شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

مهاڳ

الله تبارڪ و تعاليٰ جي مهرباني سان هي ڪتاب شاعري جو مجموعو نالي “دَمِ ديدار مي رقصم” ڇپرائي منظر عام تي آندو ويو آهي. انهيءَ کان اڳ ۾ “من اندر جا لوچ” جي نالي سان شاعري جو مجموعو 1999ع ۾ ڇپرائي منظر عام تي آندو ويو هو. جنهن ۾ هر غزل جي مٿان بحر وزن تحرير ڪيو ويو هو ته جيئن سيکڙاٽ شاعرن جي رهنمائي ٿي سگهي، پر ڪن دوستن انهيءَ عمل کي دقيق محسوس ڪيو. انهيءَ حقيقت کي مد نظر رکي هر غزل جي مٿان فقط وزن جا ارڪان تحرير ڪيا ويا آهن انهيءَ سان گڏ علم عروض جي تقطيح ۽ شاعري جي آساني لاءِ شاعري جو قاعدو به وضاحت سان ڏنو ويو آهي انشاءَ الله پڙهندڙن کي چڱي رهنمائي حاصل ٿيندي. انهيءَ کان علاوه رباعي به علم عروض جي صنف آهي جنهن تي هن ڪتاب ۾ رباعيءَ جي ارڪانن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿم انشاءَ الله اها به پڙهندڙ دوستن کي لطف اندوز ڪندي. ڪجهه بيت ڇند وديا تحت لکيا اٿم ۽ ڪجهه وايون پڻ لکيون اٿم، بهرحال علم عروض جي تقطيح ۽ قاعدو مختلف ڪتابن تان وٺي هيٺين ريت آساني لاءِ ڏنا ويا آهن:

[b]علم عروض جي تقطيح
[/b]
نوٽ: بحر جو توازن برقرار رکڻ لاءِ مندرجه ذيل وزن کي خيال ۾ رکڻ ضروري آهي. (1) مثمن اٺن جو تعداد (2) مسدس ڇهن جو تعداد (3) مربع چئن جو تعداد (4) سالم پورو وزن (5) اڻپورو وزن

1. مثمن-فعولن فعولن فعولن فعولن
2. مسدس-فعولن فعولن فعولن
3. مربع-فعولن فعولن
4. سالم- فعولن فعولن فعولن فعولن
5. مقصور-فعولن فعولن فعولن فعول

[b]رباعي[/b]
مفعول مفاعلن مفاعيل فعولن
مفعول مفاعلن مفاعيل فعول
مفعول مفاعلن مفاعيل فعل
مفعول مفاعلن مفاعيل فاع
مفعول مفاعلن مفاعيل فع

