وڏيرا ڀوت ڪامورا
سڀئي مسڪين ماڻهن جي، ٿيا لڄ مال جا گهورا
پيون هي اڄ لڄون لٽجن هتي نورين(1) نماڻين جون
سجاول(2) ۾ ننڊون ڦٽيون، سڀن ننگدار نياڻين جون
ڪي بنجيو ڀوت ۽ باندر لڄون لڪيو لٽن لورا
ڪلارڪ کان وٺي صاحب وڏي تائين کپي رشوت
سپاهي ايس پي سوڌو، ڏئيو جهڙتيون جهپي رشوت
هُو آفيسن اندر ويٺل، اَٿو سڀ نانگ ۽ نورا
تپي کان تعلقي تائين، هڙئي هڙٻوڙ حاڪم هت
ضلعي کان سنڌ سڄي تائين ٿيا ٻيڙي ٻوڙ حاڪم هت
ڍَلن مان ڍؤ نه ڍونگهين کي ڇڏيئون وڪڻي ڍنڍون ڍورا
ڏين هي ووٽ جنهن کي ٿا، سو ٿاڻن تي ڪُٽائين ٿو
ڪراچي ۾ رُلائين ٿو، بنا ڪنهن ڏوهه جهلائين ٿو
وڃن آخر وڃن ڪيڏانهن ڀلا هي ڀونءَ ڌڻي ڀورا
هنن بي واهه وانگين جو، هتي ڪوئي سڄڻ ڪونهي
وزيرن ۽ مشيرن مان ته ايندو ڪو پڇڻ ڪونهي
هُنن هڙٻوڙ ماڻهن کي، ڇو هيڻن جا ٿين هورا
پنوهارن پٽ پيائي ۾، ڀلا ڀرتي ڪڏهن ٿيندا
۽ ڪسٽم ۾ ڪنگالن جا، ڪَلها ڀرتي ڪڏهن ٿيندا
وڏيون جايون وٺي ويٺا، وڏيرن جا چريا ڇورا
نڀاڳو ڇورو ڊي سي جو، به ڊي سي ٿئي، ضروري آ؟
هجي پٽ رول رئيساڻو سو اي سي ٿئي ضروري آ؟
وڏين ڪل نوڪرين کان ڏين مسڪين هي مورا
هنن پورهيت پنوهارن کي، ٺڳيو هر ڪنهن ته ٺوڳي آ
هتي هر هڪ مٿيون ماڻهون، بنيو رهزن ۽ روڳي آ
وتن سي ويس بدلايو، ڪڏهن ڪارا ڪڏهن ڳورا
ڀري جن بيگرون چٽيون، پڙهايا پٽ هي پنهنجا
ٻڌي جن پيٽ تي پٽيون، پڙهايا پٽ هي پنهنجا
انهن با ڀاڳ ڀاڳين جا ڀُري اڄ ڀاڳ ٿيا ڀورا
الا ڇو احمقن وچ ۾، اچي آهن اڙيا “سانگي”
نه جن جو ڪو وسيلو وس، نڪو واهر نڪو وانگي
پون پيا تن کي دردن جا هتي دم دم اندر دؤرا
1. نوري پليجو نالي عورت جنهن جي دڙي شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ عزت لُٽي ويئي هئي.
2. سجاول شهر ۾ مهيني ڏيڍ تائين ڀوت وارين خبرن سبب ننگدار نياڻين ۽ شهرين جون ننڊون ڦٽي ويون هُيون.