جنهن ڏهاڙي دوستيون هجرت ڪري آهن ويون،
ڪيتريون ئي خواهشون هجرت ڪري آهن ويون.
پنهنجي ڳوٺن جي چَپن جون ڇو الائي؟؛ شهر ڏي-
اوچتو سڀئي چميون هجرت ڪري آهن ويون!
هُن جو ڀاڪر پائي اڄ مون سان مِلڻ ڀي آ فريب،
يا سموريون بي رخيون هجرت ڪري آهن ويون.
اي شهر ! تنهنجي گهٽين ۾ واقعي اونداهه آ؛
يا نظر گهٽ، يا بَتيون هجرت ڪري آهن ويون.
شام جي رنگين موسم جو مزو ڪهڙو وٺون،
سال ٿيا؛ دل جون سَکيون هجرت ڪري آهن ويون.
پنهنجي پَلڪن تي ڇو اوسيئڙي جا ٻارين ٿو ڏيئا؟
هُو ته ڪنهن ٻئي ڏي چِٺيون هجرت ڪري آهن ويون.
رات جو ڇو ننڊ ٻارن کي نه ٿي هاڻي اچي؛
ڇا! ڪهاڻين مان پَريون هجرت ڪري آهن ويون.
ٻارَ کيڏڻ لاءِ؛ ٻاهر گَهر کان، نڪرن ئي نه ٿا،
ڇا، گِهٽين مان روشنيون هجرت ڪري آهن ويون.
خوف رانديڪن جي نيڻن ۾ جڏهن کان آ لٿو،
ٻارڙن جون ڀي خوشيون هجرت ڪري آهن ويون.
پيٽ جي لئه پنهنجو ننڍپڻ ڀي ڇڏيوسين گم ڪري،
۽ چَپن تان مرڪڙيون هجرت ڪري آهن ويون.
صبحَ؛ ٻاهر لاش سپنن جا ڀنگي ميڙن پيا،
رات؛ شايد ڪي اکيون هجرت ڪري آهن ويون.