ماڻهون مست ملنگ هو ساگر
ٻارهئي جنهن جا ٻول ٻُريا ٿي، ٻيجل جو ٻيو رنگ هو ساگر.
سئن هڻي جنهن سُونهن گهري ٿي، سونهن سوا ٻي سُڌ نه جنهن کي،
روح انهيءَ جو رمتو جوڳي، ٻَڌي سگهي ڪا ٻُڌ نه جنهن کي،
پيار پريت جو پوڄاري ۽ عاشق دنگو دنگ هو ساگر.
ٽهڪن، ٽاڪوڙن سان جيڪو، ٽِلندو ٽِلندو ايندو هو،
پنهنجن کي هو پسي پري کان، کِلندو کِلندو ايندو هو،
سڳداسي ڄڻ سارين جو سو، سونو سهڻو سنگ هو ساگر.
هلندڙ ڪا تحريڪ هجي يا چونڊن جو چؤٻول هجي،
اسٽيجن تي بيٺل پو ير، ساگر ڍوليو ڍول هجي،
جڳ ۾ جاڳ ۽ جاڳرتا جو، چُرندڙ ڦرندڙ چنگ هو ساگر.
ساگر سُهڻو پاڻ به هو ۽ سُهڻن جو ساٿاري هو،
هر هڪ محفل ۾ سو ٿيندو، تُرت سڀن تي طاري هو،
نينهن نزاڪت ناز سندو سو، نيئي نيندو ننگ هو ساگر.
ڪي ڪي گهڙيون گهارئين اهڙيون، جن ۾ جهاڳي جيءُ نه سگهي ڪو،
پورن کي جيئن پيتو ساگر، تيئن ته تِڪي ۽ پيءُ نه سگهي ڪو،
جرڪي جرڪي جيئڻ جو بس، ڊولائيتو ڍنگ هو ساگر.
سڙي سڙي جنهن ڪئي سهائي، ماڻهون اهڙو مون نه ڏٺو ڪٿ،
مُرٽ نه جنهن جي مُنهن تي آئي، ماڻهون اهڙو مون نه ڏٺو ڪٿ،
ڏکن ڏنجهن ڏوراپن جا، ڏاڍا سهندو ڏنگ هو ساگر.
ڳڻپن ڳاڻيٽن کان جنهن ۾، ڳڻ ڳڻڻ کان ڳچ ها سارا،
شعر انهيءَ جا شهپارا ۽ صحيح صحيفا سچ ها سارا،
ٻولي جو هي ٻهڳڻ شاعر، ٻولي هڻندو ٻنگ هو ساگر.
سُڃ سجاول ساري ٿي وئي، ڀون سڄي ڀڙ ڀانگ الا،
‘سانگي’ پنهنجو ساگر سُهڻو، ويئڙو ڪهڙي سانگ الا،
لاڙ جو ليکڪ لاکيڻو هي، ڏاڍو تيز تفنگ هو ساگر.
* 11 مارچ 2000ع تي بٺوري ۾ ٿيل ارشاد ساگر جي ورسي تي چيل.