[b]عروض شاعري جو مددگار قاعدو
[/b]سنڌي ٻولي تي عربي ٻولي جو اثر ڪنهن کان لڪل ناهي. عربي ٻولي جا سڀ جا سڀ اکر (الفابيٽ) جيڪا (28) اٺاويهه اکرن تي مشتمل آهي سنڌي ٻولي ۾ مروج آهن. انهيءَ ڪري شاعري کي آسان ڪرڻ لئه جيڪي قائدا لکيا ويا آهن تن کي سلسلي به سلسلي هيٺ ڏجي ٿو.
عربي ۾ ڪل 28 اٺاويهه اکر آهن– 14 شمسي ۽ 14 قمري جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
قمري اکر: ا ب ج ح خ ع غ ف ق ڪ م و هه ي
شمسي اکر: ت ث د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ل ن
قمري اکر اهي آهن جيڪي زور ڏيڻ بغير اُچاري سگهبا آهن
مثلاََ ح ۽ ڪ: عبدالحليم ۽ عبدالڪريم- انهن ٻنهي اکرن تي زور ناهي. قمري نرم ۽ ملائم اکر آهن.
شمسي اکر اهي آهن جن تي زور ڏيڻو پوي ٿو، يعني مشدد يا شد () وارا اکر آهن. مثلاََ ر ۽ س: عبدالرشيد ۽ عبدالسعيد انهن اکرن تي زور آهي يا زور ڏئي پڙهڻو ٿو پوي.
ٻوليءَ جي تلفظ يا اُچار کي سمجهڻ لئه “اعراب” سمجهڻو پوندو. اعراب عربي ٻولي ۾ واويل (Vowel) جو ڪم ڪندي آهي. جيئن صرف علت سنڌي ٻوليءَ ۾ - اعراب ڪل اٺ آهن. مدرجه ذيل:
(1)زبر
(2) زير
(3) پيش
(4) مد
(5) تنوين
(6) جزم
(7) تشديد
(8) وقف
(1) زبر: زبر حرف جي مٿان ٿيندي آهي، زبر ڏنل اکر کي “مَفتوح” چئبو آهي مفتوح اکر جو اُچار جهڪي (الف) جهڙو ٿيندو آهي.
(2) زير: زير حرف جي هيٺان ٿيندي آهي زير ڏنل حرف کي “مشڪور” چئبو آهي مسڪور حرف جو اُچار جهڪي “ي” ٿيندو آهي.
(3) پيش: پيش حرف جي مٿان ايندو آهي،. پيش ڏنل حرف کي (مضموم) چئبو آهي مضموم حرف جو اچار جهڪي “و” جهڙو ٿيندو آهي.
(4) مد: مد جو مطلب آهي ڊيگهه يا وڌاءُ، حرف کي ڊگهو ڪري پڙهڻ لئه مد ڏني آهي. مد ڏنل حرف کي (ممدود) چئبو آهي.
(5) تنوين: زَبر-زِير ۽ پيش کي ٻٽو ڪري لکيو آهي، تنوين هميشه لفظ جي آخري حرف تي ايندي آهي، مثلاََ ، حقيقتَا، وقتَاَ فوقتاَ وغيره.
(6) جزم: بن اکرن جي وچ ۾ ٽيون اکر جنهن جو اُچار گهٽ ۽ هلڪو ظاهر ٿئي، ان جي مٿان جزم جي نشاني ڏبي آهي. جزم ڏنل حرف کي (مجزوم) چئبو آهي، مجزوم اکر کي ساڪن يا غير متحرڪ ڪرڻ چئبو آهي، مجزوم اکر جي شڪل مثلاََ لُطفُ-قدرُ وغيره.
(7) تشديد: جنهن به اکر کي زور ڌئي ادا ڪجي انهيءَ اکر کي شد ڏبي آهي، شد ۾ آيل اکر حقيقت ۾ ٻٽو هوندو آهي، جيئن (محمد)، محمد لفظ جو وچون (م) مسدود آهي، يعني زور ڏئي پڙهجي ٿو مطلب ته هتي هڪ (م) نه پر ٻه (م) آهن لکت ۾ هڪ (م) لکبو پر ان تي شد ڏبي اهڙي اُچار واري حرف کي مشدود چئبو آهي.
(8) وقف: ساڪن اکر جي پٺيان ٻيو ساڪن يا غير متحرڪ اکر اچي ته اُن کي وقف جي نشاني ڏبي آهي، مثلاَ پيار، پار، وغير، هنن لفظن ۾ “ي” جو پيون اکر (ا) يا الف ساڪن آهي، انهيءَ ساڪن الف جي پويان هڪ ٻيو اکر آهي (ر) اِهو “ر” موقوف يعني وقف وارو اکر آهي، عموماَ جملي ۾ پوئين لفظ جي آخرين اکر تي وقف ڏبو آهي، انهيءَ کان علاوه (ر) الف سان منسوب ٿي وئي ۽ هلڪي آواز ۾ اُچاربي.
مٿئين قاعدي سان گڏوگڏ حرف (علت) کي سمجهڻ ناگزير آهي، حرف علت يعني (الف-و-ي) يا 0ا-و-ي) جنهن کي اڪثر واي) يا وائي چئبو آهي، حرف علت مندرجه ذيل ڏسو:
ا-الف
و-واو
ي- يا ئي
(i)الف ٻن قسمن جا ٿيندا آهن
الف ممدود ۽ الف مقصور
(1) الف ممدود-الف تي مد هجڻ جي حالت ۾ الف جو آواز ڊگهو نڪرندو-مثلاَ-آغاز-آواز-آچر-آب وغيره
(2) الف مقصور-اهو الف جنهن کي ننڍو ڪري پڙهجي مثلاَ اڄ-اڃ-اچ-اُڀ-اُٺ وغيره اهڙي الف کي الف مقصور چئجي ٿو، الف مقصور ۽ الف (همزه) يعني (ء) جو اُچار ساڳيو آهي.

