شاعري

سرور

مسرور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ تہ دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن.  مسرور دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جو شاعر آهي. مسرور سونھن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. مسرور سنڌي غزل کي اوج ڏنو ڏنو آھي. سندس نظم پڻ منفرد آھن.

Title Cover of book Suroor

مھاڳ

مسرور پيرزادي، پنھنجي پاران جيڪي ڪجهہ لکيو آهي، ان جو عنوان آهي ”حسن جي تخليق ۽ تخليق جو حسن“ ان ۾ هن پنھنجي شاعريءَ بابت ڳالھايو آهي. ۽ اُن تي ڳالھائي سگهجي ٿو. مثلاً هن لکيو آهي تہ ”مان پنھنجي لاءِ شاعري ڪئي آهي،“ ڳالھہ تہ صحيح آهي، پر سوال ٿو اٿي تہ پوءِ هن اُها شاعري ڇپائي ڇو آهي؟
شاعر جڏهن پنھنجي لاءِ شاعري ڪري ٿو، تہ پوءِ لکي بہ ڇو ٿو؟
بس ذهن ۾ اُها رکي ۽ جڏهن وڻيس، تڏهن ان کي ماڻيندو، چوڙيندو، لائيندو رهي. مون کي ياد آهي تہ منظور چيمبرس گاڏي کاتي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾، پيش ڪيل پنھنجي شاعريءَ تي ٿيل تنقيد جي جواب ۾ نعيم دريشاڻيءَ بہ ساڳي ڳالھہ ڪئي هئي ۽ ان تي ڪافي بحث ٿيو هو.
سو، شاعري جڏهن ڇپجي ٿي، تڏهن اها ساري جڳ جھان جي هوندي بہ، ان جي چڱاين جو ڪرئڊٽ جتي شاعر کي وڃي ٿو، اُتي ان جي لڱاين جو کاتو بہ شاعر جي نالي ئي کلي ٿو ۽ ان جو پڇاڻو بہ شاعر کان ئي ٿيندو، کيس ان جو جواب پڻ ڏيڻو پوندو. مثلاً مسرور جو پنھنجي پاران وارو عنوان ”حسن جي تخليق ۽ تخليق جو حسن“ جڏهن تہ سندس ئي هڪ شعر آهي.
ڇا پڇين ٿو تہ شاعري ڇاهي
شاعري عشق جي وڪالت آ
ممڪن آهي تہ اتي اهو چيو وڃي تہ ”اها وڪالت حسن جي ڪورٽ ۾ آهي“ مان نٿو ڄاڻان تہ عشق کي، جيڪڏهن اُهو واقعي عشق آهي تہ، ڪنھن وڪالت جي ڪا ضرورت آهي! اسين اهو چئي سگهون ٿا تہ شاعر کي پنھنجي شاعريءَ بابت نثر ۾ ڳالھائڻ گهرجي پر ڇا ڳالھائڻ گهرجي؟ اهو هڪ مسئلو آهي ڇاڪاڻ تہ شاعر توڙي جو پنھنجي لاءِ ئي جڏهن شاعري ڪري ٿو ( يا ٻين لاءِ)، تڏهن اُن ۾ ئي ڳالھائڻ جو هن وٽ بھترين موقعو هوندو آهي، جيڪو هن کي ڪڏهن بہ وڃائڻ نہ گهرجي. اتي وري هڪ ٻيو مونجهارو جنم وٺي ٿو تہ شاعري ڪبي آهي؟ يا ٿي ويندي آهي! جيئن عشق ٿي ويندو آهي يا اهي محض لفظ آهن؟ سکڻا، کوکلا لفظ!
شاعر جو پنھنجي شاعريءَ بابت نظريو رکڻ سٺي ڳالھہ آهي، پر شاعري خود هڪ نظريو آهي ۽ خود ”حسن“ ڇا آهي؟ ۽ حسن بس حسن آهي! شايد اهائي اُن جي بھترين تشريح آهي. حسن هڪ احساس جو نالو آهي ۽ بس، ان احساس کي شاعريءَ ۾ ڪيئن آڻجي؟ جو پڙهندڙ جي دل ۾ حسن يا اُهو احساس جاڳي. هتي آءٌ ”مارئي“ جو مثال ڏيڻ ٿو چاهيان (جن کي ڪي ”ماروي“ ٿا لکن!) لاکيڻو لطيف ان جي سُونھن هئين ٿو بيان فرمائي:
پکي ۾ پد مڻي، ڪرڏي ورا اڪ وڄُ،
سائي صورت سِڄُ، سائي مورت مارئي
