کِلڻي سُونهن وَسائي ويٺي جلوا گونگا،
سامهن ڇارَ+ ٿين پيا بيٺا ڇورا گونگا!
سگريٽن جي پيڙا کي محسوس نه ٿا ڪن،
ماچيسن جي ڪَڇَ مان نڪتل شعلا گونگا.
ڇو چپ-چاپ ٻرن ٿيون هُن جي سالگرهه تي؟
ڪيئن سمجهائن ميڻ-بتين جا ڳوڙها گونگا!
ساڀيا جي لئه سِر جي ڀيٽا ڏيندا آهن،
سادا پاڻ پَتنگ چئون، يا ڏيئا گونگا؟
منهنجي گهر ڏي ايندڙ واٽون اوسارن+ ٿيون،
گُهرجن جي مقتل ڏي ويندڙ رستا گونگا.
نيڻن جي جَر منجهه ٻُڏن ٿا آسَ-بَتيلا،
اڀرن ٿا هر رات اڱڻ تي سڏڪا گونگا.
هي جو گڏجي ساڻ سَمورو ڏينهن هلن ٿا؛
ڪهڙي ڪم جا ساٿي، پنهنجا پاڇا گونگا!
ڏينهنَ-تَتي يا ڪاري رات جي خاموشيءَ ۾،
روز صليبن تي ٿا ٽنگجن جذبا گونگا.
شامل بدر! ٿيون ڪيئن، هن جي ڏک ۾: هن سان؟
هن ويران گهٽيءَ جا ٻُڌندي نوحا گونگا!
+ڇار= خاڪ (رک) +اوسارن= روئن-اوسارا ڪن