دونهين درد دل جي-دکي پئي دکي پِئي
اڃا رڙ اندر مان-اٿي پئي اٿي پئي
هُنن ڀي هِنن ڀي -آ هر هر رنجايو
جگر تي ڇري ڄڻ هلي پئي هلي پئي
سڀئي پرسڪون دل پيا سمجهن اسان جي
اندر ئي اندر ۾-جُهري پئي جهري پئي
ڏسي لڙڪ سمجهن ٿا اکڙي رُئي پئي
هي آتش فشان مان-ٽمي پئي ٽمي پئي
مون هڪ ڪوهنور آ-تراشيو هٿن سان
بَلا هڪ فريبي-ڦُري پئي ڦري پئي
بلا جي وڪڙ مان جي هيرو ڇڏايو
مون بيوس کي جيڪر ڏنگي پئي ڏنگي پئي
ڏسان مان اکن سان-ته هو ڀي جلن ٿا
هي فطرت انهن کي-وڍي پئي وڍي پئي
چون ٿا ته بدلو-هتي ئي ملي ٿو
اڃا منتظر دل-ڏسي پئي ڏسي پئي
گهڻي ڪئي مون ڪوشش ته وسريم هر غم
مگر باه هر هر-اٿي پئي اٿي پئي
دکي دل جون دانهون ٻڌين ٿو تون يا رب
ڏي انمول هيرو-گهري پئي گهري پئي
ڪڏهن کان جا تڙپي-حفيظ آهي دلڙي
ملي تيئن جيئن دل-گهري پئي گهري پئي