شاعري

سرور

مسرور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ تہ دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن.  مسرور دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جو شاعر آهي. مسرور سونھن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. مسرور سنڌي غزل کي اوج ڏنو ڏنو آھي. سندس نظم پڻ منفرد آھن.

Title Cover of book Suroor

حسن جي تخليق ۽ تخليق جو حسن

ھي منھنجي شاعريءَ جو ٻيون مجموعو آھي. پھرئين مجموعي ”چاندني تو سوا نہ ٿيندي“ جي ڇپجڻ کان پوءِ ڪافي ماڻھن شاعريءَ کي ساراھيو تہ سھي پر پوءِ بہ ان ڪتاب جو مجموعي طور ڪھڙو تاثر بيٺو؟ ان سوال جو جواب ان ڪري بہ نہ ملي سگهيو ڇو تہ اسان وٽ ادبي تنقيد جي تمام گهڻي کوٽ آھي. ائين کڻي چئجي تہ ادبي تنقيد آھي ئي ڪونھ، تہ غلط نہ ٿيندو. اسان وٽ فقط ڪجهہ شاعرن جا دوست ساٿي انھن تي مضمون لکي انھن جي شاعريءَ جو مقام طيءِ ڪندا آھن. شاعر ۽ شاعريءَ جو مقام آسانيءَ سان طيءِ ناھي ٿيندو. ھڪ دور جي مشھور شاعري ٻئي دور جي سطحي شاعري بہ ٿي پوندي آھي ۽ اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ ڪنھن دور ۾ سرجيل شاعري ان دور ۾ ڪو خاص اثر ڇڏي نہ سگهي پر اھا ايندڙ دور ۾ ڪافي اثرائتي ٿي وئي. ان ڪري شاعريءَ جي مقام جو تعين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھجي ٿو. پر خير شاعريءَ جو اصل مقام متعين ڪرڻ تہ پري جي ڳالھہ آ، اسان وٽ تہ شاعريءَ کي چڱيءَ طرح پڙھڻ، محسوس ڪرڻ ۽ ان تي ڪا سنجيدہ راءِ ڏيڻ وارو اھم رجحان بہ تمام گهٽجي ويو آھي. بقول اعجاز منگيءَ جي تہ ”ھي اھو بيرحم دور آھي، جتي شاعريءَ جي پکين کي ماڻھو ٿورو ڌيان جو داڻو بہ نہ ٿا وجهن.“
شاعريءَ جي سنجيدہ مطالعي جي ڪميءَ جو وڏو نقصان شاعرن کي تہ ٿيو آھي پر اھو اوترو ئي نقصان انھن کي بہ ٿيو آھي، جيڪي ان شاعريءَ جي خوشبوءَ کان محروم رھيا آھن.
مون کي ان ڳالھہ جي پرواھہ ناھي تہ ماڻھو منھنجي شاعريءَ کي ڪيئن ڏسن ٿا، ان کي ڪھڙي مقام تي بيھارين ٿا. مون کي انھن ڳالھين جي پرواھہ ان ڪري بہ ڪونہ آھي ڇو تہ مان ھيءَ شاعري انھن ماڻھن لاءِ ناھي ڪئي. مان پنھنجي لاءِ ئي شاعري ڪئي آھي. شاعري ڪرڻ مون لاءِ پنھنجو پاڻ کي ڳولڻ، سڃاڻڻ آھي ۽ پنھنجي اڌوري ذات جي تڪميل جو عمل آھي. ھڪ گل پنھنجي خوشبوءَ ۾ ئي مگن ھوندو آھي. ان کي ان ڳالھہ جي ڪا پرواھہ ناھي ھوندي تہ ھن جي خوشبوءَ مان ڪي ماڻھو لطف اندوز ٿين ٿا يا نھ! ڇا چوڏھينءَ جي چنڊ کي جيڪڏھن اھا خبر پوي تہ ان ڏانھن ڪو بہ نگاھہ کڻي ان جي سندرتا کي نہ ٿو ڏسي، تہ ڇا چنڊ پنھنجي چانڊوڪيءَ کي ڦھلجڻ کان روڪي سگهندو؟ منھنجي شاعري منھنجي ڪيفيتن، محسوسات ۽ سوچن جو اظھار آھي. اھو ڪنھن کي ڪيئن ٿو لڳي، ان سان مان ٻڌل ناھيان. مان تہ فقط پنھنجي شاعري Share ڪرڻ ٿو چاھيان. ھونءَ بہ ڪو خاص مقصد آڏو رکي ڪيل شاعريءَ مان شعر جو روح نڪري ويندو آھي. شاعري تہ خود ڪلامي آھي. ۽ ان خود ڪلاميءَ ۾ مان ڪنھن قسم جي داد ۽ تحسين کي بہ رڪاوٽ سمجهندو آھيان. بقول جون ايليا:
داد و تحسين ڪا يہ شور ھي ڪيون،
ھم تو خود سي ڪلام ڪر رھي ھين.