“و” ٽن قسمن جو ٿيندو آهي.
1. معروف، 2. مجهول، 3. معدول
(1)و-معروف-جنهن “و” جي اڳئين اکر تي پيش هجي ۽ ان کي چٽو ڪري پڙهجي ته اُن (و-معروف) چئبو آهي، مثلاَ: دُور-سُور-نُور-صُورت وغيره.
(2) و-مجهول-جنهن “و” جي اڳئين اکر تي پيش هجي پر ان کي چٽو ڪري نه پڙهجي ان کي “و” مجهول چئبو آهي، زور-روز-هوش مور-شور وغيره.
(3)“و” معدول-اُهو “و” جيڪو لکڻ ۾ ته اچي پر پڙهڻ ۾ نه اچي اُن “و” کي معدول چئبو آهي-مثلاَ: خوش-خود-خوامخاه-خواب وغيره.

.i يائي معروف
.ii يائي مجهول
.i يائي معروف-جنهن “ي” جي اڳئين اکر تي زير هجي ۽ ان کي چٽو ڪري پڙهجي ته ان کي يا ئي معروف چئبو آهي: مثال: امير-فقير وغيره.
.ii يائي مجهول-جنهن “ي” جي اڳئين اکر تي زير هجي پر ان کي چٽو ڪري نه پڙهجي ان کي يا ئي مجهول چئبو آهي. مثال: شير-دلير وغيره


حرف علت کان علاوه “هه” ۽ “ن” جي وضاحت ضروري آهي جيڪا پڻ هيٺ ڏجي ٿي:
“هه” جا ٽي قسم ٿيندا آهن
i. هائي ملفوظ
ii. هائي غير ملفوظ
iii. هائي مخلوط

i. هائي ملفوظ-اُها “هه” جيڪا چٽي اُچاري سگهجي، مثلاَ واهُ-راهَه -آوَ وغيره.
ii. هائي غير ملفوظ: اُها “هه” جيڪا چٽي طرح اُچاري نه سگهجي. مثلاَ ورده-پروانه-بيگانه ۽ مردانه وغيره.
iii. هائي مخلوط-اُها “هه” جنهن جو اُچار بئي ڪنهن حرف سان ملائي پڙهجي-مثلاَ اوها-توهين-سنهو وغيره

“ن”
“ن” جا به قسم آهن
i. نون غنه
ii. نون متحرڪ

i. نون غنه: اُها نون “ن” جيڪا چٽي ڪري نه پڙهجي بلڪه اُن جو آواز نڪ مان نڪري مثلا: هينئر-سنڀال وغيره
ii. نون متحرڪ: اُها نون “ن” جيڪا چٽي ڪري پڙهجي-هن “ن” تي اعراب (زير-زبر يا پيش) هوندو آهي، مثلاَ: ڪَنُ-نَڪُ-نعمت وغيره
“نقطو”