پر اهائي سونھن اهوئي حسن هن لاءِ آزار بڻجي ٿو وڃي، پھرين تہ ڦوڳ جي من ۾ مير ٿو اچي. پوءِ جڏهن مارئي نٿي ملي تہ عمر آڏو هن جي سونھن ٿو بيان ڪري ۽ جڏهن عمر مارئيءَ جي سونھن تي هن کي مارئيءَ کي کوھہ تان کنڀي وڃي ڪوٽن ۾ ٿو ڪڙي، تڏهن هڪ ٻي مارئي اسان جي آڏو ٿي اچي، هوءَ اڻڀا سڻڀا نٿي ڪري، لوئي نٿي لاهي، پاڻ تي ماس نٿي چاڙهي ۽ ائين هوءَ پنھنجي سونھن (ظاهري) وڃائي ٿي ڇڏي:
سونھن وڃايم سومرا، ميرو منھن ٿيوم،
وڃڻ تِت پيوم، جت هلڻ ناھہ حسن ري
پر ان سان مارئيءَ جو حقيقي حسن، سچي سونھن اسان جي آڏو اچي ٿي، جنھن کي ڪا بہ فنا ناهي. جنھن کي دائميت آهي. اهو اندر جو حسن آهي. جنھن کي سيرت چئي سگهجي ٿو. ”حسن“ کي توازن بہ چيو ويو آهي ۽ اهو توازن صورت ۽ سيرت جي ميلاپ سان ئي ٺھي ٿو. ٻي ڳالھہ مسرور تخليق جي حسن جي ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾ پنھنجي مرشد شيخ جون ڳالھيون هن حوالي طور ڏنيون آهن، پر هن اياز کي ڪاپي نہ ڪيو آهي، جيئن ٻيا ڪري رهيا آهن. مسرور وٽ پنھنجي انفراديت آهي، ان ڪري ئي هو ٻين کان مختلف آهي:
شاھہ ڀي جو چيو، شيخ ڀي جو چيو،
سو نہ ورجاءِ، ڪر شاعري مختلف
مختلف هجڻ ۾ ئي شاعر جي انفراديت هوندي آهي.
سوچن جو صحرا، ريل دريءَ مان ٿو ڏسان!
صحرا جو ضد ڇا آهي؟ ضد لھڻ لاءِ هرکُر بہ ڇو؟ انھيءَ رات اسين سحر ۽ آءٌ، سنڌ يونيورسٽي پاران ملھايل علامہ آءِ آءِ قاضي فائونڊرس ويڪ جي سلسلي ۾ اردو شعبي جي احتمام هيٺ هڪ اردو مشاعري ۾ شريڪ ٿياسين. پروين ٽالپر ۽ هن جو گهر وارو سلمان بہ اسان سان گڏ هئا. پروين انگريزيءَ ۾ لکندي آهي سلمان بہ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ غني ماڻھو آهي. هنن منھنجا ۽ سحر جا نظم پسند ڪيا، باقي مشاعري لاءِ پروين جي راءِ مون کي ڇرڪائي وڌو، هن چيو ”سڄي شاعري ضد/ ابتڙن تي بيٺل هئي!“ ”بيٺل يا ويٺل؟“ مون پڇيو هو ۽ اسان چئن ڄڻن سحر، پروين، سلمان ۽ منھنجو هڪ گڏيل ٽھڪ ٻريو هو.
پروين ٽالپر جي راءِ تي مون کي پنھنجو هڪ شعر ياد اچي ويو:
تضادن تي بيٺل آهي
گيان اَگيان رهي ٿو جڳ ۾
پروين ٽالپر جي ان راءِ کي آءٌ مسرور پيرزادي جي شاعريءَ سان ٺهڪائڻ نٿو گهران، توڙي جو مسرور وٽ حسن/ عشق، حيات/ ممات، فراق/ وصال، وفا/ جفا، بقا/ فنا جو ورنن ڪجهہ سرس ئي آهي:
فراق تنھنجي منجهان مان نکارجي ويندس
وصال تنھنجو مليو جي تہ کارجي ويندس
مسرور جي شاعريءَ ۾ هڪ نواڻ آهي، هن لتاڙيل موضوعن کي بہ نئين انگ رنگ سان پيش ڪيو آهي، مثلاً موت، جيڪو زندگيءَ وانگي ئي پراسرار آهي ۽ وجود جي انھن ٻنھي ڇيڙن ابتدا ۽ انتھا، آر ۽ انت، شروعات ۽ خاتمي تي دنيا جي هر ٻوليءَ جي هر شاعر لکيو آهي، پر مسرور وٽ ان موضوع کي پيش ڪرڻ جو انداز الڳ آهي:
مري رڳو ملي سگهجي ٿو ڪنھن مُئل سان جي
تہ پوءِ اچانءِ ٿو مان، موت دور ڪھڙو آ.
صوفين وٽ محبوب حقيقي سان ملڻ جو واحد ذريعو موت آهي، مسرور بہ اهائي پرٿو پاري:

