سامهين گَهر جي دَري جاڳِي پَئي،
چنڊ اڀريو، چاندني جاڳي پَئي.
دَر کان ٻاهر هُن قدم پنهنجا رکيا،
ننڊ گَهريءَ مان گِهٽي جاڳي پَئي.
هُن هٽايو پنهنجي چهري تان نقاب،
ڇِرڪ کائي روشني جاڳي پَئي.
عڪس پيا ڪنهن ٻارڙي جي مُرڪ جا،
غفلتن مان زندگي جاڳي پَئي.
واسُ مينديءَ جو هَوا ۾ ٿو اُڏي،
شهر ۾ آ عاشقي جاڳي پَئي.
ڪا وَڳي هئي سِينڍ لوڙهي جي پٺيان،
بستري مان ڇوڪري جاڳي پَئي.
شهر ۾ جِئن گم ٿيو پنهنجو وجود،
ڳوٺ جي تِئن بي رخي جاڳي پَئي.
هُن رکيو نازڪ چَپن پنهنجن تي گل،
گل جي هِڪ هِڪ پَنکڙي جاڳي پَئي.
بدر! خوابن کي سَجائي ٽياس تي،
دوستن جي دوستي جاڳي پَئي.