هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو
ويرين ۽ واڍوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.
مُرڪن مَهڪن وارو ماڻهون يارن جي هر محفل ۾،
ڀوڳن چرچن ساڻ ڀريل هو، ڀارن جي هر محفل ۾،
ٽهڪن ۽ ٽاڪوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.
هنئير جي هو جڳلو پنهنجو جوڙ سلامت جوڙ هجي ها،
ايوانن ۾ اڄ به انهيءَ جي گُفتن جي گَجگوڙ هجي ها،
ميمبر گونگن ٻوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.
تنهنجي موت اَمرتا پاتي تنهنجي لا ڇاڇا نه پڙهيا ويا،
تنهنجي يار حياتي لائي، ڪلما ۽ قرآن پڙهيا ويا،
جوان ۽ ٻارن پوڙهن جي لا، هڪڙوئي جڳديش گهڻو هو.
دگران جُهڪائي ڄام ڇڏيا، جن ويٺي اُن جا ڏور ڏنا،
جڳديش جُهڪائي ڪو نه سگهيو، هن ظالم ڪيڏا زور ڏنا،
ڄَرڪن ۽ ڄاموڙن جي لا، هڪڙوئي جڳديش گهڻو هو.
اَقليت وارو ووٽ نه هاڻي ملندو، ڏنڊي ڏوڪڙ تي،
چيو ملاڻي هاڻ نه ٿورو، ٿيندو راڻي رانگڙ تي،
ڀڳتن ۽ ڀاڳوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.
ٻيلي مان جيئين ڪاٺي سُهڻي، ڳولهي ڳولهي وڍي واڍارو،
ماڻهن مان ائين موت به چونڊي، ماڻهون ماريو مور مڻيارو،
سائين ۽ سرموڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.
قائد جي هر حڪم مٿي هو، ڪُڏندو ڪُڏندو ايندو هو،
هلچل جو هو، هوڪو لڳندو، اُڏندو اُڏندو ايندو هو،
جيلن ۽ جاکوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.
* محترم جڳديش ملاڻي جي ورسي تي مٺيءَ ۾ چيل.