موت ملايو هوت سين،
موت! هجئي شاباش،
پوري آياسين.
ان وائيءَ جو ٿل ۽ پھرين مصرع بنان ڪنھن بہ ٽيڪا جي ئي ڏئي سگهجي ٿي:
اسان تنھنجو لاش،
پوري آياسين.
ايئن اسان کي آ لڳو،
ڌرتيءَ ۾ آڪاش،
پوري آياسين.
شايد، ”تخليق جي حسن“ مان اهائي مراد هجي، جنھن کي مان ”تزپڻو“ چوان ٿو.
مسرور پيرزادي هڪ ڀيري مون کي هي شعر بہ ٻڌايو هو:
جو خدا کي وڻي ويو هوندو
وقت کان اڳ ڇڻي ويو هوندو
اها هڪ غزل جي مطلع آهي، ”ڇڻڻ“ سان گل جو تصور اُڀري ٿو انسان بہ هڪ گل آهي ۽ هتي وقت کان اڳ مرڻ جي ڳالھہ آهي، ۽ اسان پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ، ڏک کي جهڪي ڪرڻ لاءِ اهڙا جملا چوندا آهيون تہ اهڙي ماڻھوءَ جي ﷲ وٽ ضرورت هئي، خدا پنھنجي پيارن کي پاڻ وٽ گهرائي وٺندو آهي. . خود ”وقت کان اڳ“ جو تعين ڪير ڪندو؟
ڪيترو اڳ؟ مثال طور جيڪي ٻار پيٽ ۾ ئي مري ٿا وڃن ڄمڻ کان پوءِ واري پھرين رڙ بہ نٿا ڪن! تہ ڇا اُهي ﷲ کي وڌيڪ پيارا آهن؟ بوسنيا، عراق، فلسطين، افغانستان... ۾ مڙهيل جنگ ۾ ڪيترائي ماڻھو، جن ۾ عورتون، ٻڍا، جوان، ٻار، وقت کان اڳ ڇڻي (مري!) ويا آهن تہ ڇا اُهي بہ خدا کي وڻي ويا آهن؟ اهڙا ڪيترائي سوال هڪ مطلع جي حوالي سان اڀرن ٿا اها بہ ان جي ڪاميابي چئي سگهجي ٿي ٻيو تہ مطلع ٻڌندي ئي ياد ٿي وڃي ٿي، جيئن تہ شاعر پاڻ باهيو آهي تہ هو پنھنجي لاءِ شاعري ڪري ٿو، ان ڪري اهڙو ڪو ذاتي انڀو بہ ٿي سگهي ٿو. اهڙا ذاتي تجربا اسان سڀني جا آهن، جن کان وقت کان اڳي ڪيترائي پيارا، گلن جھڙا ماڻھو وڇڙي ويا!
هن مجموعي ۾ ”بيت“ بہ آهن. ”بيت“ منھنجي پسند جي صنف آهي، ساڳئي وقت بيت هڪ ڏکي صنف بہ آهي ”بيت“ سنڌي ماڻھو جي مزاج وٽان آهي، ڪلاسيڪل شاعرن کان وٺي سگهڙن تائين بيت چيا ويا آهن. موجوده دور ۾ بہ بيت ”لکيا“ ويا آهن: طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي، الياس عشقي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، قلندر لڪياري، عزيز ڪنگراڻي، فياض چنڊ ڪليري، ۽ ٻين ڪيترن شاعرن بيت ”لکيا“ آهن، بيت جي گهاڙيٽي ۾ تہ تجربي جي گنجائش نہ آهي، پر ڪجهہ شاعرن ان ڏس ۾ ڪوشش ضرور ڪئي آهي. مثلاً مردف بيت، جئين مسرور جو هي بيت آهي:
سياري جي هن سيءَ ۾، ڏيھي ڏڪن ٿا،
ويچارا رمضان ريءَ، روزا رکن ٿا،
ڳوڙها ڳڙن ٿا، ڏسي ڏيھي ڏيھہ ۾.

