شاعري

ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا

هي ڪتاب “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” محترم سرويچ سجاولي صاحب جي فرزند ۽ سندس ئي دڳ تي هلندڙ ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي جو پهريون انقلابي شعري مجموعو آهي. اڄ حبيب الله سانگي ته اسان ۾ناهي رهيو پر سندس شاعري موجود آهي.
Title Cover of book ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا

لڳن ڏنڊا پيا ڌرتيءَ تي

ڪِرن ڪوسي نئين رت جا، ڇوها ڇنڊا پيا ڌرتي تي
ڏسان ڏوٿين ڏنڊا ٻيڙيون، لڳن ڏنڊا پيا ڌرتي تي

ڪڏهن يوسف ڪٺو ويو آ، ڪڏهن ڀاڳيا بهاول(1) ۾
ڪڏهن موري مئا مانجهي ڪڏهن سانحو سجاول(2) ۾
وجهو ورديون وتن ڦرندا، چوها چنڊا پيا ڌرتي تي

بنائي بک بنگالين کي، وري موٽيا مڪڙ آهن
وري تاريخ ميسارڻ، وڌا ويرين وڪڙ آهن
ڳڙن ڳاڙهي گرم رت جا، ڳڙا ڳنڍا پيا ڌرتي تي

اسان جي ميمبرن جي مت، شرم شايد ويو وڪجي
وفائون سي ڇڏن وڪڻيو، درن ڌارين مٿي ڌڪجي
وڇائن سي ته وانگين لئه ڪڙا ڪنڊا پيا ڌرتي تي

اسان جي نوجوانن کي، زنجيرن ۾ آ جڪڙيو ويو
بنا ڪنهن ڏوهه دودي(3) ۽ آ آريسر(4) کي پڪڙيو ويو
هڻن هو ڏنگ ڏيهين کي انڌا منڊا پيا ڌرتي تي

مٺن مارن کي مارڻ لا، هئي هر چؤڪ تي چؤڪي
ڪٺا سنڌي ڪراچي ۾ اڃا آ ڳالهه ڪالهوڪي
اچن الطاف جا ڀائر، کپر لُنڊا پيا ڌرتي تي

وڄائيو ڊيسڪون ويٺا، مهاجر مُنهنڪارن سان
هُجي آن کي ته ٿُڪ پُٽڙا، وڃي ويٺا غدارن سان
لڄائيو پيا لڄون پنهنجون، رنبا رنڊا پيا ڌرتي تي

ڪڏهن هت قيد کوکر ۾، ڪيا ويا قيد ڪُل هاري
بنائي قيد خانو وئي، سموري سنڌ اڄ ساري
ڪُسن پيا روز ڪئين ڪونڌر وڏا ننڍا پيا ڌرتي تي

ڪڏهن ڪاڙهيو آ ڪامورن، ڪٿي وستيون وڏيرن جون
مُلن ماڻهون منجهايا ڪٿ، ڪٿي مستيون مشيرن جون
جلائن روز جابر هت جهڳا جنڊا پيا ڌرتي تي

اسان جي ليڊرن کي اڄ نه ‘سانگين’ سار ٿي گهرجي
گهڻن کي گُهرج ڪُرسي جي گهڻن کي ڪار ٿي گهرجي
هلن هو بي حيا اڄ ڀي هڻيو جهنڊا پيا ڌرتي تي


1.ٽنڊو بهاول جتي فوجين وحشياڻي ڪاروائي ڪري ڪيترائي نوجوان شهيد ڪري ڇڏيا هئا.
2. 7 جون 89ع تي سجاول پوليس بربريت ڪندي هڪ ماڻهو مارڻ سان گڏ سوين شهري گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بنايا هئا
3. دودو مهيري
4. عبدالواحد آريسر