بندا ڇو بي شرم ٿي ويا؟!
ڪٿي معصوم نينگر سان، ڪٿي مظلوم نياڻي سان
ڪٿي ڪنهن جو گلو گهٽيو، ڪٿي بازو قلم ٿي ويا
خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا
بگهڙ ٿي ويا، بنهه ماڻهون، مِرن واري اٿن مستي
نون سالن جي نياڻين سان، زنا زوري زبردستي
هوس ۽ حرص جي هيٺان، دفن سارا ڌرم ٿي ويا
خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا
ڀياڻي(2) جي ته ڀرپاسي لُٽي آدم جي پوٽي آ
اُگهاڙي اڌ مُئي عورت، مٿو ڪوڙائي موٽي آ
پُٺا ۽ پير پوڙهي جا نستا ۽ نرم ٿي ويا
خدا تنهنجا ته خلقيل هي بندا ڇو بي شرم ٿي ويا
چڙهن ٿا ور وحشين جي ڪٿي ڪنهن جا پسون پُٽڙا
اچن ٿا لاش تن جا ۽ رتو رت سان رنڱيل ڪپڙا
گلابي گونچ سي گُلڙا کڙڻ کان اڳ ختم ٿي ويا
خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا
گهٽيءَ گس مان گُهٽي گُلڙو، ويو وحشي جهلي جهنگ ۾
حوس جي اُڃ اُجهائڻ لئه، پيو دانگي ملي جهنگ ۾
گهُٽن گوگهن جي گردش ۾ هو ڀُورا بُت ڀسم ٿي ويا
خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا
وٺي ڌيءَ ويهه سالن جي، ڇڏيئون پوڙهي سان پرڻائي
عمر ساري اها عورت پِٽي ۽ پيئي پڇتائي
اُجاڙا اڄ به عورت لئه، حويلون ۽ حرم ٿي ويا
خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا
ڪنواري ڪنهن ته عورت جو، ڪيئون قرآن سان پرڻو
نڪا سا سيج تي سُمهندي نڪو ڪو سُک اٿس سرڻو
سندس جذبات ۽ جذبا، ته ناڪارهه نڪم ٿي ويا
خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا
ڪٿي مجبور عورت کي ڪري ڪاري ڪُهن ويٺا
سندس سڀ سيڻ ۽ ‘سانگي’ ڪريو رڙيون رئن ويٺا
مرم ماڻهن منجهان ويئڙو، بنهه سي بي مرم ٿي ويا
خدا تنهنجا ته خلقيل هي بندا ڇو بي شرم ٿي ويا
1.جاتي جي هڪ ڌنار نينگري ڌنا جنهن کي ڪن وحشين گينگ ريپ ڪري سندس مٿي جا وار ڪوڙي سخت تشدد جو نشانو بنائي ڪپڙن کان آجو ڪري گهر اُماڻيو هو.
2. مغل ڀين عرف ڀياڻي بادشاهه جنهن جي درگاهه جاتي شهر ۾ آهي