پاور کانپو
ڌارين سان گڏ ڌوڙي ڀيچي اعليٰ عُهديدار اُڍيجا.
ڪرسيءَ کان اڳ ڪيڏا جيڪي ڏک ونڊيندا ڏيندا ها،
سي ته سمورا ساٿي پنهنجا، پنهنجن کان بيزار اُڍيجا.
وِسڪيءَ جي ٻن پيگن تي يا سگريٽن جي پاڪيٽن تي،
ورڪر سارا، وِسري ويا، ويجها ٿيا وَڻ کار اُڍيجا.
چونڊن ۾ جن چوٽ چڙهي هُئي، ڪئي مخالفت پ پ جي،
اڄ به انهن جا جام ٿين ٿا، ڪم سمورا ڪار اُڍيجا.
ضلعي ضلعي مان نوڪرين لاءِ لسٽ گهري آ قائد جيڪا،
لسٽ انهيءَ ۾ نالو هڪڙو ورڪر جو لاچار اُڍيجا.
مٿان مليا ڪجهه آرڊر آهن، کنيو هلن ٿا کيسن ۾،
ڏوڪڙ جيڪو ڏيندو ان کي ڏيندا آرڊر يار اُڍيجا.
ڀاڪر پائي ڀر ۾ جيڪي، بئنچن تي پڻ ويهندا ها،
هاڻ انهن جي هٿ ڏيڻ جو عجب طريقه ڪار اُڍيجا.
تنهنجي گهاٽن يارن مان ڏِس سال سڄي ۾ هڪڙو ڀيرو،
ڪهڙا ڪهڙا يار اچن ٿا، ورسي تي وينجهار اُڍيجا.
وِسڪيون جيڪو پياريندو ۽ ڪاهي جيڪو ايندو ڪارون،
ڪم انهيءَ جو جهٽ پٽ ٿئي ٿو، ٻيڙو اُن جو پار اُڍيجا.
هو سڀ مالن ميڙڻ ۾ تُنهنجي ڪنهن کي ياد نه آئي،
شروع ڪري تن شايد ڇڏيا، ڪارا ڪاروبار اُڍيجا.
جيلن، جلسن لاءِ جيڪي ڳولي ڳولي ملندا ها،
پاسي مان سي گذرن ٿا، ته به ڪن ڪونه کيڪار اُڍيجا.
پنڌ پيادا ايندا ها جي گڏجي سڏجي گڏجاڻين ۾،
پيجارن کانسواٰءِ انهن جو اچڻ کان انڪار اُڍيجا.
ٺٽي وارن يارن تي اڄ سئونٽن جو ير سٽڪو آ،
اتحادي اتي ايم. اين اي جا ويا وڌي آزار اُڍيجا.
ورڪر جي ڪا واهر ڪونهي، ورڪر ٿي ويو ويچارو،
هڪڙي ووٽ وفاقي لاءِ، ورڪر تي وسڪار اُڍيجا.
هي جي چَند سِٽون مون لکيون، سي به سگهن ٿا ڪين سهي،
پيلا تن جا مُنهن ٿين ٿا، اکين ۾ ڦوٽار اُڍيجا.
ڀوڳن چرچن تي اي ‘سانگي’ ڪونه ڪڏهن ڪاوڙبا ها،
هاڻ انهن جي نڪ تي ڪاوڙ هردم آ هسوار اُڍيجا.
*
* پ پ جي بهادر ۽ ورڪر دوست اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو جي پهرين ورسي جي موقعي تي ماتلي ۾ خورشيد شاهه ۽ منور ٽالپر جي موجودگيءَ ۾ پڙهيو ويو.