ان ريت بي قافيا بيت بہ مسرور جي هن مجموعي ۾ آهن:
هتي هڪ ڳوٺ جي حوالي سان مسرور جي بيتن تي ڳالھائيندس ۽ ائين هن جي ڳوٺ ٻلھڙيجي جي حوالي سان پنھنجي ڳوٺ تي، بلڪ سنڌ جي ڳوٺن تي بہ ڳالھائيندس!
ڳوٺ اسان لاءِ اجنبي ٿي ويا آهن. ۽ شھرن ۾ اسين اجنبي ٿيندا پيا وڃون. ۽ اهو اجنبيت جو ڌُنڌ وڃي ٿو گهرو ٿيندو. اسين جيڪي پڙهڻ. نوڪريءَ يا ڪنھن ڌنڌي ڌاڙيءَ سانگي. پنھنجن ڳوٺن مان نڪري، پنھنجن شھرن ڏانھن وياسين. ۽ اتي جي پيھہ ۽. زندگيءَ جي هڻ وٺ ۾ ڪٿي رُلي وياسين. سڄي ڏينھن جي رولڙي کان پوءِ، ڌڪا ٿاٻا کائي، ٿڪي ٽٽي، جڏهن پنھنجي مسواڙي ٿاڪ تي موٽياسين تہ. نہ بجلي، نہ پاڻي، نہ گئس، نہ ئي وري ماءُ جي ٻاجهارن هٿن جي پڪل ماني، نہ سرنھہ جو ساڳ نہ پلي جي ڳڀي، نہ ڏڌ جو وٽو!
مسرور پيرزادو ”ٻلھڙيجي“ جو آهي، جيڪو بہ منھنجي ڳوٺ ”ٽکڙ“ وانگر سنڌو جي ڪپ تي آهي، مون کي تہ پنھنجي ڳوٺ وئي ڏينھن ٿي ويا آهن. جڏهن تہ ڪو وقت اهڙو هو، جو منھنجا سڀ رستا ڳوٺ ڏانھن ويندا هئا غزل جي هيءَ مطلع (شايد!) ان دور جي عڪاس آهي:
شھر: زهر لھجا، نقاب هر چھري تي پاتل
ڳوٺ: گهٽيون ڄاتل، ماڻھو واقف، ڏيک سڃاتل

پر ان کان پوءِ هڪ وقت اهڙو بہ آيو، جو:
ڄائس جتي پليس مان، نپنس وڏو ٿيس مان
اڄ وائڙو پريشان، ان ڳوٺ جي ڳليءَ ۾!

