شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

ڏسي وقت خود کي مون موڙي ڇڏيو آ

ڏسي وقت خود کي مون موڙي ڇڏيو آ
عجب درد کي دل سان جوڙي ڇڏيو آ

منهنجي درد لفظن جو جامون آ پهريون
تحسس جي تيرن جنجهوڙي ڇڏيو آ

منهنجا لڙڪ موتي متان آب سمجهو
انهن خونِ دل کي وِلوڙي ڇڏيو آ

عجب درد جو هت وُجود آهي يارو
ڳجهي پيڙ سان جنهن مروڙي ڇڏيو آ

حصو درد مان هت مليو آ سڀن کي
مگر هن ته دل کي نهوڙي ڇڏيو آ

جنجهوڙن ٿيون سوچون سوين فهم جوڳيون
اندر تن يقينن-اڊوڙي ڇڏيو آ

صبر ڪر صبر ئي علاج آهي دل جو
صبر ئي ته شدت کي ٽوڙي ڇڏيو آ