسد ۽ شريڪانت صدف اهم نالا آهن. مان پهرئين ئي چئي چڪو آهيان ته اها ڳالهه تڪراري نه هئڻ گهرجي ته مان پنهنجي راءِ جي حق کي استعمال ڪندي سنڌي غزل لکندڙن جي فهرست جوڙڻ بجاءِ فقط ڪي اهم نشان ئي ڄاڻائڻ چاهيندس، جيئن غزل جي ان سفر ۾ بدر شاهه جي غزل کي ۽ ان جي سفر کي ڏسي سگهجي.
ڪشنچند بيوس نئين سجاڳيءَ جو پهريون شاعر آهي، ائين سنڌ هند جي سڀني ذهين نقادن قبول ڪيو آهي، پر انهن ڪٿي به هن کي نئين غزل جو پهريون شاعر نه چيو آهي. اُن رهجي ويل وٿيءَ مان فائدو وٺي جيڪڏهن نئين غزل جا حق واسطا شيخ اياز کي نج ثقافتي غزل لکڻ لاءِ ڏيان ته اهو منهنجي پسند ۾ شماريو وڃي، ائين ٻين لکندڙن جو خيال يا چونڊ الڳ ٿي سگهي ٿي. پنهنجي سهوليت آڌار مثال لاءِ اياز جي نئين غزل مان هڪ شعر ڏيان ٿو، جيڪو سندس لفظن ۾ هيئن آهي:
سنڌڙيءَ کي سيباءِ اياز،
پنهنجو گيڙوءَ ويس غزل.
۽ پوءِ اياز جيڪو گيڙوءَ ويس غزل لکيو، اهو سنڌيءَ ۾ پنهنجي طور جو نئون غزل هو ۽ آهي، جنهن تي ڊگهي اڀياس لکڻ جي گهرج آهي، جنهن جا اشارا منهنجي دوست ۽ نوجوان نقاد اسحاق سميجي پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڏنا آهن.ساڳئي وقت نارايڻ شيام به سنڌي ٻوليءَ کي نئون غزل ڏنو آهي، جيڪو منظرن ۽ احساسن تي ٻڌل آهي، جنهن جهڙو مثال اڳ ۾ گهٽ آهي:
کولي دري مون، پر نه هيم انتظار ڪو،
بس آئي هير، پاڻمرادو لنگهي اتان.
يا
فضا خاموش، پويون پهر، چُپ تارا اڪيلائي،
مُٺي دل! توکي سڏڪڻ ڪاڻ هِيءَ ئي ويل هٿ آئي؟
نارايڻ شيام سنڌيءَ جو نئون غزل لکندڙ شاعر آهي، جنهن کي الڳ الڳ حوالن ۾ سُڳن آهوجا، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻين نقادن گهڻو اهم ڪري ڄاڻايو آهي، پر هت کيس مان نئين غزل لکندڙ طور ڄاڻائي رهيو آهيان. هنن ”مائيل اسٽون“ شاعرن کان پوءِ سرحد جي ٻنهي پاسي، پنهنجي سهوليت لاءِ مان هُن پاسي اول ايم ڪمل کي نئون غزل لکندڙ ڪوٺيان ٿو، اهڙو نئون غزل جيڪو غزل شهري زندگيءَ جي پيداوار آهي، ۽ جيڪو شهري زندگيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن ۾ تلخي به آهي، غصو به آهي ۽ حالتن جي تصوير به آهي:
مان ڪري هوس پيو، هو لتاڙي ويا،
دوست هئا، دوستيءَ کي پاڙي ويا.
ساڳيءَ طرح ارجن حاسد آهي، جنهن وٽ غصي ۽ ڪاوڙ جي بجاءِ نئين غزل ۾ ايندڙ هلڪڙي چهنڊڙيءَ جو ڇهاءُ آهي، هلڪي طنز آهي، هلڪي نرمي آهي، هلڪو رُسامو آهي، نئين ٻولي آهي، نئون لهجو آهي ۽ نئين احساسداري آهي:
ڇانوَ جون بدڪون، کجيءَ جو وڻ کُٿل،
گوڏ گوڏن وٽ، اگهاڙي ڌر تتي.
۽ ان کان پوءِ غزل جي سفر ۾ اچي ٿو شريڪانت صدف، جيڪو بدر شاهه ۽ اسان جي ٽهيءَ/عمر جو شاعر آهي، جنهن جي نئين غزل جو ڇهاءُ هن ريت آهي:
نفرت جا گل ئي ٺيڪ هئا، جي سچ پڇين ته دوست!