يا ”بند گهٽي“ نظم: پر سچ ڪري پڇو تہ مسرور پيزادي جا، ڳوٺ جي حوالي سان هي بيت پڙهي مون کي هڪ ڀيرو وري پنھنجو ڳوٺ ياد اچي ويو. ۽ منھنجي اکين ۾ ستارا لھي آيا.
سو مسرور پيرزادي پنھنجي انھن بيتن ۾ ڳوٺ جي ياد جي انڊلٺ تاڻي ڇڏي آهي. ”ٻلھڙيجي“ جيڪو موهن جي دڙي جي ڀرسان آهي. جتان شاه لطيف جو عاشق ۽ ڄاڻو انور پيرزادو اڀريو ۽ سنڌيءَ شاعريءَ کي هڪ نئون رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. مسرور پيرزادي جو خمير بہ ان ساڳي مٽيءَ مان جڙيو آهي، جنھن جي سڳنڌ هن شاعريءَ ۾ ڀري ڇڏي آهي سو انھيءَ شاعريءَ مان اهڙي واس وٺڻ لاءِ ئي مون هي بيت چونڊيا آهن.
مون کي خبرناهي تہ ”ٻلھڙيجي“ جو حال هن وقت ڪھڙو آهي؟ جنھن کي ڪراچيءَ جي تيز رفتار. دونھاٽيل ۽ اوپري زندگيءَ ۾ مسرور، ياد ڪري رهيو آهي، هونئن اسان جي ڳوٺن ۽ شھرن جو حال ڏاڍو هيڻو آهي. ”سنڌو“ جيڪو سانوڻ توڙي سياري ۾ پيو وهندو هو ان ۾ بہ ڊيمن شيمن جي ڪري واري پئي اڏامي. اسان جا شھر، جن جي آبادي پوري پُني هوندي هئي ۽ اهي صاف سٿرا هوندا هئا، اتي هاڻي آباديءَ وڌڻ ڪري مسئلا بہ وڌيا آهن. ڳوٺن مان توڙي ٻين صوبن مان ماڻھن جي انھن شھرن ڏانھن لڏپلاڻ جي ڪري بہ انھن شھرين جو حشر نشر ٿي رهيو آهي. رستا کوٽيا پيا آهن. گٽر اٿليا پيا آهن. مھانگائي چوٽ تي آهي. مينھن پوي ٿو تہ ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ پاڻي بيٺو آهي. ان جي مک رستن تي ٽرئفڪ جام ٿي ٿي وڃي. ڳوٺ جي حالت تہ انھن کان بہ ابتر آهي، اڳي ڳوٺن ۾ ”ٿورو کٽيو. گهڻي برڪت“ هوندي هئي!
آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏيھاڙي سومرا

هڪ ڏينھن جي ڪمائي بہ ٻہ ٽي ڏينھن هلي ويندي هئي، غريب غربو، مزور مڙو، هاري ناري بہ پلي جو چوٿو يا اڌ پاءُ گوشت وٺي سگهڻ جي سگهہ رکندو هو نہ تہ بہ اوڌر جي ماءُ اڃا بہ مري نہ ويئي هئي، ڪنھن واڙي يا آرڻ تي وڃبو هو تہ گدرا، ونگا، ميھا، ڇانھيون... وٽ طور وٺي اچبا هئا، لُلر، مَريڙو بہ ٻنيءَ مان وڃي پٽي اچبو هو. مينھن وسندو هو تہ کنڀيون جام ٿي پونديون هيون. منگها، ڱاڱيون بہ کوڙ ٿي پوندا هئا، پيرون، ڏونرا، دود ڦلا، گرگالون، گولاڙا تہ جتي ڪٿي نونر لڳاپيا هوندا هئا، ليا پڪا پيا هوندا هئا، انھن تي نہ واهيت، نہ ڪي چاري هئا! ڍنڍن ڍورن ۾ تلائن ۽ کڏن ۾ سينگار ڪوڻيون، ڪُم ۽ لوڙھہ هڪياتڪيا هوندا هئا، هر ڪنھن جي گهر اڳنڌ ۾ ڪا مينھن، ڍڳي نہ بہ ٻڪري تہ هوندي ئي هوندي هئي. ڀاڳين جا ڀاڻ ڀريل هوندا هئا، تڏهن اڃا ايتريون هوٽلون نہ هيون کير وڪڻڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو. ڳوٺ جو وڏيرو، چڱو مڙس ڳوٺ لاءِ ڇپر ڇانو، هوندو هو ننگ سڃاڻندو هو. اڙيءَ اوڏيءَ پنھنجي راڄ جي هر طرح واهر ڪندو هو. رانديون رونديون، ميلا ملاکڙا، ڪاڄ سڪاڄ، ريت نيت، سرسنگيت، ڪچھريون اهي سڀ، ڪھڙي ٻوڏ آئي، جنھن ۾ لڙهي ويون!؟ هاڻي تہ انھن ڳوٺن ۾ بدامنيءَ جو واسينگ ڦڻ ڪڍيو ويٺو آهي. پر ”واسينگ“ ويچاري جو تہ رڳو نالو بدنام اهي، نہ تہ اهو ماڻھو ئي آهي، جيڪو ماڻھوءَ جو ويري آهي، اڳي جتي سڄي ڏينھن جي پورهئي کان پوءِ ماڻھو رات جي ماني کائي ڪچھريون ڪندا هئا. ڏور بيت ۽ ڳجهارتون ڏيندا ويندا هئا، رانديون رونديون ڪندا هئا، يا ڪنھن رس رهاڻ ۾ هليا ويندا هئا ۽ وڏڙيون ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائينديون هيون. اتي هاڻي ماڻھو سنجهي کان ئي گهرن ۾ واڙجي ٿا وڃن! سنڌ کي انھيءَ اگري صورتحال مان ڪئين ڪڍجي؟ ان ڏس ۾ يقيناً شاعرن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن کي نہ رڳو پنھنجي ڪردار ۽ عمل سان پنھنجي ٻوليءَ کي، پر ان جي ڳالھائيندڙن کي بہ بچائڻو آهي. بلڪ اڃا بہ جيڪڏهن ائين چوان تہ هڪ شاعر کي سموري انسانذات کي بچائڻو آهي.
انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي ان ڏس ۾ ورتل ڪوشش جي وڏي ضرورت آهي، سو اچو تہ اهڙي ڪوشش اڄ کان، بلڪ هينئر کان ئي شروع ڪريون. هاڻي اچو تہ مسرور پيرزادي جا سندس ڳوٺ جي حوالي سان بيت پڙهون ۽ پنھنجي پنھنجي ڳوٺ کي ياد ڪريون.
هلو هلؤن ڳوٺ ڏي. ٻيرن ڪيا ٻير.
يارو! پنھنجا پير، ڳولن رستو ڳوٺ جو.

