آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون!
ديوانا ٿي، مستانا ٿي!
آ تہ وڻن جي ڇانو ۾ ويھي،
بچپن واريون رانديون کيڏون،
ھٿ وٺي ھڪٻئي جو ھٿ ۾،
بيمقصد ڪي پايون ڊوڙون،
آ تہ ڇٻر تي ليٽون پيٽون،
آ تہ پرين جي آکاڻين جا،
تون، مان ڪي ڪردار ٿيون ٿا،
آ، بادل تي بستر ٺاھي،
اڀ کي پنھنجي چادر ٺاھي،
ليٽي پئون ٿا چار گهڙيون ڪي،
ھن دنيا جا ٿڪ ڀڃون ڪي،
چنڊ – نگر تي آ تہ ھلون ٻئي،
آ تہ فضائن منجهہ رلون ٻئي،
آ ھڪٻئي جي نيڻن جي ھن،
واديءَ ۾ اڄ يار! لھي پئون،
جت مورن جئن روح نچي پئي،
دل تي چاھت – رنگ رچي پئي.
آ تہ چمين جي بارش ۾ اڄ،
ڌوڙ جدائيءَ جي ڌوئون ٿا،
آ ڀاڪين کي ھڪٻئي جو اڄ،
ويس ڪري ڪوئي پايون ٿا،
آ خوشبوءِ وٺون گلڙن کان،
آ پوپٽ کان رنگ پِنون ڪي،
آ تہ ھوا کان آزادي ۽
يار! پکين کان گيت گهرون ڪي.
آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون،
ھن دنيا کان بيگانا ٿي،
ھيءَ دنيا جا جيل جيان آ،
جنھن ۾ ھر ڪو قيدي آھي،
قيدين جا ڀي قسم ڪئين ھن،
ڪو محبت جو، ڪو دولت جو،
ڪو غيرت جو، ڪو راحت جو،
ڪو بہ ھتي آزاد نہ آھي،
ھر ڪو پنھنجو قيد ڪٽي ٿو،
ھر ڪو پنھنجي پڃري ۾ آ،
اِن لئہ آ تہ ھلي اڄ ساٿي!
ديوانا ٿي، مستانا ٿي،
ھن دنيا کان بيگانا ٿي،
آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون!
آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون!