شاعري

ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا

هي ڪتاب “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” محترم سرويچ سجاولي صاحب جي فرزند ۽ سندس ئي دڳ تي هلندڙ ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي جو پهريون انقلابي شعري مجموعو آهي. اڄ حبيب الله سانگي ته اسان ۾ناهي رهيو پر سندس شاعري موجود آهي.
Title Cover of book ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا

من وري ميمبر ٿيان

چئي اڳوڻا عيش ساريو، من وري ميمبر ٿيان.
نانگ ڪاري جيئن نهاريو، من وري ميمبر ٿيان.

ياد ننڊ ۾ ٿا جڏهن، هن کي اچن سائرن سلوٽ،
گهر ڇڏي سارو اُٿاريو، من وري ميمبر ٿيان.

اڄ ڏسيو اوطاق خالي، وار پنهنجا پيو پٽي،
ڪجهه گهڙيون مون ساڻ گهاريو، من وري ميمبر ٿيان.

ڪالهه صوبيدار ۽ اي. سي به ايندو هو هلي،
اڄ ڇڏي هرڪو ٿو ٽاريو، من وري ميمبر ٿيان.

ڪالهه وِسڪي هئي ولاتي، ڇوڪريون ساقي هيون،
اڄ ٺري آ هانءَ ٺاريو، من وري ميمبر ٿيان.

اک نٿي جنهن جي ٻُڏي، هت ڪنهن به ماڻهوءَ جي مٿي،
اک اُنهيءَ مان اشڪ هاريو، من وري ميمبر ٿيان.

پرمٽون پاسون وٺي، جنهن نوڪريون ناڻي وِڪيون،
ڳڻتين ان کي آ ڳاريو، من وري ميمبر ٿيان.

ڪونه ڪم ڪنهن جا ڪيم، پر ڪو ڪريو پنهنجو ڪرم،
مون بليڪيءَ کي بيهاريو، من وري ميمبر ٿيان.

ڪالهه ڊي.سي هو ڊنو ۽ اڄ نٿو مُنشي مڃي،
مام ان مونکي آ ماريو، من وري ميمبر ٿيان.

پدمڻين سان پئگ پيئندي، جي رچيون راتيون هيون،
سي وجهن راتيون رئاريو، من وري ميمبر ٿيان.

مال ۽ ماڻهن سندا پو ڀُنگ وٺجو ڀائرو،
روز ماڻهو پو پيا ماريو، من وري ميمبر ٿيان.

چرس چالو ٿي وڃي، هيرون هلندي ئي رهي،
در ڌڻيءَ جي پيا پڪاريو، من وري ميمبر ٿيان.

ڪيفي ٽيريا جون ڪچهريون، ڪونه ٿيون وسرن ڪڏهن،
ڏينهن ‘سانگي’ سي ڏيکاريو، من وري ميمبر ٿيان.