تو دل ۾ جو ٻاري رکيون ميڻ بَتيون،
ته اونداهه-گهڙيون، بڻيون ميڻ بَتيون.
ٿي اوسيئڙو؛ تو لئه دَريءَ ۾ رِجن ٿيون،
هي بڻجي اسان جون اکيون، ميڻ بَتيون.
هَوا جو ڪو جهونڪو ته آيو ئي ڪونهي،
پو ڪنهن کي ڏِسي ٿيون جَهڪيون ميڻ بَتيون؟
بنا آسَ جي ڀي ٻَرن ٿيون مسلسل،
لڳي ٿو ته آهن چَريون ميڻ بَتيون!
آ اڄ ڪلهه حياتي اُجالا اُجالا،
بڻيون پنهنجون تنهائِيون ميڻ بَتيون.
زماني ۾ جو ڪجهه بَچي روشني آ؛
سو، ان لئه جو مائون ٿيون ميڻ بَتيون.
انڌيري حياتيءَ ۾؛ ٻارَن جون مُرڪون،
ٻَريون ڄڻ ته معصومِڙيون ميڻ بَتيون!
هُو اڄ منهنجي پاڙي ۾ شايد ته ايندو،
جو هر هڪ دَري ۾ ٻَريون ميڻ بَتيون.
ٿا وِک وِک چاڪنگ جا شعلا پيا ڀَڙڪن،
سڄي شهر جون هِن ڀِتيون ميڻ بَتيون.
حَسينن جي اَچ-وڃ آ اڌرات تائين،
نظر ٿيون اچن سڀ گِهٽيون ميڻ بَتيون.
الائي ته ڪهڙي خوشيءَ ۾ لَٿيون اڄ،
سَکيءَ جي اڱڻ تي پَريون-ميڻ بَتيون!