مون کان نٿا هي پيار جا پٿر سنڀالجن.
شريڪانت جي آس پاس ٻيا ڪيترائي غزل جا شاعر آهن، پر جيئن ته مان پهرين ئي چئي آيو آهيان ته مون کي غزل لکندڙن جي فهرست جوڙڻي نه آهي، فقط اشارا ڪرڻا آهن. ائين سنڌ ۾ نئون غزل ڏيندڙ شاعرن جي سٿ ۾ مان اول جنهن شخص/شاعر جو نالو شيخ اياز کان پوءِ کڻڻ جو شوق پورو ڪندس، اهو آهي سنڌي نئين غزل جو سڀاڳ: اياز گل. سندس ڪيترائي غزل نئين احساسداريءَ جي حوالي ۾ آڻي سگهجن ٿا، پر بدر شاهه جي شاعريءَ جي سمجهڻ واري سفر جي حوالي ۾ مان سندس غزل جون ٻه سٽون ضرور ڏيڻ چاهيندس، ڇو ته پڪ سان مون کي اياز گل کان اڳ ۾ اهڙو غزل نه مليو آهي، جنهن جا اڄ تائين رنگ اهڙا ئي گهاٽا رهيا هجن:
يادگيريون سنڀال، ڪم ايندئي،
ڪنهن وڇوڙي جي سال، ڪم ايندئي.
سنڌي ٻوليءَ کي ائين نئين غزل ڏيندڙن ۾ سعيد ميمڻ جو نالو مون کان ۽ سنڌي پڙهندڙن توڻي سنڌي غزل لکندڙن کان ڪڏهن نه وسري سگهندو، جڏهن به تخليقي طور غزل جي سفر تي لکيو ويندو ته سعيد ميمڻ نئين غزل جي حوالي طور سدائين اهم رهندو، مثال لاءِ سندس هي سٽون ڏيئي سگهجن ٿيون، جيڪي نئين غزل جو عيوضيپڻو ادا ڪن ٿيون:
جيون تنهنجي پويان پويان ڪاٿي پهتاسين؟
اوندهه جو آ جنگل اڳيان، ڪاٿي پهتاسين؟
۽ پوءِ مان پنهنجي همعصر اياز جانيءَ جي غزل ڏانهن اچان ٿو، جيڪو جيتوڻيڪ سعيد ميمڻ کان پهرئين اچي ٿو، پر هن لکڻيءَ کي سهوليت لاءِ ۽ بدر شاهه جي حوالي ۾ اياز جانيءَ کي هيٺ آندو آهي. جنهن کان اکٻوٽ ڪري اڳتي وڌڻ مون لاءِ ڏکيو ٿيندو ۽ پڪ سان اياز جانيءَ کان پوءِ سموري نئين ٽهيءَ جيڪي نوان غزل سنڌي شاعريءَ کي ڏنا آهن، اهو سندن سنڌي شاعريءَ ۾ خاص حصو ڳڻائيندو. اياز جانيءَ جي غزل جون ٻه سٽون ڏيئي، مان بدر شاهه جي شاعريءَ ڏانهن اچان ٿو:
لانگ بوٽن کي کڻو، تارون کڻو، ڪي گل رکو،
سرحدن تان سڏڪندڙ سارون کڻو، ڪي گل رکو.
اياز جانيءَ جي غزل جو نئون روپ ۽ ان جي پويان اسان جي دور جي بيوسي ۽ بيحسي اهڙي ۽ ايتري ڊگهي آهي، جنهن جو شڪار اهي سڀ دوست رهيا آهيون، جن ڳوٺن کان اچي ڪراچيءَ ۾ روزگار جي بهاني رهائش اختيار ڪئي. يقينن هيءَ زندگي ڳوٺن يا ننڍن شهرن کان بنهه مختلف هئي، هن زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه الڳ هو.
