رُت سانوڻي
اک ۾ ڪجل، چپ تي غزل، بُت ۾ اٿل، رُت سانوڻي.
گُلڙا سٿي، سيجن مٿي، هت سج لٿي، ڇڏيم ڪٿي،
هن بي مثل لا پل به پل، نظرون کتل رُت سانوڻي.
ماکيان مٺو، منهنجو مٺو، مون آ ڏٺو، سهڻو سٺو،
گم ٿي عقل ويندو اصل، ڏسندي مهل، رُت سانوڻي.
وارن گهنڊي هٿڙن منڊي، ڏينهن ننڍي، سهڻي ونڊي،
انگ انگ انگل، دم دم دنگل، جهنگ ۾ منگل، رُت سانوڻي.
مينهڙا وسن، گُلڙا ڦُٽن، واعدا وچن پنهنجا پُڄن،
دلبر هلن، دليون کلن، ڀرجن بغل، رُت سانوڻي.
اکڙيون ته بس اهڙيون اٿس، مارن اوس ٿي بي ترس،
ترسن نه تل، هڪ ٽڪ اجل، تن جو شغل، رُت سانوڻي.
جنهن دم کنئين، سڌيون سنئين، اهڙيون هنيئن سُڌ مان، نئين
ٿي ويا قتل، محبت مُٺل، قربن ڪُٺل، رُت سانوڻي.
ڳاڙهن ڳلن، چپڙا گهمن، ڀوري بدن هٿڙا ڦرن،
ڀاڪر پيل ڀر ۾ سُتل، بتڙو ڀنل، رُت سانوڻي.
‘سانگي’ سڄڻ آيو اڱڻ، پاڻهي پُڇڻ، مُرڪي ملڻ،
جل لوڪ جل، ڀڄ ڀڄ چغل، ڪر ڪيمِ هُل، رُت سانوڻي.