باک ڦٽيءَ جو پهريون ڪِرڻو اجرو عڪس ڇڏي ويو،
اونداهيءَ جي چادر تي هڪ شعلو عڪس ڇڏي ويو.
هُو ته کڻي ويو پنهنجي هر شيءِ ڳولي منهنجي گَهر مان،
پو، هي آئيني ۾ آهي ڪنهن جو عڪس ڇڏي ويو؟
ڪالهه اچي اَڌ رات مهل ڪئي چنڊ ڪچهري مون سان،
ويندي ويندي گَهر-آڳُر تي ”هن جو“ عڪس ڇڏي ويو.
لکندي لکندي ميلاپن جا قصّا، اڄُّ قلم ڀي،
ڪاغذ-ڪنڊ تي تنهاين جو هڪڙو عڪس ڇڏي ويو.
هُو؛ خوش هو، ته نشان سمورا ڊاهي آيو آهيان،
پر بي خبريءَ ۾ رستي تي پنهنجو عڪس ڇڏي ويو.
پَٿّر! تون خوش قسمت آهين، جو هڪ پيارو ماڻهو،
منهنجي چهري تي آ اَڻمِٽ تنهنجو عڪس ڇڏي ويو.
مون ڏي ڏِسندي؛ هڪڙو ننڍڙو ٻار پيو جو مُرڪي،
منهنجي مَن تي جيئڻ جو هڪ گهرو عڪس ڇڏي ويو.
رات؛ وِهاڻي تي هن جي گَجري مان هو گُلُ ڪِريو،
منهنجي ڪمري ۾ هُو ڪيڏو سُرهو عڪس ڇڏي ويو.