ڪراچيءَ ۾ رهندي اسان سان گڏ بدر شاهه جيڪي حالتون ڏٺيون ۽ ڀوڳيون آهن، مان ايمان جي سلامتيءَ سان چوان ٿو ته انهن کي جنهن شدت سان بدر شاهه اظهاريو آهي، ۽ اهو به غزل جهڙي صنف ۾، اهڙو اظهار شايد اسان جي ٻين دوستن وٽ غزل جي گهاڙيٽي ۾ نه ملي سگهي. لاڙڪاڻي ۾ بدر شاهه شاعري ڪندو هو يا نه، پر هو جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اچڻ لڳو ۽ جيستائين هن سنگت ۾ شعر نه پڙهيو، مون کي ان وقت تائين هو ڪڏهن به شاعر محسوس نه ٿيو، هن جو ڪو به لڇڻ شاعراڻو نه هو. ها! ڪڏهن هن جي سگريٽ پيئڻ مان ۽ ان جي اسٽائيل مان ضرور محسوس ٿيو ته هو شاعر ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ هُن ان سموري عرصي ۾ غزلن کان سواءِ ٻين صنفن ۾ به شعر پڙهيا: نظم، وايون، دوها وغيره، پر هن جي دل غزل سان لڳل يا چوڻ گهرجي ته پنهنجو پاڻ کي پنهنجيءَ دل کي، پنهنجي دماغ کي غزل ۾ مناسب نموني اظهاري سگهيو ٿي ۽ جڏهن هن جو اظهار سامهون آيو ته اهو سڌو اسان جي دل تي اثر ڪندو ويو، ساڳئي وقت هو ان وقت لکندڙن ۽ پنهنجي دوستن کان غزل ۾ بنهه الڳ به ٿيندو ويو.
ان وقت ڪراچي، نسلي فسادن جي ور چڙهيل هوندي هئي، اسين تنهن هوندي به باقائدي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين، ۽ پنهنجا شعر به پڙهندا هئاسين، پر سنگت کان ٻاهر به بدر شاهه سان دلي ويجهڙائي رهندي آئي ۽ سندس غزل ڪڏهن روبرو ته ڪڏهن فون تي ٻڌڻ جو موقعو ملندو رهيو ۽ اهو محسوس ٿيندو رهيو ته بدر شاهه سان ڇا ٿي رهيو آهي. هو پنهنجي چئني پاسي جي ٿيندڙ وارتائن جي گهاڻي ۾ پيڙبو رهيو ۽ هن جي ان پيڙا جي هر دانهن هڪ غزل جو روپ ڌاري پني تي ظاهر ٿيندي رهي، ائين سندس انهن پيڙائن جي اظهارن گڏجي هڪ ڪتاب جي صورت ورتي آهي، جنهن کي هن نالو ڏنو آهي: ”ا ڃ جو آسمان“.
ادب ۽ وقت سدائين ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي گڏوگڏ هلندا رهيا آهن يا هلڻ سکيا آهن، ڪا تخليق ڪيتري به پراڻي ڇو نه ٿي وڃي، پر وقت کيس ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي آواز ۾ ويڙهي رکي سگهندو آهي، تخليق الڳ الڳ ڏسائن ۾ نهاريندي هلندي رهندي آهي، پر ڪا ڪا تخليق ويرانين کي ساڻ کڻي هلي سگهندي آهي.گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ اها سگهه بدر شاهه جي تخليقن ۾ موجود رهي آهي، جن ۾ سندس اندر ۽ ٻاهر جي سڀني ويرانين جي درد کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ادب ۾ هر دور ڏهاڪي جيترو ئي هوندو آهي، پوءِ اهو گذريل دور بڻجي ويندو آهي، اسان وٽ بدر شاهه ائين پوين ٻن دورن جو شاعر آهي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ٻنهي ڏهاڪن يا دورن جا اهڃاڻ چٽا آهن، وڌيڪ انهن جي چٽائي ڏيڻ لاءِ ڪجهه مثال اوس ڏيڻ چاهيندس:
گهر ۾ ڪائي مورت ڪا نه ٿي ڳالهائي،
ٻاهر پٿر جا هن نعرا رستي ۾.
*
جنهن ٻارڙي کي حسرت کيڏڻ جِي دل اندر هئي،
رانديڪڙا سو وٺندي فٽ پاٿ تي مري ويو.
*
پڇن ٿا فٽ پاٿ وارا رب کان،
فليٽ ۽ گهر ڦٽل جون ڳالهيون.
*
حاصلاتن ۾ حياتيءَ جون گهڙيون گهارڻ گهريم،
ڳڻتيون ئي هر خوشيءَ جي روپ ۾ مون کي مليون.
