اليڪشن اچي پئي
ٿين قرب ڪيڏا، پيا جاهل ڄٽن تي
ملن کوڙ کاڌا، کڄيو پيا کٽن تي
وري لٽ آهي، لڳي تن لٽن تي
وري ديڳ درتي، پُلا جي پچي پئي
انهيءَ مان ٿو سمجهان، اليڪشن اچي پئي
وڏيرن اوطاقون، ڇڏيون کوڙ کولي
مِٺوءَ کان به مٺڙو، وڏيرو پيو ٻولي
ڏسي پيو سو هر ڪنهن کي ڳولي وڙولي
پري کان ئي آهي، ڏني ڍڪ ڍولي
وري رات تائين ڪا رؤنق رچي پئي
انهيءَ مان ٿو سمجهان، اليڪشن اچي پئي
چٺو فاتحا جو، نئين سر ٺهي پيو
ملڻ لاءِ مُرڪيو، لُٽيرو لهي پيو
۽ راڄن ۾ راتيون، رضا سان رهي پيو
تکو طعنو تنڪو صبر سان سهي پيو
وري بد نظر کان ڀڳل رَن بچي پئي
انهيءَ مان ٿو سمجهان، اليڪشن اچي پئي
ڪراچي جون ڇوريون، ڇڏي هاڻ آيو
لڏي سان لُٽيرو، لڏي پاڻ آيو
سڀئي چور چمچا، سڏي ساڻ آيو
آيو ڀوتار ڀلجي، ڀڏي ڀاڻ آيو،
وري گاڏي اُن جي ته گپ ۾ گچي پئي
انهيءَ مان ٿو سمجهان، اليڪشن اچي پئي
وري چونڊ چمچن ۾ چُرپُر ڏسان پيو
هينئن ۾ هڙن جي ڪا هُر کَر ڏسان پيو
لُٽيرن جي دردر ڪا لُر لُر ڏسان پيو
ڪنن ۾ ته ساڳئي مان سُر پُر ڏسان پيو
وري ماڳ هر ڪنهن ڪا محفل مچي پئي
انهيءَ مان ٿو سمجهان اليڪشن اچي پئي