ننڍي لوڪون لوڏيو، ڏکن پينگهي ۾،
وڏا ٿي وياسين، ڏک ڏسي هن ڏيھہ ۾!

آلين ڪاٺين تي پئي، ماني پچائي،
مڙس سندا هوءَ موچڙا، کوڙ پئي کائي،
ڇاتيءَ سان لائي ريجهائي ٿي ٻارڙا!

کاوان پلي مانڙي، سيڪي ٽانڊن تي،
جيڪر سياري ۾، هليو هلجي ڳوٺ ڏي.

چانھہ پيون ڪا چُلھہ تي، پنھنجن يارن سان.
پنھنجن پيارن سان، سيارو پيارو ڳوٺ جو.

ويڙهي سيڙهي پاڻ کي چلھہ پئي ٻاري،
ساريو پئي ساري، سياري جون ڪي راتڙيون.

مند مٽائي آ اسان، ڏينھن ڦريا هن ڀاءُ!
هاڻ تہ موٽي آءُ، پنھنجي پياري ڳوٺ ڏي.

سدارنگاڻي ”خادم“ نارائڻ شيام جي شعري مجموعي ”ڏات ۽ حيات“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”فني تخليق بہ روحاني عمل آهي. فني خدا روحاني تجربي ۾ انسان جن اُتاهين کان علم ۽ سياڻپ قاصر آهي. (ص 14)
ڪنھن بہ تخليق لاءِ فني لوازمات سان گڏ روحانيت جو هجڻ بہ ضروري آهي، بلڪ لازمي آهي. هتي روحانيت مان مراد ”روحاني وزن“ واري ناهي، پر ”پاڻ ۾ پيھي، روح رهاڻ“ واري آهي.
ساز رکيل ڀِتَ ساڻ،
بند اکيون، چُپ ڳائڻو،
راڳن ساڻ رهاڻ!
(شيام)

اها ساڌنا، تپسيا، رياضيت، ڌيان گيان ئي آهي، جن سان اُها مراد ماڻي سگهجي ٿي ۽ ان لاءِ نہ رڳو لاڳيتو لکندو/ ڇپجندو رهڻ ضروري آهي، بلڪ پنھنجي اتھاس جو اڀياس ڪندو رهڻ بہ ضروري آهي. شاعريءَ ۾ تجربيت، ابهام ۽ ايمان جو اُهاءُ ٿئي ٿو. اي، ڪمل جو چونڊ ڪلام ۾ لعل پشپ لکي ٿو تہ:
”سِٽ جي سڄي سونھن اُتي آهي، تہ اسان جي سامھون هوندي بہ اسان جي پٺيان آهي.“

انھيءَ ڪري ئي شاعري سمجهڻ کان وڌيڪ محسوس ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. ان کي سمجهڻ/ سمجهائڻ ۽ ان جي تشريح/ ڇيد ڪرڻ، ان جي ڳُڻن/ اوڳڻن کي بحث هيٺ آڻڻ تنقيد جو ڪم آهي، جيڪا اسان وٽ ناهي.
”ڪاڏي آخر پاڻ هلون ٿا؟“
”ڪانھي مون کي ڄاڻ، هلون ٿا.“