*
ڏينهن سارو شهر جي گهٽين ۾ رلي،
آ اڪيلي چمي ڪيڏو ٿيو حادثو.
شهر ۾ چميءَ جو اڪيلو گهمڻ، سنڌي شاعريءَ ۾ نئين احساسداريءَ جو حسين اظهار آهي، ٻيءَ طرح اڄ جي شاعريءَ جو اهم پاسو ٻوليءَ جو تخليقي استعمال آهي ۽ اهڙو استعمال بدر شاهه نهايت سهڻي نموني ڪيو آهي. هن پنهنجي غزل ۾ پنهنجي وارتائن جو اظهار جنهن ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي، اها ان ماحول جي آهي، جنهن ۾ هو وقت گذاري رهيو آهي، ان ڪري سندس اظهار ۾ ڀرپوريت آهي ۽ سندس اها ڀرپوريت پنهنجو سمورو تاثر ٻڌندڙ يا پڙهندڙ تي ڇڏي وڃي ٿي. بدر شاهه جيڪي رومانوي غزل لکيا آهن، انهن مان به سندس اندر جو چهرو ظاهر نظر اچي ٿو:
موت آهي پرينءَ جي جدائي جڏهن،
پوءِ مرڻ لاءِ ڪنهن جو خنجر ڇا ڪبو!
*
جوڀن جا چڪ ۽ جوانيون بيوس،
نامراد راتيون ۽ تنها ماڻهو.
ائين بدر شاهه جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جو ٿي ويو آهي، پر هن جي دل جي هڪ ڪنڊ ۾ اڄ به لاڙڪاڻي جون يادون ۽ گهاريل پل جاڳندا رهيا آهن، کانئس اهي وسريا نه آهن، اهي سندس دل جي ڦرهيءَ تي اڄ به چٽا آهن:
تنهنجا سڀ رنگ ۽ روشنيون لاڙڪاڻا!
شال قائم رهن رونقون لاڙڪاڻا!
هت ڪراچيءَ ۾ رهندي به وسريو تون ناهين،
مون کي تنهنجون ادائون وڻيون لاڙڪاڻا!
غزل جي ڊگهي تاريخ آهي ۽ سون کان وٺي هزارن تائين جي انگ ۾ لکيل ڪتابن ۾ اها تاريخ محفوظ آهي، جنهن کي وري وري ورجائي هن ڪتاب جي ٿورن صفحن ۾ ليکڪ سان به زيادتي ٿيندي ته پڙهندڙن تي پڻ ستم ٿيندو ته هو جنهن ڳالهه کان واقف آهن ۽ جنهن کي وري وري پڙهي چڪا آهن، اها هنن کي پڙهائي پئي وڃي، ان کان ڪيترائي ڀيرا مناسب ٿيندو ته پڙهندڙ، سڌو سنئون بدر شاهه جي خوبصورت غزلن جا الڳ الڳ احساس ماڻين ۽ پاڻ انهن بابت ويچارين ۽ پوءِ پنهنجي ڪا به راءِ جوڙين ۽ هو جيڪا پنهنجي نجي راءِ جوڙيندا، اها ئي وڏو سچ هوندي.
بدر شاهه جا غزل جڏهن مون پهريون ڀيرو ٻڌا هئا ۽ اهي جيڪو پهريون تاثر منهنجي دماغ ۽ دل ۾ ڇڏي ويا هئا، اڄ تائين سندس غزل لڳاتار پڙهندي ۽ ٻڌندي، انهيءَ تاثر پنهنجا رنگ وڌيڪ چٽا ڪيا آهن، جنهن ڪري مان اهو چوڻ ۾ هٻڪان ڪو نه ٿو ته بدر شاهه پنهنجي شاعراڻي سفر ۾ اڳتي وڌي آيو آهي ۽ لڳاتار اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ آهي، ڪن به اديبن ۽ غير اديبن جي مهم جُوئي ان ۾ نه آهي. ياد رکڻ جهڙي ڳالهه اها به آهي ته انهن نوجوانن لاءِ ادبي سفر ڪجهه وڌيڪ اڻانگو هوندو آهي، جن کي ڪو به ادبي پسمنظر نه هوندو آهي، ائين بدر شاهه جو به ڪو خاص ادبي پسمنظر نه آهي. هن پنهنجي خاندان، پنهنجي گهر ۽ ان گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ کان وٺي ڪراچيءَ تائين جو جسماني توڻي ادبي سفر اڪيلي سر ڪيو آهي. مان ڀانيان ٿو ته سندس زندگيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ کان سواءِ شايد ئي ڪا ٻي ادبي آبياري ڪندڙ جڳهه هجي، ها! سائين آثم ناٿنشاهي،واجد، اياز جاني ۽ ڪجهه ٻيا ادبي دوست سندس ذات جي ويجهو رهيا آهن، انهن جون صحبتون هُن ماڻيون آهن. منهنجي تجربي ۾ اها ڳالهه به آهي ته اسين جن کي صحبتون ڪوٺيون ٿا، انهن کي هڪ طرفو ”ماڻڻ“ ڪوٺيون ٿا، جڏهن ته صحبتون ڀوڳبيون به آهن، ۽ اهڙو اظهار بدر شاهه جي غزلن ۾ به ملي ٿو. بدر شاهه جي غزلن بابت منهنجي هڪ خوشفهمي اها به آهي ته اُهي سندس آتم ڪٿا به آهن، ته تخليقي ڪٿا به. اڳتي هلي بدر شاهه کي آتم ڪٿا لکڻ جي ضرورت نه پوندي، هو پنهنجي شاعريءَ کي آتم ڪٿا به ڪوٺي سگهندو.
