ديپ ٽمڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر،
۽ هُو ڀڻڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.
بک، غريبي ۽ سونهن/جوڀن-ڊَپ،
ڪوئي ٿڙڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.
هُو دعائن جا لاش ڳَلِ لائي،
روز سڏڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.
رات آهي اماس سياري جي،
چنڊ چمڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.
هو ڀري ڇرڪ ٿو ڏِسي ڌيءُ ڏي،
ٿانءُ کڙڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.
ڪيتري آس پاس خوشبو آ،
گل ڪو مهڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.
اڄ به هُو ٻارُ سج جي ڪرڻي جيان؛
ڪيڏو جرڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.
واءُ آيو کڻي عجب نياپا،
ڪوئي ڦٿڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.
خواهشن جا ڪي خط هَوا کي ڏئي،
بدرُ مُرڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.