تنھائي
جنھن چوڌاري
آھہ سمندر تنھائيءَ جو –
ماڻھو ڪيڏو تنھا آھي،
ڪو بہ نہ آھي
جيڪو ھن جي پيڙا ڄاڻي،
کاٽ ھڻي جو من ۾ ھن جو درد سڃاڻي –
ماڻھو تنھا آيو آھي،
تنھا ئي ھو وڃڻو آھي،
روز ھجومن ۾ رھندي ڀي،
ھر ڪو تنھا تنھا آھي،
ھر ڪو ماڻھو آھہ پرولي،
جيڪا ڪنھن کان ڪو نہ ڀڄي ٿي،
ميڙن ۾ ھي مرڪي ماڻھو،
ڪنڊ وٺي ٿو تنھا سڏڪي.
ھر ماڻھو ڪا دنيا آھي،
دنيا، جنھن جا راز جدا ھن،
نتِ نوان انداز جدا ھن.
ھر ماڻھوءَ کي ساٿي آھن،
تنھائيءَ کان دور ڀڄڻ جا،
جيڪي صرف بھانا آھن،
تنھائيءَ کان ڌيان ھٽائڻ
جي لئہ سڀ زمانا آھن.
پر ھن تنھائيءَ کان آخر
ڪيسين ڌيان ھٽائي ماڻھو؟
تنھائي جا آھہ حقيقت –
تنھائيءَ جو ھيءُ سمندر
ھوريان ھوريان روز جزيري
جيون جي کي پائي ٿو،
نيٺ سمندر تنھائيءَ جو،
ٻوڙي ٿو
ھيءُ جزيرو جيون جو –
*