اسان ڪيترن ئي نوجوانن وانگر بدر شاهه به نوي واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪري ڇڏيو، ائين گهڻا نوجوان ڪراچيءَ کي پنهنجو نه ڪري سگهيا ۽ واپس پنهنجي پنهنجي شهرن ڏانهن هليا ويا، پر بدر شاهه بنهه ڏکين حالتن ۾ به ڪراچيءَ ۾ رهيو ۽ اڄ تائين ڪراچيءَ ۾ جي رهيو آهي، ۽ نه رڳو هو جسماني طور جي رهيو آهي، پر ڀرپور تخليقي نموني به جي رهيو آهي، مثال طور سندس هيءُ ڪتاب اسان جي اکين اڳيان آهي، ۽ ان ۾ آيل شاعري اسان کي ٻڌائي ٿي ته بدر شاهه ڪراچيءَ ۾ ڪيئن جي رهيو آهي. جڏهن ڪا به تخليق اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي وڃي، جيڪو خالق نه ٻڌائي سگهندو آهي ته پڪ سان اها تخليق جي به ڪاميابي آهي ته ان جي خالق جي ڪاميابي به، ته اڄ هو ڪيئن ڪيئن سوچي ٿو.
بدر شاهه جديد دور ۽ ڪاسموپوليٽن شهر ۾ رهندي غزل جهڙي بنهه روايتي صنف ۾ شاعري ڪئي آهي، جنهن لاءِ اڄ ڪن ذهين نقادن جو خيال آهي ته ان ۾ جديد احساس جي اپٽار جي گنجائش گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته غزل جي قافيي ۽ رديف جي سخت بندش ان احساس کي گُهٽي ٿي. ان ڪري جديد دنيا نظم ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيئي رهي آهي. ٻي طرف اهو رويو آهي ته جنهن شاعرکي غزل لکڻ نٿو اچي، ان کي شاعر نٿو ڪوٺي سگهجي ۽ اهڙو اظهار اڄ اهي شاعر به ڪري رهيا آهن جيڪي ڪالهه ان ڳالهه جا قبوليندڙ هئا ته غزل ۾ اها گنجائش نه آهي، جيڪا نظم ۾ آهي، يا اهو ته، شاعري بحر وزن جو نالو نه آهي. اها احساس ۽ خيال جو نالو آهي.ان حوالي سان شاعريءَ جو علم، جنهن کي علم عروض ڪوٺجي ٿو، ان جي اهميت ثانوي رهجي وئي هئي ۽ سچ پچ شاعري مٿي اڀري آئي هئي، پر اڄ جڏهن اسان جي رهجي ويل جديد شاعرن وٽ به شاعري ثانوي رهجي وئي آهي، تڏهن اهڙي ماحول ۾ اسان جي دوست بدر شاهه غزل لکي ۽ ان ۾ جديد دور ۽ ان جي گهرجن کي جيئن جو تيئن اظهاري نه رڳو غزل جي فني وڪالت ڪئي آهي، پر ان جي علم ۽ ٻين فني باريڪين جو به تحفظ ڪيو آهي، پر غزل لاءِ فن وري به ٻڌي ليکي علم عروض ئي ليکيو ويو آهي، جيڪو بهرحال ڪن حالتن ۾ غزل کي اتي وڃي بيهاري ٿو جتي شاعريءَ جو وزن ته موجود هوندو آهي، پر شاعري عدم موجود، ۽ افسوس جي حد تائين اسان جي نوجوان لکندڙن جي وڏي حصي سان ائين ئي ٿي رهيو آهي.