منھنجي نظر ۾ شاعري بنيادي طور تي ھڪ اھڙو فن آھي، جيڪو انساني اڌمن، احساسن ۽ سوچن کي خوبصورت لفظن ۽ مترنم انداز ۾ اظھاري ٿو، ۽ اھڙي خوبصورت ۽ مترنم انداز لاءِ شاعريءَ جون فني گهرجون پوريون ڪرڻ بيحد ضروري آھي. مون کي ان حوالي سان انھن ترقي پسند اديبن سان بہ سنجيدہ اختلاف آھي، جن ترقي پسنديءَ جي نالي ۾ شاعريءَ جي حسن کي پٺتي ڪري ان کي ڇيھو رسايو. مثلا؛ نثري نظم لکي انھن پنھنجي نظريي جو تہ پرچار ڪيو پئي پر انھن نثري نظمن جي ڪري شاعريءَ جو حسين ۽ مترنم تصور خراب ڪري ڇڏيو. مون کي ذاتي طور تي نثري نظم واري چئي ويندڙ شاعري ان ڪري ناھي وڻندي، ڇو تہ ان ۾ شاعراڻو حسن سمايل ناھي ھوندو. منھنجي خيال ۾ نثري نظم ھڪ ڳالھہ آھي. ۽ ڳالھہ سٺي بہ ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ڪو بہ اختلاف ناھي. پر شاعري ھڪ ٻي شيءِ آھي. شاعري فقط ڳالھہ ناھي، شاعري تہ ڳالھہ کي حسين ۽ مترنم ڪرڻ وارو خوبصورت فن آھي. نثر ڀلي ڪيڏو بہ اعليٰ ۽ فلسفي ۽ ڏاھپ سان ڀرپور ھجي، پر پوءِ بہ ان کي شعر تہ نہ ٿو چئي سگهجي. مون کي نثري نظم اڄڪلھہ جي ھوٽلن تي فروخت ٿيندڙ ”فاسٽ فوڊ“ جھڙو لڳندو آھي، جيڪو ترت تيار ٿي ويندو آھي پر اھو صحت (شاعريءَ جي صحت) تي خراب اثر وجهندڙ آھي. ۽ اصل شاعري ان گهر جي مانيءَ جھڙي ھوندي آھي، جنھن کي کائڻ کان پوءِ تن ۾ تازائي اچي ويندي آھي. خير، اھو منھنجو خيال آھي، ۽ مان غلط بہ ٿي سگهان ٿو. پر دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعري ڏٺي وڃي تہ انھن اھا شاعراڻي عظمت نثري نظم لکي حاصل ناھي ڪئي. شاھہ لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين، شيڪسپيئر کان وٺي شيلي تائين ۽ غالب کان وٺي فيض تائين مون کي عظيم شاعري ھميشھ وزن بحر ۾ ۽ فني گهرجن جي خوبصورت پورائي سان ئي نظر آئي آھي ۽ اھي ماڻھو جيڪي شاعريءَ ۾ نظريي ۽ مقصد کي شاعريءَ جو ڪارج سمجهندا آھن. مون کي انھن سان بہ اختلاف آھي. (ھتي نظريي ۽ مقصد مان منھنجي مراد سياسي حوالي سان آھي) شاعري خود ھڪ مقصد ۽ نظريو آھي. شاعريءَ جو اھو بہ ھڪ مقصد آھي تہ اھا خوبصورت ھجي ۽ پڙھڻ ۽ ٻڌڻ ۾ مزو ڏئي. مون کي شيخ اياز جي اھا ڳالھہ ڏاڍي وڻندي آھي تہ ”حسن جي تخليق ۽ تخليق جو حسن، ان کان بھتر موضوع شاعر لاءِ ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟“ منھنجي نظر ۾ شاعري ڪنھن بہ موضوع تي چيل ڳالھہ جو حسين ۽ مترنم اظھار آھي. موضوع وڏا ۽ ننڍا ناھن ٿيندا. موضوع سڀ ھڪجھڙا ھوندا آھن. سياسي ۽ نظرياتي موضوعن کي اھم ۽ محبت ۽ فطرت جي موضوعن کي غير اھم چوڻ وارا ڪير ٿيندا آھي، انھن جو تعين ڪرڻ وارا؟ ۽ نہ ئي سياسي ۽ سماجي موضوعن تي لکيل شاعري عظيم ھوندي آھي ۽ نہ ئي محبت ۽ نفيس موضوعن تي لکيل شاعري گهٽ درجي جي ھوندي آھي. شاعريءَ جي عظمت تہ ان جي شاعراڻي بيان ۾ ھوندي آھي. اھو انداز بيان ئي ھوندو آھي، جيڪو ڪنھن بہ شعر کي اصل شاعراڻي خوبصورتي عطا ڪندو آھي. غالب جي شاعراڻي عظمت بہ ان ”انداز بيان اور“ جي ڪري ئي آھي. ۽ اھڙو انداز بيان فني گهرجن جي پورائي کان عاري نہ ٿو ٿي سگهي.
شاعري فقط خيال ناھي. حسين ھنر بہ آھي. شاعري موسيقيءَ وانگر ھڪ فن آھي. جيئن ڪو ڪلاسيڪل گويو ڪي ٻول ناھي چوندو ۽ رڳو پلٽا ھڻندو آھي تہ اھي بہ خوبصورت لڳندا آھن. انھن پلٽن ۾ ڪي ٻول ناھن ھوندا، پر انھن ۾ ان گويي جي فن جي حسين ڪاريگري ھوندي آھي. يا ڪي ڪيسٽون توھان کي اھڙيون بہ ملنديون آھن جن ۾ فقط بانسري، طبلو يا ڪو ٻيو ساز ڀريل ھوندو آھي ۽ انھن ۾ انھن سازن جي حسن کان سواءِ ٻي ڪا سوچ يا مقصد ناھي ھوندو. اھڙيءَ طرح اھا شاعري بہ سھڻي آھي، جنھن ۾ صرف ۽ صرف فني خوبصورتيون ھجن، ڀلي ڪو خيال نہ ھجي، پر شاعر جي لفظن ۽ شاعريءَ جي فن سان ڪيل راند روند ھجي. ۽ جيئن موسيقيءَ جي فن سان لاڳاپيل ماڻھن کي سرگم اچڻ ضروري آھي. تيئن ئي شاعرن کي بہ وزن بحر جي ڄاڻ ھئڻ لازمي آھي. ان علم سان خيال وڌيڪ سھڻو ٿي اظھارجي ٿو.
شاعري جماليات کان سواءِ بلڪل ٻسي آھي. شاعريءَ جا ڪلاسيڪل موضوع حسن ۽ عشق رھيا آھن. پر جيئن تہ شاعر ھڪ حساس دل رکندڙ انسان ھجي ٿو تنھنڪري ھو ھر قسم جي ظلم ۽ زيادتي کي بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگهي ۽ انھن ظلمن خلاف بہ ھن جي حساس دل مان سريلا نغما نڪري پون ٿا. پرمنھنجي خيال ۾ مزاحمتي شاعري بہ اھا ئي اثرائتي آھي جيڪا ڀرپور جمالياتي انداز ۾ ٿيل ھجي. اھڙي اثرائتي ۽ ديرپا مزاحمتي شاعري سرجيندڙن ۾ فيض احمد فيض ھڪ اھم مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. فيض انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري بہ تمام خوبصورت فنڪاريءَ سان ڪئي ۽ جماليات جي مس مان قلم ڀري ڪئي. ان ڪري ئي فيض اڃان تائين ان دور جي ٻين انقلابي شاعرن کان مٿي بيٺل ٿو ڏسجي. نعريبازيءَ جي عمر گهٽ آھي. نعرو فقط تيستائين اثرائتو آھي جيستائين اھا جدوجھد جاري آھي، جنھن لاءِ اھو ڪم اچي ٿو. نعري بازيءَ واري شاعري پايندہ نہ ٿي رھي. شاعريءَ ۾ پايندگي فقط فن ۽ حسن واري اظھار کي آھي. نعري بازي تہ رڙيون ڪرڻ آھي. جڏھن تہ شاعري محبوب جي ڪنن ۾ پيار سان ڪيل سرٻاٽ آھي. اوشو چيو ھو تہ:
Poetry is very close to silence. It creates sounds, but in such a skillful way that silence is not disturbed but enhanced.

