پنهنجي پاران
سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ پاران هن کان اڳ محترم سرويچ سجاولي جو شعري مجموعو “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي جنهن کي اوهان مهربان مداحن جيڪا موٽ ۽ محبت ڏني آهي انهيءَ اسانکي وڏو اُتساهه ڏنو آهي ۽ انهيءَ اُتساهه جي نتيجي ۾ ئي سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران محترم سرويچ سجاولي صاحب جي فرزند ۽ سندس ئي دڳ تي هلندڙ ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي جو پهريون انقلابي شعري مجموعو “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” ڇپائي اوهان سُڄاڻ ساٿين جي هٿن تائين پهچايو ويو آهي، جنهن کي پڙهڻ بعد ئي اوهان کي محترم حبيب الله سانگي سجاولي جي اوچائي ۽ ارڏائي جو بخوبي اندازو ٿي ويندو، پر سنڌ جي مهان عوامي ۽ انقلابي شاعر محترم سرويچ سجاولي ته کيس پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اعزاز ڏئي ڇڏيو هو ته حبيب الله سانگي سجاولي اُن کان به وڏو شاعر ٿيندو، پر هڪ عوامي شاعر جا احساس ۽ پيرسن پيءُ جا ارمان اُن وقت دم ٽوڙي ويٺا جڏهن ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي حبيب الله سانگي سجاولي 23 مئي 2007ع تي 48 سالن جي مختصر ڄمار ۾ پنهنجي پيرسن پيءُ، ماءُ، هڪ بيوهه، ٽن معصوم نياڻين، ڇهن معصوم پُٽن چئن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن کي وڇوڙي جا وڍ ڏئي هميشه هميشه لاءِ مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو ۽ سندس وڇوڙو ٻرندڙ جبل جي لاوي جيئان ماءُ پيءُ جي اندر ۾ ڀڙڪندو رهيو ۽ نيٺ چئن مهينن جي مختصر عرصي اندر ئي اهو ٻرندڙ لاوو ڦاٽي پيو ۽ سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر سرويچ سجاولي پڻ 22 آڪٽوبر 2007ع تي سانگيءَ جو سور سيني ۾ سانڍي مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو ۽ ان جي صرف ٻن مهينن بعد سرويچ سجاولي جي زوجه ۽ حبيب الله سانگي سجاولي جي جيجل ماءُ پڻ اهي صدمان نه سهندي 2 جنوري 2008ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو ۽ صرف 7 مهينن جي مختصر مُدت ۾ هي گُل رنگ ۽ گُلزار گُلشن اُجڙي ويو ۽ سنڌ جي شعور جي علامت سرويچ نگر وڇوڙن جا ويس پائي سوڳ صدمن، ڏکن ۽ سورن جي علامت بنجي سڪتي ۾ اچي ويو.
زندگي زهر جا پيالا ڀري منحوس مُندن جي اوٽ ۾ اسانجي اڱڻ تي لٿي هئي ۽ جيئڻ جون سڀ حسرتون ۽ حُسناڪيون دم ٽوڙي چڪيون هيون ۽ حياتي بلا ٿي نڙيءَ ۾ چُهٽي پئي هئي، هوش ۽ حواس سڀ خطائي چڪا هئا ۽ دل چاهيو پئي ته جيڪو هير ئي حياتي ۽ موت جو تماشو ختم ٿي وڃي ۽ آخرت جو آغاز ٿي پوي، جيئن هرڪو پنهنجن پيارن سان پيار ۽ پاٻوهه مان مُرڪي ملاقاتون ڪري، پر اهي سمورا اختيار ۽ فيصلا جنهن مالڪ وٽ آهن ان کي اڃا ئي ڪجهه ٻيو منظور هو، سو مالڪ جي مرضي ۽ منشا تي هلندي دنيا سان گڏ وکون کڻي هلڻ جي همٿ ڪئي ۽ پوءِ جيئن ئي آهستي آهستي انهيءَ اذيت مان آجپو حاصل ڪيو، تيئن تُرت سرويچ سجاولي اڪيڊمي جو وجود وجهي اهو پُختو پهه ڪيو ته سرويچ سجاولي ۽ حبيب الله سانگيءَ جو مواد ميسارجڻ کان اڳ انهيءَ کي ڇپائي منظر عام تي آڻي انهن کي هميشه لاءِ زنده رکجي انهيءَ سلسلي ۾ پهريائين شعري مجموعو “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” ۽ هاڻي “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” ڇپائي اوهان عقيدتمندن اڳيان آندا ويا آهن ۽ اوهان جو اهو قرب ۽ قدر جاري رهيو ته انشاءُ الله محترم سرويچ سجاولي ۽ حبيب الله سانگي جي باقي رهيل مواد سميت سنڌ جي مشهور ۽ معروف ليکڪن جا ڪتاب ڇپائي اوهان تائين پهچايا ويندا.