بدر شاهه ڪنهن به وڏي شهر ۾ رهندڙ جيان، شهري زندگيءَ کي جيئن ڏٺو آهي، جيئن ماڻيو آهي ۽ جيئن ڀوڳيو آهي، ائين ئي ان کي اظهار ڏنو آهي، شايد ان ڪري شخصي طور مون ۽ مون جهڙن ڪن ٻين سوچيندڙ دوستن ۽ پڙهندڙن هن کي دلي توڙي ذهني طور ويجهو سمجهيو آهي.
هيءَ شاعري عام ٻوليءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي نمائندگي ڪندي يا نه ڪندي، اهو هڪ وڏو ۽گهڻو وقت سوچائيندڙ سوال آهي ۽ ان سوال جو رستو هڪ اهڙي رڃ ڏانهن ٿو وڃي جتي فقط اڃ ئي اڃ آهي. ان ڪري مان فقط بدر شاهه جي ان احساس ڏانهن اچان ٿو جيڪو هن پنهنجي اظهار ۾ ڏنو آهي:
ڏور ٻچن کان پيٽ گذر لئه لوڙيون ٿا،
گهر جا لنبا خرچ، پگهارون سڏڪن ٿيون.
احساساتي سطح تي فقط مٿس ”اڃ جو آسمان“ آهي، ۽ بيحد خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي، ته غزل جي روايت تي بدرشاهه جيڪا احساس جي جديد عمارت کڙي ڪئي آهي، اها ڏسڻ جهڙي آهي ۽ ساڳئي وقت ساراهڻ جهڙي پڻ!
هن جي جديد کڙي ڪيل عمارت جي اڏاوت، سندس ڀرپاسي ۾ جڙيل عمارتن کان ڪنهن حد تائين مختلف به آهي، شايد ڏسڻ واري کي اها ايترو مختلف نه لڳي، پر گهرائيءَ سان ڏسڻ وارو اهو محسوس ڪندو ته ان جي حسناڪي الڳ ڏيک ڏئي ٿي ۽ اها بدر شاهه جي اصلي ڪاميابي آهي، جيڪا کيس اڃا به اڳتي وٺي ويندي.
غزل جي صنف لکندي بدر شاهه ان جي گهڻين ئي گهرجن ڏانهن ڌيان ڏنو آهي. هن جي محسوس ڪرڻ جو انداز ۽ ان کي اظهارڻ جو انداز هن جو پنهنجو آهي، جيڪو هن جي اندر جي صلاحيتن تي مدار رکي ٿو، جيڪو سندس هن ڪتاب جي هر غزل ۾ ڏسي سگهجي ٿو، محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽ ان احساس هيٺ، اداسي به پلئه پئجي سگهي ٿي ته ڪي خوشگوار گهڙيون به ميسر ٿي سگهن ٿيون، پر اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ به پڙهندڙ جي پنهنجي مزاج جو مسئلو آهي، البت ٻاهريون حالتون جيئن جو تيئن ساڳيون رهڻيون آهن، جيئن لکڻ واري لاءِ آهن ته پڙهڻ واري لاءِ به!
راهون روشن رهبر انڌا،
ماڻهو ماٺ مقدر انڌا.
*
هڪڙو شخص ويو جيئن وڇڙي،
ٿي پيا سارا منظر انڌا.
