چونڪ، ڳَليون ۽ رستو رستو ڀٽڪي ٿو،
يارن هوندي؛ بدر اڪيلو ڀٽڪي ٿو.
لهندو ڏِسندي؛ نيڻن آڏو انڌيرو،
اَڻ سونهون ڪو سُندر سپنو ڀٽڪي ٿو.
ٻوڙا ڪَن ٿيا آهن دنيا وارن جا،
ڌرتي-سرتيءَ جو هر سڏڪو ڀٽڪي ٿو.
گهرَ جي سڀني دروازن کي بند ڏِسي،
روشنين جو ڪِرڻو ڪِرڻو ڀٽڪي ٿو.
سانت جو ڪوهيڙو آ ڇانيل چهرن تي،
هر هڪ مَن جو ڪومل جذبو ڀٽڪي ٿو.
نيڻن منجهه خمار سَمائي هيڪاندو،
حُسن هَٺيلو ڪنهن ڪنهن آڏو ڀٽڪي ٿو.
جهولَ ڀري اڄ آيو آهي مُرڪن سان،
پو به الائي ڇا لئه چَريو ڀٽڪي ٿو؟
سامهن واري دَر جي وِٿيّن مان نڪري؛
روز نئين خوشبو جو جهونڪو ڀٽڪي ٿو.