محترم حبيب الله سانگي سجاوليءَ جي هن ڪتاب ۾ اوهانکي آمريت تي ڦٽڪار ۽ جمهوريت جون جوتون جرڪندي نظر اينديون، هن ڪتاب ۾ جتي اوهانکي سنڌ جي غدار وڏيرن جي ڪرتوتن، ڪامور ڪي قهر، رياستي بدمعاشي ۽ بد ديانتي، ڌرتي، ٻولي، پاڻي، معيشيت، گذر سفر، حيلن وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن، ٿل ڪئنال، ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ قهري ڪلورن، ڪارو ڪاري، قرآن سان پرڻو، جنسي ڏاڍائي، قومي جرئت جذبي، ڦُرلُٽ، ڌاڙن، اغوائن جي وارداتن، سنڌي ماڻهن جي ڪاهلي، سُستي ۽ جهالت جا چٽا عڪس نظر ايندا، اُتي سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جا گس به ڏيکاريا ويا آهن، حبيب الله سانگي جتي سنڌ جي غدارن تي ڦٽڪار ڪئي آهي، اُتي هن سنڌ جي قومي هيرن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي، حبيب الله سانگي صرف قلم جي جنگ ناهي وڙهيو، پر عملي طور تي به سنڌ جي هر قومي تحريڪ جو حصو رهيو آهي ۽ ايم آرڊي جي 83ع ۽ 86ع جي تحريڪن ۾ جدوجهد ڪندي جيل بند جا ڏينهن به گهاري آيو آهي ۽ انهن قيد خانن ۾ همٿ هارڻ بجاءِ ٻين قيدي ساٿين کي پڻ همٿايو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ انهيءَ جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا، سندس زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا ڏاڍا ڏُکيا ۽ اذيت آميز گذريا، جنهن ۾ بيروزگاري ۽ بيماري کيس هيڻو ڪري وڌو هو ۽ پڳ مٽ يار به کانئس مُنهن موڙي ويا هئا، اهو سمورو درد ۽ پيڙاءُ سندس شاعريءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.
حبيب الله سانگي جيتوڻيڪ ايترو گهڻو ڇپيو ڪو نه آهي، پر سنڌ جي مختلف اسٽيجن، قومي ڪاڄن توڙي اليڪشن جلسن ۾ پڙهيل سندس شاعري سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تي ڇپيل آهي. پاڻ وڏيرڪي ڏاڍ، جبر ۽ ظلم خلاف لکيل پنهنجا بارودي نظم جڏهن رُعبدار لهجي ۾ بيباڪي ۽ بُردباري سان اسٽيج تي اچي پڙهندو هو ته ماڻهون وڏيرن جي ڏاڍ، خوف ۽ غلاميءَ مان ايئن ٻاهر نڪري ايندا هئا جيئن ڪنهن باهه تي پاڻي هارڻ بعد وساميل باهه مان دونهان آزاديءَ سان فضا ۾ پرواز ٿيندا آهن، سندس شاعري هڪ ئي وقت عشق انقلاب مزاح ۽ مزاحمت جو سنگم آهي، سندس سُهڻيون ترڪيبون ۽ اصطلاح احساس جي سونهن جو ڏيک ڏيڻ لڳن ٿا، سندس مزاحيه شاعري ٻڌڻ بعد کِل روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه رهندي آهي، قدرت کيس شاعريءَ جي اها ڏات ڏني هئي جيڪا ورلي ڪن ماڻهن کي نصيب ٿيندي هوندي، هو هڪ حاضر دماغ ۽ ڪُل وقتي شاعر هو جيڪو شاعري ڪرڻ لاءِ موڊ ۽ حالتن جو محتاج نه هو، بس پين پنو کڻي ويٺو ۽ ڪنهن به وقت ڪنهن به موضوع تي چند منٽن ۾ شاهڪار شعر جوڙي وٺندو هو جنهن ڪري ادبي حقلن کيس سنڌ جو تيز ترين شاعر قرار ڏنو آهي.
