شاعري

سرور

مسرور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ تہ دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن.  مسرور دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جو شاعر آهي. مسرور سونھن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. مسرور سنڌي غزل کي اوج ڏنو ڏنو آھي. سندس نظم پڻ منفرد آھن.

Title Cover of book Suroor

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

آھي چوڏھينءَ چنڊ جي، ” ٻلھڙيجيءَ(1) ۾ رات،
ڪيڏي فطرت – سونھن آ، ڪھڙي ڪجي بات!
ھو ڀي پائي جهات، ٿو ڏسي موھن جو دڙو.

سخي شاھہ جمار تي، سومر واري رات،
وائي شاھہ لطيف جي، ميھر (2) جي آ وات،
”ڇا ۾ آھہ نجات؟“ روڳي روح پڇي پيو.

ڪيڏو منظر موھڻو، سنڌوءَ مٿان ٻگهہ،
سائين! ڏي سا سگهہ، جو ھي چِٽيان شعر ۾.

وڻن پويان ڳوٺ جي، ڏٺم لھندي سج،
ڏات تہ اھڙي ڏج ُ، جو ھي چِٽيان شعر ۾.

عيد بھانو آ رڳو، ڳوٺ وڃڻ آ عيد،
ڳوٺ ڏسي اڄ ديد، آھہ ٺري پئي اوچتو.

ڏياٽيون ساري ڏيھہ ۾، ڦٽاڪن (3) جي عيد،
دلبر! در تي ديد، آھي تنھنجي آس ۾.

ھلو ھلئون ڳوٺ ڏي، ٻيرن ڪيا ٻير،
يارو! پنھنجا پير، ڳولن رستو ڳوٺ جو!

سياري جي ھن سيءَ ۾، ڏيھي ڏڪن ٿا،
ويچارا رمضان ريءَ، روزا رکن ٿا،
ڳوڙھا ڳڙن ٿا، ڏسي ڏيھي ڏيھہ ۾!

اک اک ڳوڙھا ڳوٺ ۾، ڏيھہ سڄوئي ڏک،
غربت گوڏي جيتري، بيماري ۽ بُک،
سائين! سڀئي سک، ھيل لڏي ويا لوءِ مان.

ننڍي لاڪون لوڏيو، ڏکن پينگهي ۾،
وڏا ٿي وياسين، ڏک ڏسي ھن ڏيھہ ۾!

آلين ڪاٺين تي پئي، ماني پچائي،
مڙس سندا ھوءَ موچڙا، کوڙ پئي کائي،
ڇاتيءَ سان لائي، ريجهائي ٿي ٻارڙا!

کاوان پلي – مانڙي، سيڪي ٽانڊ تي،
جيڪر سياري ۾، ھليو ھلجي ڳوٺ ڏي!

چانھہ پِيئون ڪا چلھہ تي، پنھنجي يارن سان،
پنھنجن پيارن سان، سيارو پيارو ڳوٺ جو!

سرڪيون ڀري چانھہ مان، ڪچھري ٿا ڪن،
اوڀاريون لھواريون، جيڪي ڪين کٽن،
ڪيڏو ڪتّابن کان، وڌڪ علم اٿن،
ٻاري – مچ ُ ويھن، جهونا اونھا ڳوٺ جا.

ويڙھي سيڙھي پاڻ کي، چلھہ پئي ٻاري،
ساريو پئي ساري، سياري جون ڪي راتڙيون.

مند مٽائي آ اسان، ڏينھن ڦريا ھن ڀاءُ!
ھاڻ تہ موٽي آءُ! پنھنجي پياري ڳوٺ ڏي.

سانوڻ جا ھت سانورا! پيا وسن مينھن،
آءُ ٻہ ٽي تون ڏينھن، موڪل وٺي ڳوٺ ڏي!

چڱو ٿيو جو ڳوٺ جي، بجلي رات وئي،
تارن - رات ڏٺي، ڪيڏي ڪلھہ مون پيار سان!

مينھن وسي ٿو ڳوٺ ۾، کيڏن ويٺا ٻار،
رڌي پيئي تانھري، نئين نويلي ڪنوار،
لڪي ھوءَ محبوب کي، ڏسي ويٺي نار،
سرڪيون ڀري چانھہ مان، چرچا ھڻن يار،
ٻنيون، ونيون ٿيون پسن، سک ڪيو سرڪار،
مٽيءَ جي مھڪار، واسي ڇڏيو ڳوٺ کي!

سانوڻ ڏينھن ۾ جڏھن، چڙھي ٿو درياھہ،
تڏھن منھنجو چاھہ، ويتر وڌي ڳوٺ سان.

سھڻا ھي درياھہ تي، سج سندا تجلا،
ٻلھڙيجيءَ جا ٻارڙا، وتن ٿا کلندا،
چيڪي مٽيءَ مان پيا، ٺاھن رانديڪا،
پکي ڀي پاٻوھہ مان، لاتيون لنون ٿا،
ھيءُ خدا جو آ، منظر ڄڻ تہ مصوري.

ڳوٺاڻو ھو ڇوڪرو، چاري ويٺو مال،
ٻڌي پيو جلال (1)، ريڊيو رکي ڪن تي.

چڙيون چري ٿيون وڄن، مال پيو موٽي،
پيئي ڌوڙ اڏي، سج لھي ٿو ڳوٺ ۾.

ڳڀرو منھنجي ڳوٺ جا، جوا کيڏن ٿا،
چرس ڀريل سگريٽ مان، سوٽا ھڻن ٿا،
ڪڇ ۾ ڪڪڙ کي ڪري، مڇون وٽِن ٿا،
سھڻو ڇورو ساڻ ڀي پنھنجي کڻن ٿا،
ھوٽل تي ويھي اھي، فلمون ڏسن ٿا،
علم ادب جي لفظ کان، ڏاڍو چِڙن ٿا،
ڪين سڌاري لئہ ڪڏھن، ويھي سوچن ٿا،
ڪيڏي جيئن ٿا، يار اجائي زندگي.

ماستر منھنجي ڳوٺ جو، پڙھي ٿو اخبار،
۽ ٻيا سڀئي ٻار، ڳالھيون ڪن ٿا پاڻ ۾.

پورھيو ڪري آ ستو، ٿڪل ويچارو،
ڪھڙو نظارو، ڪري چوڏھينءَ چنڊ جو!

پوڙھو مھاڻو، مڇي ماري ٿو،
ڪيڏي ڄاڻي ٿو، ھو ٻولي درياھہ جي.

ٻيڙيءَ تي ويندي پيو، مھاڻو ڳائي،
وڏو راڳي ڪين آ، پر من پِرڀائي،
گيت مڙيئي سادڙو، پو بہ پيو گهائي،
ھي مون کي پائي، سائر وانگر گيت ٿو.

پھرئين پھرئين پيار جو، لکي خط پئي،
جنھن ۾ پنھنجي دل جو، اوتي پيار پئي،
”ڪيئن ڏيان محبوب کي؟“ ھر ھر سوچي ٿي،
۽ پوءِ ڦاڙي ٿي، ڳوٺاڻي ھوءَ ڇوڪري.

تون بہ سکي ڇڏ او ڪوي! ڪنڀر واري ڪار،
ڳوھي جذبن جي مٽي، لڙڪن – پاڻي ھار،
چِت جي چاڙھي چڪ تي، سھڻي صورت ڏيار،
ھوريان، ٿي ھوشيار، ڪڍ پچائي خيال کي!

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون، ساديون سوديون يار!
پو بہ سڄي سنسار، کان وڌ مون کي ٿيون لڳن.

*