”ڄاڻ نہ هئڻ“ ”جي“ ”ڄاڻ“ جي اظھار جي اهميت آهي:

مون سين پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪِئا
”واٽون ويھہ ٿيون، ڪُھہ ڄاڻان ڪھڙيءَ وِئا؟“

واريءَ صورتحال ۾ پنھنجو پاڻ سونھون ٿيئڻو پوي ٿو اُن لاءِ ”سسئي“ ”بڻجڻو“ پوي ٿو ۽ انھيءَ سڀ جي لاءِ ”پنھوءَ“ جو هئڻ ضروري آهي.
ڳوٺ بہ ڳاڙها ريٽي رت سان،
شھر بہ رتو ڇاڻ هلون ٿا.

پر ڪيڏانھن؟
تاڏي
جاڏي واٽ وٺي وڃي!

مسرور پيرزادو گهٽ ڇپيو آهي. ان ڪري بہ جو اسان وٽ سنڌيءَ ۾ رسالا بہ نہ آهن. منھنجي راءِ اها هئي ڪنھن وقت ۾ تہ هڪ شاعر جو ڇپجندو رهڻ ضروري آهي، جيئن هو پڙهندڙن تائين پھچندو رهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پڙهندڙن جي راءِ بہ هن تائين پھچندي رهي، مشاعرن ۾ بہ هن جي شرڪت لازمي آهي، توڙي جو ذوالفقار راشديءَ چواڻيءَ تہ مشاعرن ۾ Popular Poetry ئي پيش ڪئي ويندي آهي. پر ائين هو ٻڌندڙ/ عوام سان سڌي رابطي ۾ اچي ٿو. پرهاڻي تہ مشاعرن جي حالت بہ اها وڃي رهي آهي، جو انھن ۾ بہ ذاتي/ گروهي مفاد جي جهيڙي ۾ هڪ شاعر دل جي دوري سبب لاڏاڻو بہ ڪري ويو! ۽ مشاعرو پوءِ/ ”چالو“ رهيو! رسالا بہ ائين ”هالو چالو“ ٿي ويا آهن! سو ان صورتحال ۾ جيڪڏهن مسرور ائين ٿو چوي تہ هو شاعري پنھنجي لاءِ ٿو ڪري تہ هو پنھنجي ليکي صحيح بہ آهي ۽ هر شاعر شايد ائين ئي سمجهي بہ ٿو!
پر اهو تہ هو شاعري پنھنجي لاءِ ڪري ٿو، هن جو شعور آهي، پر جئين تہ هو شاعري پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪري ٿو، جنھن کي انيڪ خطرا آهن. ۽ ان ۾ وڏي ۾ وڏو خطرو اُن ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ ئي آهن، خاص طور ”لکندڙ“ جي بنيادي ذميواري پنھنجي ٻوليءَ ڏانھن آهي تہ هو ان کي بچائي ۽ وڌائي، انھن لکندڙن ۾ بہ خاص طور شاعر جو اهو پنھنجو فرض آهي تہ ٻوليءَ کي بچائي ۽ وڌائي، جيئن ٽي ايس ايليٽ چيو آهي، ۽ لاشعوري طور مسرور پيرزادو بہ ان ڏس ۾ سرگرم عمل آهي، نہ تہ اڪثر شاعر تہ ”ولائتي ڪٻر، سنڌ ۾ مئنا“ واري احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهن ۽ اڙدوءَ جو مٿن ايڏو تہ اثر آهي، جو سندن لھجو ئي ڌاريو ٿي ويو آهي. ۽ اهي ”پراين دلھن تي احمقن وانگرنچي“ رهيا آهن. انڪري بہ، هڪ شاعر لاءِ پنھنجي اتھاس جو اڀياس لازمي آهي. مثال طور جيڪڏهن بيت لکو ٿا تہ لوڪ/ ڪلاسيڪل/ نيم ڪلاسيڪل/ نئين دور جي بيت جو مطالعو ضرور آهي ۽ اهو شرط سڀني صنفن سان لاڳو سمجهڻ کپي.
شاعري گهراين کي لڀڻ، وسعتن کي ڇھڻ، ۽ اوچاين تائين رسڻ جو جتن آهي، ان ۾ ڪيتريقدر ڪاميابي ٿئي ٿي، اهو هڪ الڳ مسئلو آهي، پر شاعر کي اهڙو اُدم ضرور ڪرڻ کپي ۽ ظاهر آهي تہ اهو اُدم هن جي شاعريءَ ۾ ئي لڳي ٿو ۽ منھنجي راءِ ۾ مسرورپيرزادي جي شاعريءَ ۾، ڄاتي، اُڄاتي، اهڙو اُدم ملي ٿو:
روئي ويٺي ماءُ، تنھنجي کٽ خالي ڏسي