[b]حروف منقوطو ۽ غير منقوطو
[/b]i. منقوطو: منقوطو اُنهي اکر کي چئبو آهي جنهن تي نقطو هجي يعني: ت-پ-ث-ٺ وغيره.
ii. غير منقوطو: اُهي اکر آهن جن تي ڪو به نقطو نه هوندو آهي. مثلاَ ح-د-ر-ل وغيره
سنڌي ٻولي ۾ لفظن جون صورتون
عام طرح ڪنهن به زبان ۾ لفظن جوڙڻ جا ڪي خاص قاعده ڪو نه هوندا آهن پر جيئن ته هر ٻولي ۾ شاعري جي زبان کي معياري ۽ تحقيق يافته زبان لکيو ويندو آهي تنهن ڪري شاعرن جي لفظن ۾ تفصير يا اضافو سندن خيالن کي جامع بائڻ لئه مجبوري حالت ۾ ضروري ٿي پوندو آهي اهڙا لفظ جيڪي قاعدي جي صورت ۾ اختيار ڪري چڪا آهن تن کي هيٺ ڏجي ٿو:
1. ترخيم، 2. حذف، 3. تحريڪ، 4. تسڪين، 5. اشباع، 6. ابدال، 7. استقاق 8. زيادت يا اضافت، 9. تصرف، 10 تذڪير، 11. اِدغام
(1) ترخيم: لفظ ترخيم فعلي رخم مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو ڪرڻ- لفظ جي پوئين حرف جي ڪڍي ڇڏڻ کي ترخيم چئبو آهي، مثلاَ : بادشاهه مان (بادشا) درياه مان (دريا) وغير اهڙيون تبديليون اڪثر شعرن ۾ نظر اينديون آهن جيئن هيٺ شعر ۾:
ٿين ٻوڏون جڏهن چڙهي دريا
سڀ ڀڄن ٻڌي ڪُنن ڪڙڪا
“مرزا قليچ”
(2) حذف: حذف جي معنيٰ آهي (ڪڍي ڇڏڻ) لفظ جي ڪنهن حرف يا عبارت جي ڪنهن لفظ کي ڪڍي ڇڏڻ کي حذف چئبو آهي. مثلاَ: جهڙو مان (جهو) جيئن هيٺين شعر ۾:
ڏنو مون کي ڏاهي اشارو اهو
ته آهي سپت ۾ نه سڀ تنهن “جهو”
(3) تحريڪ: ساڪن يا غير متحرڪ حرف شعر يا محاوري ۾ متحرڪ ڪري استعمال ڪبو آهي ان کي تحريڪ چئبو آهي. جيئن (شرم ۽ گرم) انهن لفظن ۾ “ر” ساڪن آهي پر شاعر متحرڪ ڪري استعمال ڪئي آهي، مثلاَ
هڻي گل انهيءَ “شرم” ڪيو شرمندو
وهائي اکن مان ٿو پاڻي “گرم”
(خليفو گل محمد)
(4)تسڪين: متحرڪ اکر کي ساڪن ڪري پڙهڻ کي تسڪين چئبو آهي، جيئن حرڪت مان حرڪت، برڪت مان برڪت، حيوان مان حيوان وغير، هتي “ر” ۽ “ي” متحرڪ آهن پر انهن کي ساڪن ڪري استعمال ڪيو ويو آهي.
(5) اشباع: اشباع لفظ جي معنيٰ آهي “وڌاءَ” اشباع انهيءَ هالت کي چئبو آهي جنهن ۾ لفظ جي ڪنهن حرف کي ايترو ڊگهو ڪجي جو پيشن مان (واو) زبر مان (الف) ۽ زير مان (ي) جو اُچار نڪري، جيئن هيٺين بيت ۾:
قسمت قيد ڪيو“نات” ڪير اچي هن ڪوٽ ۾
شاهه
مٿئين بيت ۾ “نات” لفظ اصل ۾ نه ته آهي پر شاعر اشباع استعمال ڪندي لفظ ۾ وڌاءُ ڪيو آهي جيڪو شاعري ۾ جائز آهي.
(6) ابدال: لفظ جي معنيٰ آهي تبديلي يا ڦير گهير شاعر هيٺين بيتن ۾ ابدال استعمال ڪيو آهي، جيئن:
1. “مزمانن” مهري آڻي جهوڪيا جهوڪ ۾
2. ڪونهي ڪميڻي جو “بگر” تو بلو
3. جنهن کي عشق مولا جو ناهي
سوڄڻ جهنگ “جناور” آهي.
مٿئين بيتن ۾ مهمان مان ميزبان، بغير مان بگر ۽ جانور مان جناور جي ڦير گهير کي ابدال چئبو آهي.
(7) اشتقاق: لفظ جي معنيٰ ڪڍي ڇڏڻ، هڪ لفظ مان ٻيو لفظ ٺاهڻ يا ڪنهن لفظ مان اضافي حرف ڪڍي خالص صورت ۾ آڻڻ کي اشتقاق چئبو آهي، مثلاَ مظلوم مان ظلم، مفعول مال فعل، مندائتو مان مند، گهريلو مان گهر وغيره.