ھن ڪتاب ۾ موجود شاعريءَ ۾ توھان کي مختلف موضوعن تي شعر ملندا. ھونءَ تہ اھي سڀ موضوع يعني حسن، عشق، فن، تصوف، موت، غم دنيا، ڳوٺ وغيرہ، سڄي ڪتاب ۾ آھن، پر پوءِ بہ پڙھندڙن جو خيال ھڪ طرف رکڻ لاءِ انھن کي مان موضوع وار ڪري ورھايو آھي. ان کان علاوہ پڙھندڙن کي خيالن توڙي اظھار جي نواڻ بہ ملندي.

مسرور پيرزادو
A-9 گلي نمبر- 1
مجاھد ڪالوني ڊالميا ڪراچي
0301-2148079

پنھنجي پاران باقي ڪجهہ مان پنھنجي استاد شيخ اياز جي لفظن ۾ لکان ٿو.


ادب فقط زلزلي – ماپ جي اوزار وانگر نہ آھي، جو فقط قومي زندگيءَ جا سارا ڌوڏا ڏيکاري ٿو، پر ھڪ قطب نما وانگر بہ آھي، جا منزل جو طرف ڏيکاريندي آھي.


شاعر پنھنجي ذات جي تڪميل لاءِ لکندو آھي ۽ نہ ئي ٻين جي تحسين لاءِ.


ڇا ڪنھن خوبصورت گل تي نظم ”ادب براءِ ادب“ آھي يا ”ادب براءِ زندگي“ آھي؟ ڇا گل زندگيءَ جو حصو نہ آھن!
ادب ذريعو نہ آھي، ادب مقصد آھي. ائين جيئن خدا ذريعو نہ آھي، پر مقصد آھي. نظريا زندان نہ بڻاءِ! انھن مان نڪري آءُ! ٻاھر کليل ھوا آھي ۽ آسمان ۾ چنڊ وڃي رھيو آھي.


مون سدائين محسوس ڪيو آھي تہ شاعر ريڊيو ايريل (Radio Aerial) وانگر آھي ۽ ھن کي لھرن تي ڪي آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جن جو اظھار ھو پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪندو آھي.


شاعريءَ جي تخليق وقت جسم روح ۾ بدلجي وڃي ٿو، من تن جي پڃري جون تيليون ڊاھي ھوا ۾ اڏامي ٿو، زندگي پنھنجا سارا ٻنڌن ٽوڙي پنھنجي غلاميءَ مان اجهل آزادي ماڻي ٿي، ۽ ريت جي ڪڻ ڪڻ کان وٺي تارن جي رم جهم تائين ساري ڪائنات شاعريءَ جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي.


شاعريءَ جي منتھا، حسن جي تخليق آھي، ٻيا سڀ نظريا بڪواس آھن.


سڀ شيون گذري وڃن ٿون ۽ ناپائدار آھن، فقط آرٽ ئي پائدار آھي.


ادب زندگيءَ لاءِ تہ آھي پر ان کي وڌيڪ اگرو، وڌيڪ اڻڀو، وڌيڪ اڻ – سجلائتو بڻائڻ لاءِ نہ آھي. زندگي ڪيتري نہ بدزيبي آھي! ان کي زيب جي ضرورت آھي، ان کي سجل بڻائڻو آھي ۽ اھا آرٽ جي وڏي ۾ وڏي سوڀ آھي، وڏي ۾ وڏي ڪاريھ آھي، زندگيءَ کي حسن جي سوغات ڏيڻ کان وڌيڪ ماڻھو ڪھڙي کيپ کٽي سگهي ٿو!


جي شاعر پٽ – ڪيڙن مان ريشمي پوشاڪ اڻي تہ ڪنھن کي ڪھڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو؟


انقلابي! توکي گٽر ۾ چنڊ پسند آھي، تون ان کي سنڌوءَ جي ڇولين ۾ ڏسڻ نہ ٿو چاھين؟


ھر شاعر محب شاعر انقلاب آھي. ھر شاعر انقلاب شاعر محبت نہ آھي.


شاعر فرشتو نہ آھي، پر فرشتو بہ تہ شاعر نہ آھي.


اي ڪاش! مان گمناميءَ ۾ جيئان ۽ گمناميءَ ۾ مران. بدنامي ۽ ان کان بہ وڌيڪ نيڪنامي شاعر جي تخليقي انفراديت لاءِ مھلڪ آھي.


انقلابي ادب پھرين ادب آھي، پوءِ انقلابي آھي. جي ان ۾ پنھنجو انفرادي حسن ۽ خوبي نہ آھي تہ اھو ڪنھن بہ انقلابي تحريڪ لاءِ بيڪار آھي.


شاعر جا ٻہ نمايان فرض آھن ۽ اھي آھن تہ نہ فقط جيئن دنيا آھي، ان جو آئينو ٿئي، پر جيئن دنيا ٿيڻ گهرجي ان جو تخيل بہ پيش ڪري.


ھاءِ“ ھي انسان ڪڏھن ڄاڻندا تہ سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ آھن!

ترنم ۾ حسن آھي ۽ حسن ۾ ترنم آھي.