ستن لفظن ۾، هڪ ماءُ جو درد اوتڻ ڪو ايڏو سولو ناهي. اهو درد صرف شعر جي سٽ ۾ ئي اوتي سگهجي ٿو. ڪيڏي نہ سادي ۽ ساڳئي وقت ڪيڏي نہ گهري سٽ آهي! ان وائي ۾ ماءُ، ڀيڻ، وني/ مڱيندي/ پريمڪا جي احساسن جي بہ اُڻت ٿيل آهي. ۽ وراڻي!! تنھنجي کٽ خالي ڏسي مھرڪن سان ڦٻِو بيٺو آهي. ۽ آخري ٻن مصراعن ۾ زندگي ۽ وڇوڙي جو ذڪر آهي:
ڪا نہ وڻي ٿي زندگي
ڪونھي ان ۾ ساءُ
تنھنجي کٽ خالي ڏسي!

گهرو ٿيندو ٿو وڃي
روز وڇوڙي گهاءُ
تنھنجي کٽ خالي ڏسي!

شاعري اُهائي اسان جي ترجمان بڻجي ٿي، جيڪا اسان کي ڪا سوچ ڏئي ٿي. ٻئي بند ۾ ئي اسان کي پتو پئجي ٿو وڃي اهو ڪردار زندھہ آهي. ڪھڙي ”هائيءَ“ ۾ هليو ويو آهي؟ ڪٿي کنڀجي ويو آهي؟ هن جي اچڻ جي آس وري بہ زندھہ آهي. ان ريت مسرور جي شاعري پڙهي، ان احساس جي زندھہ هجڻ جو ويساھہ ٿو جاڳي تہ شاعري ٿي رهي آهي. عشق بہ موجود آهي. تہ حسن بہ ۽ شاعر بہ:
سواءِ عشق جي دل کي سُرور ڪھڙو آ
اوهان جي سونھن سوا ڪو بہ نُور ڪھڙو آ
شعور، ساڃاھہ، سرت، ڄاڻ، پرائڻ جو واحد وسيلو رڳو اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ نہ آهي. جي ايئن هجي ها تہ اڄ سنڌي، توڙي سڄي دنيا ۾ امن ۽ آسودگي هجي ها، سونھن هجي ها، پيار هجي ها، هيئن انسان هٿان انسان جي تذليل نہ ٿئي ها.
ها! هئين آدم، جيڪو اشرف المخلوقات آهي، آدم جي هٿان رسوا نہ ٿي ها. ڦرجي، لٽجي، ۽ مارجي نہ ها! آزاد انسان کي ڪو غلام نہ بڻائي ها. مذهب/ ڌرم، سائنس/ فلسطو، نظريو، اخلاقيات، فن، هنر، راڳ، سنگيت، گرنٿ، صحفا سپرپاور، يو اين او هن دنيا کي بدزيبي ٿيڻ کان بچائي سگهيا آهن؟ نہ! شاعري ايئن ڪري سگهي ٿي، پر شرط آهي تہ اُها شاعري هجي، جيڪا جاهليت کان علم ڏانھن اونداهيءَ مان روشنيءَ ڏانھن نراس مان آس ڏانھن اسان کي آڻي سگهي، اسان کي پنھنجي وجود جو شعور بخشي سگهي: پنھنجو پاڻ پڙهڻ تي اسان کي اُڀاري سگهي:
پڙهيئہ نہ پاڻ، رڳو اُٺ پڙهيئہ ڪتابن جا،
وجود پنھنجي بنان، ڪو شعور ڪھڙو آ!


امداد حسيني
ڄام شورو سنڌ