نظر، نظر کي ڇُهيو ته لُنءَ لُنءَ اندر خوشين جا ڏيئا ٻري پيا،
اداس لمحن جي ٻاٽ ڪاريءَ ۾ ٽهڪڙن جا ڏيئا ٻري پيا.
لِڪي-ڇپي هوءَ بچي بچي اڄ به نيٺ اوندهه ۾ آئي مون وٽ،
بدن ٻَکيا، چَپ چَپن سان چهٽي پيا چمين جا ڏيئا ٻري پيا.
اسان؛ جو ڪڏهين خدا جي آڏو جهڪڻ گوارا ڪيو نه آهي،
اوهان جي آڏو، اسان جهڪياسين، عبادتن جا ڏيئا ٻري پيا.
جڏهن کان؛ ماڻهن جي تنهنجي ميندي-رَتن هٿن تي نظر پئي آ،
تڏهن کان تنهنجي گهٽيءَ ۾ گوري! لکين وِکن جا ڏيئا ٻري پيا.
خبر پئي آ اِها جڏهن کان، سخا ۾ ڏاڍا تون زخم ڏين ٿي،
ته تنهنجي دَر تي هزار ڪِشتا کنيل هٿن جا ڏيئا ٻري پيا.
تَتيءَ منجهند جو، هُو پنهنجي ڇَت تي چڙهي، نهاري ٿي منهنجي گهر ڏي،
هَوائون سُرهيون، اڱڻ ۾ ڇانئون ٿيون، اکين جا ڏيئا ٻري پيا.
جڏهن کان هُن جي حَسين چهري تي ٿيو گلابن جو ڇانورو آ،
تڏهن کان دل ۾ عجيب اَڻ موٽ خواهشن جا ڏيئا ٻري پيا.
بَتي ٻَري ٿي ۽ دَر کُليل آ، تڏهن به ڪَمرو پيو ٿو سڏڪي،
اڪيلي جوڀن جي ذهن ۾ کوڙ وَسوِسن جا ڏيئا ٻري پيا.
گهڻي زماني کان چاهتن جي اُجاڙ جهنگل ۾ ڀَٽڪي ڀَٽڪي؛
الائي ڇو اڄ نراس جيون ۾ آسرن جا ڏيئا ٻري پَيا!