لکيم ڪوتا: گهڻو سوچي، ته ڀي ڪجهه ڪاڻ رهجي وئي،
قلم واندو ته ٿيو؛ پر ذهن ۾ ڇڪتاڻ رهجي وئي.
رکي رپيو وڌايل هٿ تي مون مُرڪي ڏنو هو، پر-
ڏٺم: منهنجي اکين ۾ ڪا هئي آلاڻ رهجي وئي.
ضميرن جو ڪري سودو ڪيئون ويهي وڏو ميڪپ،
مگر منحوس چهرن تي اڃا ڪاراڻ رهجي وئي.
هميشه کان يزيدن سان حُسيني جو وڙهيا آهن،
ته ماڻهوءَ ۾ آ ماڻهپ جي تڏهن سرهاڻ رهجي وئي.
مِلايون موت سان جئن سورمن نظرون؛ ڏڪيو مقتل-
۽ جلادن جي شڪلين تي رڳو پيلاڻ رهجي وئي.
هئو هن سهڻي صورت ۾ لڪل ڪو زهر ڪلفت جو،
چميا مون چَپ جو هُن جا، وات ۾ ڪوڙاڻ رهجي وئي.
سَنجها-ٽاڻي لنگهي هوءَ بدر! چادر ۾ ڍَڪي مُنهن کي؛
پٺيان پوري گهٽيءَ ۾ هئي سندس چانڊاڻ رهجي وئي!