شاعري

ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا

هي ڪتاب “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” محترم سرويچ سجاولي صاحب جي فرزند ۽ سندس ئي دڳ تي هلندڙ ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي جو پهريون انقلابي شعري مجموعو آهي. اڄ حبيب الله سانگي ته اسان ۾ناهي رهيو پر سندس شاعري موجود آهي.
Title Cover of book ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا

ٺڳن جا ٺاٺ ٺٺ آهن

رڳو مسڪين پيو ڪُٽجي، ٺڳن جا ٺاٺ ٺٺ آهن،
ننڍن کي آ نڙيءَ تي ننهن، وڏن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

اڃان اشراف ماڻهن تي اُٿن ٿيون آڱريون ڪي ئي،
دلالن ديڳ جي چَمچن، دلن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

حيا وارا هڙئي ماڻهون هلن پيا هيٺ ڪنڌ ڪريو،
شرم جن کي نه تولي جو، انهن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

جمهوري دؤر ۾ ڏاڍي جيالن ساڻ جُٺ آهي،
وزيرن ميمبرن پنهنجن سڀن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

اسانجي يار يارن جا، ويا ٿي يار ڪامورا،
تڏهن کان ئي ته ڪامورن ڪڙن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

مليا مسڪين ماڻهن کي رڳو ليکن مٿي ليکا،
لڙهاين ليڊرن سارن، لُچن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

ڪٽيو جنهن قيد ورڪر هو، اُهو اڄ ڀي آسورن ۾،
مگر پاور جي پوڄارين، پٺن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

ڪري پيا گهر غريبن جا، ملن پيا چيڪ چمچن کي،
وڏن ماڻهن جي ماڻهن ڇا، گڏهن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

وفاقي ووٽ هڪڙي لا، ٺٽي ۾ باهه ڀڙڪيل آ،
اسان وارن اتحادين يَرَ، اُٺَن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

جتي منشي، مجيدي ۽ هُجي سرويچ سُورن ۾،
اُتي اُوٺي، اُڏايرائي جهڙن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

ڪرائي پاس خبرون جي، وڏيرن کان اُماڻين ٿا،
انهن سُهڻن صحافين يَرَ، سڀن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

کڻيو ڪي کوڙ کيسن ۾، وزيرن جا هلن ڪارڊ،
پراڻن پيپلن جيالن جُنگن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

هُجي پرڻو کڻي مرڻو، نڪاح، تڙ جا وٺن پئسه،
ٻنهي مهلن ۽ موقعن تي، مُلن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

اَميراڻن ڪُتن جي لا، ڏسو هو پيا تڪا ترجن،
مَرن ماڻهون پيا ماني لئه، ڪُتن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

ڪڏهن مسجد ڪڏهن مندر، الم کي آ اُکوڙيو ويو،
عياشي، عيش عشرت جي اڏن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

پنوهارن جي پُٽن لاءِ، نڪا ڪا نوڪري آهي،
اَميرن جي پُٽن پوٽن، ڏڏن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.