(8) زيادت يا اضافت: اهو لفظ جنهن ۾ زائد هرف آڻي استعمال ڪجي تنهن کي زيادت يا اضافت چئبو آهي، مثلاَ نرڙ مان نراڙ جيئن هيٺ ڏنل بيت ۾:
لکيو جو “نراڙ” سو انگ ڪياڙي نه ٿئي
پاڙيو ويٺي پاڙ-جيڪي لکيو لوح قلم ۾.
(شاهه)
(9) تصرف: ڌارين ٻولين مان لفظ وٺي ان ۾ ڦير ڦار آڻي پنهنجي ٻولي ۾ ڪم آڻڻ کي تصرف چئبو آهي مثال طور: عربي ٻولي مان فلانَ مان ڦلاڻو ۽ فواره مان ڦوهارو ۽ انگريزي ٻولي (Matches) مان ماچيس۽ Sleeper مان سليفر استعمال ٿيل آهي اهڙي هالت کي تصرف چئبو آهي.
(10) تذڪير: مئونث لفظ کي مذڪر ڪري ڪم آڻڻ کي تذڪير چئبو آهي جهڙوڪ: جندڙي مان جندڙو، ۽ ياراڻي مان ياراڻو جيئن هيٺ بيت ۾ ڏنل آهي.
سامونڊي ساري ماءُ منهنجو “جندڙو”
من کي چائي لوچ پاڻ پيهي ويا ڇپرين.
(11) ادغام: ٻن هم جنس يا هم مخرج لفظن کي ملائي هڪ لفظ ڪري پڙهڻ کي ادعام چئبو آهي، انهي کان علاوه اچارڻ ۾ دقت پيش اچڻ سبب انهن لفظن مان ڪو حرف حذف ڪرڻ کي پڻ ادغام چئبو آهي، مثلاَ
i. ياد ۽ داشت ٻه الگ الگ لفظ آهن
شاد ۽ باش پڻ ٻه الگ الگ لفظ آهن
انهن لفظن کي ملائبو ته ياد داشت ۽ شادباش ٺهندا. اهڙي ميل يا جوڙ کي ادغام چئبو آهي.
(ii)انهن ساڳين لفظن مان (د) حذف ڪبو ته ياد-داشت مان ياداشت ۽ شاد-باش مان شاباش ٺهندا-اهڙي حذف کي به ادغام چئبو آهي.
هي ڪتاب “دَمِ ديدار مي رقصم” جيڪو اوهان دوستن جي هٿ ۾ آهي انهيءَ کي سهيڙڻ ۾ ظفر حسين جو وڏو هٿ آهي ظفر حسين منهنجو ٽيون نمبر فرزند آهي هن کي پڻ علمي ادبي شوق وذوق آهي آئون ظفر حسين جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي دلچسپي سان ڪتاب مڪمل ڪرايو.
انهيءَ کان علاوه آئون مزمل حسين جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي هن ڪتاب کي پنهنجي صورت ۾ آڻڻ ۾ منهنجي مڪمل مدد ڪئي، مزمل حسين به علمي ادبي شوق رکندڙ انسان آهي.
مزمل حسين ٽي ڪتاب تحرير ڪري چڪو آهي جن جا نالا هي آهن،
1. سدا سائر سپر ۾
2. سائيلنس آف دي پيانو سنگس (انگلش شاعري ۾ آهي ۽ لنڊن مان ڇپيل آهي.
3. کٿوري کيپ کيتر ۾، مزمل حسين جو شاعرانه تخلص مزمل سائر آهي. مٿيان ٽيئي ڪتاب شاعري جا مجموعه آهن، مزمل حسين منهنجو ڇهن پٽن ۾ سڀني کان وڏو فرزند آهي. هو سي ايس ايس (ڊي ايم جي) گروپ جو 19 اوڻويهه گريڊ ۾ آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت آسٽريليا ۾ ٻن سالن جي ٽريننگ تي آهي، الله تبارڪ و تعاليٰ کيس وڌيڪ ڪامياب و ڪامران ڪري، آمين.
هن ڪتاب جي آخر ۾ هٽڙي جي هاليپوٽن جو شجرو پڻ ڏنو اٿم سو ڪڏهن نه ڪڏهن تاريخ جو باب ٿيندو. انشاءَ الله
شل منهنجي هي هڪ ننڍڙي ڪاوش پڙهندڙن جي درٻار ۾ قبول پوي.


[b] عبدالحفيظ هاليپوٽو
[/b] تخلص: حفي الحفيظ “حفن”