لُڙهن پيا لاش لهرن ۾
لُڙهن پيا لاش لهرين ۾، سُڃو ٿي ويو سڄو ئي تر.
هزارين ٿيا هُڙا غائب، لُڙهي لانچون به ڪئين ويئون،
بنيا بي واهه ماڻهو هت، بچي ڀيڻي نه ڪائي ڀر.
وڻن کي واءُ ايئن ڌوڻيو، ويا پٽجي سي پاڙن کان،
تباهه طوفان ۾ ٿي ويا، غريبن جا گهرن جا گهر.
ملاح ۽ مانڌريه، منڌرا، اچي ويا موت جي مُنهن ۾،
منهه ۽ مال ماڻهو ڪُل، ويا ويرن جي چڙهي وَر.
جوهي جيئند ۽ جاتي کان، وڃي راڄي رسيو پاڻي،
زيادهه زور هو زيري تي، ڇڏيئن ان کي بنائي بر.
حياتي ۾ نه ههڙو ڪو، تِکو طوفان سنڀرون ٿا،
چيو پي پيرسن وجهندي، پُٽن جي لاش کي ڀاڪر.
سڙيل ها لاش اهڙا جو، سڃاڻپ کان ويا نِڪري،
جنازن ۾ نه جن جي ٿيا، ڪٺا ڪانڌي سڳا ڀائر.
نڪو تن تي نمازون ٿيون، نڪو تن کي ڪفن مليو،
دفن ڌرتي ۾ ٿي ويا سي، ننڌڻڪا ۽ ننگا نينگر.
ڪمند ڪيلا ڪنا ٿي ويا، سڙي ساريون ويون ساريون.
انبن جا باغ اُکڙي ويا، نه نالي ۾ رهيو نمبر.
ٺٽو توڙي بديڻا ٻئي، ضلعا آفت زدهه آهن،
ٿين پيا تعلقن پنجن سندا احڪام ۽ آرڊر.
پنجابي جي ٻُڏن ها ۽ لُڙهن ها ايئن لهرن ۾،
ٿئي امداد ها عربن جي هُجن ها هڙ اُتي حاضر.
سٻاجها هي سنڌي سهڻا، سُڻا ‘سانگي’ وڃن ڪيڏانهن،
هتي جا بي حيا حاڪم، هتي ٿيا لالچي ليڊر.
* 20 مئي 1999ع تي آيل سامونڊي طوفان ۽ برسات تي لکيل جنهن ۾ جاتي، شاهبندر ۽ بدين، گولاڙچي جا سوين ماڻهو مري ويا، فصل تباه ٿي ويا، گهر ڪري ويا، مال مري ويا، هزارين وڻ ڪري پيا.
\