صبح کان ئي اڄ شهر تي آ اُداسي ڇانِئيل،
زندگيءَ جي هر پهر تي آ اُداسي ڇانِئيل.
هوءَ پنهنجا ٽهڪ ميڙي مون وٽان سڀ وئي کڻي،
ڪيتري اڄ منهنجي گهر تي آ اُداسي ڇانِئيل.
ماڳ جي رستن جي پيشانيءَ تي آيو آ پگهر،
مون سان گڏ؛ هر همسفر تي آ اُداسي ڇانِئيل.
آس جي چائنٺ تي هر ڪا آرزو مايوس آ؛
۽ سهارن جي نظر تي آ اُداسي ڇانِئيل.
جهول ۾ آهن سَٿيا پيا اَڌ سڙيل چمين جا لاش،
ڪتبي ڪتبي جي پَٿر تي آ اُداسي ڇانِئيل.
هوءَ سموريون رونقون برباد وئي آهي ڪري،
ڪيڏي اڄ ساگر-لَهر تي آ اُداسي ڇانِئيل!
جسم جون سڀئي ڳليون سنسان آهن بدر! اڄ،
دل جي هِن سکڻي پَڌر تي آ اُداسي ڇانِئيل.