حبيب الله سانگي کي پيپلز پارٽي ۽ ڀُٽي خاندان سان بيحد لڳاءُ هو، اهوئي سبب آهي جو هن پيپلز پارٽي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي، محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضي! ڀٽو، شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اُڍيجو جڳديش ملاڻي، فقير محمد لاشاري، شاهد شاهه بخاري بابت ڪافي ساري شاعري ڪئي آهي ۽ انهيءَ پارٽيءَ ۾ جدوجهد ڪندي پنهنجي جيون جي جوڀن ڏينهن جا 37 سال انهيءَ کي ارپيا جنهن ڪري قيد بند جون صعوبتون ۽ ملٽري ڪورٽس جون سزائون توڙي سرڪاري نوڪريءَ تان ڪيئي ڀيرا معطليءَ جا ميڊل پڻ پلئه پيس، پر سندس نينهن جي نُڪتي ۾ ذري برابر به ڦير نه آيو ۽ هو بيماري جي بستري تي موت سان مهاڏو اٽڪائيندي آس جي اکين سان پنهنجي محبوب قائد محترم بينظير ڀٽو جو انتظار ڪندو رهيو، پر حياتي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ هن جون خوابن ۾ خماريل اکيون پنهنجي محبوب قائد جي شهادت وارو دردناڪ منظر ڏسڻ کان اڳ ئي سُک جا سپنا سانڍي سُمهي چڪيون هُيون.
آخر ۾ آئون سنڌ جي برک ڏاهي ۽ پنهنجي خانداني محسن چاچا رسول بخش پليجو صاحب جن جو نهايت شڪر گذار آهيان جنهن هن ڪتاب جو نالو تجويز ڪيو. ساڳئي وقت آئون سنڌ جي مهان شاعره ۽ اسان نوجوان ليکڪن جي رهبر محترمه مريم مجيدي صاحبه جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن وقت ڪڍي بيڪ ٽائٽل لکي ڏنو، وڏا وڙ ۽ مهربانيون ٺٽي جي ضلعي حڪومت ۽ خاص طور تي ضلع ناظم محترم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي صاحب جا جن هن ڪتاب جا اخراجات ادا ڪندي اسان سان ڀرپور سهڪار ڪيو، هن ڪتاب کي سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪندڙ دوستن اياز امر شيخ، محمد ٻارڻ، حسن سارنگ، سڄڻ سرائي بشير احمد سرويچ، نجيب الله سانگي جو پڻ ٿورائتو آهيان، اُتي پنهنجي مهربان ساٿي ڀاءُ يوسف سنڌي کي به ساراهڻ کان رهي نٿو سگهان جنهن پروف ريڊنگ ۽ ڇپائي جي اڻانگن مرحلن ۾ منهنجي ڀرپور مدد ڪئي، ڪمپوزنگ جا ڏکيا مرحلا مور ساگر ۽ منظور جوڻيجو جي مدد سان مڪمل ٿيا.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سورج سجاولي
چيئرمين
سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ
3481767-0300