خط جا پُرزا ميڙي رهيو هو،
لفظن-لاشا ميڙي رهيو هو.
وِکري وئي هر منزل هُن کان،
هاڻِ هُو نعرا ميڙي رهيو هو.
ڪمرو سانجهيءَ کان پهريون ئي،
سِج جا ڪِرڻا ميڙي رهيو هو.
هُوءَ سَرتين سان ويئي ڇَٽيندي،
ٽَهڪ سي سُرها ميڙي رهيو هو.
بُک جي چادر اوڍي ٻَچن تي،
روزيءَ اُلڪا ميڙي رهيو هو.
نينگرُ؛ پوپٽ، رانديڪن لئه-
راهه جا نوحا ميڙي رهيو هو.
مِينهُن؛ ڪچو گهرُ ٽُٽل دَريون-دَر،
شاعرُ نغما ميڙي رهيو هو!
پيارُ اسان جو دل-آڳُر تان،
ڌوڪا؛ شيشا ميڙي رهيو هو.
هُو ته دعائن ساڻُ شهرِ ويو،
ڳوٺُ وڇوڙا ميڙي رهيو هو.
بدرُ ڏِٺم اڄ، هڪ چانئٺ تان،
زخمي سجدا ميڙي رهيو هو!