”اڃ جو آسمان“ هيٺان اسان ڪيترائي سال گذاريا آهن، ائين بدر شاهه به اسان سان گڏ ڪيترائي سال اڃ جي آسمان هيٺان بيهي رڃ مان اڃ اجهائڻ جي تمنا سانڍي آهي، جيڪا ڪنهن شخص جي ڪنهن به جنم ۾ اجهڻي نه آهي ۽ بدر شاهه جي به اجهڻي نه آهي، شايد اسان جي سموري نسل جي اڃ اجهڻي نه آهي ۽ جڏهن اها اجهي ويندي ته يا دور ساڳيو نه هوندو يا اسان ساڳيا نه هونداسين، ڇاڪاڻ ته اسين جنهن دور جي پيداوار آهيون اهو بهرحال اڃيو ئي رهجي وڃڻو آهي شايد! ٻيءَ طرح جيڪڏهن ”اڃ جو آسمان“ وسڻ جا ويس ڪري آيو ته اهو اڄ جي ٽهيءَ جي نهايت ڪاوڙيل نسل جي هڪ شاعر بدر شاهه جي شاعريءَ جي ڪتاب جي روپ ۾ هوندو، جنهن جي خوبصورت ٽائيٽل تي لکيل هوندو: ' اڃ جو آسمان` ۽ ان جي هيٺان ليکڪ جي سَنَد طور لکيل هوندو: بدر شاهه.
هيءُ ڪتاب بدر شاهه جي اهڙي تخليقي ميڙي چونڊي آهي، جيڪا هن پنهنجي گذريل شعوري عمر ۾ پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ بچائي رکي آهي ۽ اڄ اها انهن جي نالي ڪري رهيو آهي جيڪي کانئس شايد هن ميراث کان وڌيڪ جنهن ٻيءَ ميراث جا تمنائي آهن، جيڪا سندس پاند ۾ نه آهي، ها! پوءِ به هو خوش آهي، هن کي جيڪا ميراث گهربل آهي، اها هن وٽ اڻ مئي آهي، جنهن ڪري کيس اداس ٿيڻ يا مايوس ٿيڻ جو سبب نٿو سُجهي، ۽ جڏهن ڪي به سبب هن کي اهڙي اسٿتيءَ ڏانهن ڌڪين ٿا ته هو پنهنجي اتساهه لاءِ هي احساس اظهاري ٿو:
مون ڏي ڏسندي، هڪڙو ننڍڙو ٻار پيو جو مرڪي،
منهنجي من تي جيئڻ جو هڪ گهرو عڪس ڇڏي ويو.
ٻيءَ صورت ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي ۽ تخليق جي سفر کي ڪراچيءَ ۾ اچي ڪيئن ڏٺو آهي، اهو سندس زباني هيئن آهي:
لڙڪ اکين جا، پياسي ٿر ۾ ڳولڻ نڪتو آ،
احساسن کي پس منظر ۾ ڳولڻ نڪتو آ.
اهو به وڏو سچ آهي ته عظيم تخليق جو بنياد شخص جي اڪيلائي آهي. اسان سڀ شهرن جي جرڪندڙ روشنين جي چمڪ ڏسي شهرن ڏانهن آيا هئاسين، اسان کي سچ پچ چمڪندڙ روشنين جي پٺيان رهندڙ غضبناڪ اونداهين جو پتو تڏهن پيو جڏهن اسان هتي رهي پياسين. اهڙن حادثن کان پوءِ شخص جو اندر ۾ اڪيلو ٿيڻ فطري ڳالهه آهي ۽ اندر جي اڪيلائيءَ جو اظهار بدر شاهه هن وڏي شهر ۽ ماڻهن جي سمنڊ هوندي هيئن ڪيو آهي:
چونڪ ڳليون ۽ رستو رستو ڀٽڪي ٿو،
يارن هوندي بدر اڪيلو ڀٽڪي ٿو.
۽ ڪنهن به تخليقڪار جي اصل ميراث اهو ڀٽڪاءُ ئي آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي چيو هو ته:
ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م َ ملان هوت!
۽ بدر شاهه جو اظهار آهي:
ٿا چئو، هر سوچ منهنجي ٿي وڃي مقتل طرف،
ڇا ڪيان؟ يارو! ڏکن جو آ سفر جاري اڃا.
اسان جي نيڪ خواهش آهي ته بدر شاهه جو هي تخليقي سفر جاري رهي، جنهن سفر ۾ ڪيتريون ئي حاصلاتون اڃا سندس اوسيئڙي ۾ آهن، جڏهن اهي هُن ماڻي ورتيون، تڏهن”اڃ جو آسمان“ جهڙا ڪيترائي ڪتاب سندس نالي سان سڃاتا ويندا ۽ فخر سان ائين چوندي تسڪين ماڻينداسين ته بدر شاهه جهڙو خوبصورت شاعر ۽ ارڏو شخص اسان جو دوست آهي.
رکيل مورائي
27 جولاءِ 2014ع
ڪراچي، سنڌ.