تيرھن سالن جي ننڍڙي ڇوڪري
اڄ بڻي آ ڪنوار پوڙھي شخص جي.
ھوءَ ھاڻي ماءُ سان سمھندي نہ ڪو،
ماءُ، جيڪا ڇوڪريءَ جي آ پناھہ،
ھوءَ ھاڻي مڙس پوڙھي ساڻ آ،
ساٿ جنھن جو ھوءَ سمجهي ٿي گناھہ.
ھوءَ يونيفارم پائي اسڪول جو،
ڪين ساھيڙين سان ويندي گڏ پڙھڻ،
ھا مگر ھوءَ پائي جوڙو ڪنوار جو،
ساھرين ويندي ھلي روئڻ، رڙڻ.
زيورن، ڪپڙن جو ٺاھيو ويو ھو ڄار،
ھوءَ جنھن ۾ ٿي مڇيءَ وانگر شڪار،
بُک لاھڻ لئہ ڪٺي وئي مڙس جي،
سنڌ جي نينگر رني ھئي زار زار.
رسم شاديءَ جي اھا آھي اڏي،
زندگي جنھن تي وڃي ٿي ھت ڪٺي!
تيرھن سالن جي ننڍڙي ڇوڪري،
اڄ بڻي آ ڪنوار پوڙھي شخص جي.
*