شاعري

ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا

هي ڪتاب “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” محترم سرويچ سجاولي صاحب جي فرزند ۽ سندس ئي دڳ تي هلندڙ ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي جو پهريون انقلابي شعري مجموعو آهي. اڄ حبيب الله سانگي ته اسان ۾ناهي رهيو پر سندس شاعري موجود آهي.
Title Cover of book ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا

جهرجهنگ ٿي جهونگار ڀٽو

اٺهٺ ۾ آواز اٿيو ۽ جهر جهنگ ٿي جهونگار ڀٽو
مسڪينن جي ڳالهه کڻي هو، نڪري ٿيو نروار ڀٽو

هت راڄ وڏيري جو ٿي هليو ماڻهون ماڻهون هئو غلام
ڏاڍن جو پئي ڏنڊو ڦريو، قهر جو ڪارو هئو نظام
پاپ نگر ۾ پيڙهيو ويو پي، پاڪ وطن جو عام عوام
هو ڪو حق جو هڻي هو نڪتو، سنڌڙي جو سينگار ڀٽو

ميرن پيرن سردارن جو دهشت داٻ ۽ دڙڪو هو
قوم جي ڪنڌ تي ڪات هئو ۽ ڪامورن جو ڪڙڪو هو
سنڌ سڄي جي سانگيئڙن تي، سونٽن جو هت سٽڪو هو
قهر کي ڪورڻ ڪاٽڻ لاءِ، کڻي اٿيو تلوار ڀٽو

پنهنجي حق جي ڳالهه ٻڌي هت، ماڻهون مڙيا کوڙ هشام
شهرن ڳوٺن ٻهراڙين ۾ جت ڪٿ ٿي ويا جلسا جام
جيئي ڀٽو جي نعرن سان ويا گونجي گهر ۽ گليون گام
پٽن پوٺن ۾ پيو پکڙي پنهنجن جو پرچار ڀٽو

جمهوريت جي نعري تي سڀ هاري ۽ مزدور گڏيا
بستي بستي ڀڙڪي پيئي، ماڻهون سڀ مجبور گڏيا
پي پي جو بنياد پيو مظلوم گڏيا مقهور گڏيا
هيڻا ٻيڻا ٿيندا ويا ۽ هر هنڌ ٿي هونگار ڀٽو

آمر جي وئي اک کلي ۽، چونڊن جو اعلان ٿيو
پرمارن لئه پاڪ وطن ۾، برپا ٿي طوفان ويو
جهانگهين جي ٿي جيت وئي ۽ مارن جو ٿي مان ويو
وانگين کي وئي واڳ ملي ۽ وارث ٿيو وينجهار ڀٽو

ملڪ سندي تاريخ اندر ها، پهريون ڀيرو پير ڪريا
گهوٽ ڀٽي جي اڳواڻي ۾، گُرگ وڏا گهگير ڪريا
خواب ڪرڻ جا ڪو نه ڏٺا جن، خوني سي خنزير ڪريا
سالن کان پو سوڀ ملي ۽ سورهيه ٿيو سالار ڀُٽو

مزدور ملن جا مالڪ ٿيا ۽ سوگها صنعتڪار ٿيا
واگهه وڏيرن ساڻ ٻنين ۾ هاري حصيدار ٿيا
اڌ بٽائي پوري اُجوري جا ته هتي وهنوار ٿيا
مسڪينن جون آهون اگهيون ۽ آيو تن جو يار ڀٽو

ماڻهون ماڻهون مُرڪي پيو ۽ مهڪي ٽهڪي پيا سڀ ماڳ
سالن کان جي ستل ماڻهون، جاڳي ننڊ مان ٿيا سجاڳ
ورهن کان جي ويا ڪل ماڻهون کليا تن جا ڀاڳ سڀاڳ
ڏوٿين جو ٿيو ڏڍ دلاسو، ڏاڍن لئه ڏهڪار ڀٽو

جمهوريت جي جهر مر تي هت جهانگين جهومي جمهريون پاتيون
ويون وهامي ويڙهه وطن مان، قهر سِتم جون ڪاريون راتيون
ٻُريون ٻيلن ٻنين ۾ هت، ٻاٻاڻن جون ٻوليون ٻاتيون
لک ڪروڙن ماڻهن جي هو، اکڙين جو آڌار ڀٽو

صدين کان پو سنڌ وطن جي ڌرتي جا دک دور ٿيا
ملڪ سندا سڀ مارو ماڻهون مست ٿيا مسرور ٿيا
ڪامورن ڪنڌ نيچ ٿيا ۽ چور وڏيرا چُور ٿيا
لُچ لغورن لوڀين جي لا ڏاڍي هو للڪار ڀٽو

سانگين ۾ هيءَ يار سرهائي، ساڙيلا سهي ڪو نه سگهيا
هن ديس سندا دگران وڏا، هو ڌاڙيلا سهي ڪونه سگهيا
مظلومن جي مُنهن تي مُرڪون ڪاڙهيلا سهي ڪو نه سگهيا
ڪرڻو قاتل باطل کي هو، ڌرتي کان بس ڌار ڀٽو

مظلومن جي قائد پويان، قاتل ڪارا گڏجي ويا
نحس نڀاڳا نانگا ليڊر، نَوَ ستارا گڏجي ويا
جرنل ڪرنل ڪامورا ۽ جابر سارا گڏجي ويا
گرگن گيدين گڏجي ڦريو، ماڻهن کان منٺار ڀٽو

ايڪيهه مهينا قيدن ۾ ڀي، ڏينهن ڏکن جا گهاري ويو
هو ڪو نه وڪيو هو ڪو نه جهُڪيو، هو سرڙو قوم تان واري ويو
موت جي منهن ۾ مُرڪي مُرڪي، لوڀين کي للڪاري ويو
پير نه پٺتي هٽيو هو هڪڙو ڌرتي جو دلدار ڀٽو

ڇوٿين هئي اپريل اوڻاسي ماڻهون ماڻهون ساڻو هو
رهزن راتو رات کسي ويو، راڄن کان هي راڻو هو
مظلومن ۾ ماتم هو ۽ ڳوٺن ۾ ڳاراڻو هو
گهر گهر گهوڙا ويڪ هئي اڄ، ويو ڇڏي وڻجار ڀٽو