هِن نگريءَ ۾؛ نيٺ ته ڇو ٿو گهر گهر پيڙا ڀوڳي؟
ماڻهو ماڻهو ٻاهر توڙي اندر پيڙا ڀوڳي.
جاڳَ-عذاب اکين تي نازل آيت آيت وانگر،
ننڊ-تاريخون ساري مَن ٿو اڪثر پيڙا ڀوڳي.
هوءَ به روز ٿي آئيني سان ٻَکجي روئي پئي ۽،
هُن سان گڏ ٿو هُن جو خالي بستر پيڙا ڀوڳي.
هُن جي جسم جي گِهٽين ۾ ويرانيءَ جي باک ڏِسي،
پيو ٿو سونهن جو عاشق ڪوئي مسافر پيڙا ڀوڳي.
دل جي تاڪن تي دردن جا گُلَّ رکي ويو ڪوئي،
سڏڪِي سڏڪِي پيو ٿو روح جو آڳر پيڙا ڀوڳي.
ماٺ جي رُڃ ۾؛ اُڃ جهڙا ڪي ماڻهو رلندا ڏِسندي؛
صبح جي رنگن جهڙو ڪو، ٿو منظر پيڙا ڀوڳي.
بي حِسّيءَ جي آئيني ۾ پاڻُ ڏِسي هوءَ ڀُڻڪي:
”منهنجو ڀاڳُ ٿو سنڌ جي شهرن وانگر پيڙا ڀوڳي.“
هر خواهش جي مسجد ۾ خودڪُشين جا ٿيا سجدا،
سنڌ جو هر هڪ ڳوٺ، شهر ۽ ساگر پيڙا ڀوڳي.
شهرت جي رُتبن ۾ جيڪي دوستِيون گم آهن،
جيون تِن جي ڳولا ۾ ٿو در در پيڙا ڀوڳي.
ساڻُ کڻي ميلاپ جي موسم هيلَ هوائون اچجو!
بدر اڪيلو ڪيسيتائين آخر پيڙا ڀوڳي.