نگاهه جي خمار ۾ شراب مون ڏٺو صنم
شباب پُر حجاب لا جواب مون ڏٺو صنم
هُو گلبدن گلاب هو يا دلفگار يار هو
حسين دلربا جو اڄ شباب مون ڏٺو صنم
گناهه جي فضا ۾ اڄ نگاهه جو ڀرم رهي
ڀرم جو واشگاف اِضطراب مون ڏٺو صنم
اکين سان جي ڏسي وٺن چپن سان جي ڇُهي وٺن
تنين جي انگ انگ ۾ سراب مون ڏٺو صنم
گلن کي جي کڻي سنگهن ۽ عرق پو ڪڍي وٺن
ستم سان هو نپوڙيل گلاب مون ڏٺو صنم
چوي ٿو عشق آهي مون مگر سهي نٿو سگهي
ستم ڪري جو دل تي سو عتاب مون ڏٺو صنم
مون ڳڻپ کان مٿي ڏٺا عُشاق هجر ۾ عدم
چمن سڪل تنهن عشق جو خراب مون ڏٺو صنم
لڳيءَ کان تون پري ٿي ڀڄ، پري کان ڀل نهار ڪر
لڳي نپوڙي دل کي سو، عذاب مون ڏٺو صنم
وڻن کي جا سڪائي ٿي سا عشقه ول سڏائي ٿي
لڳي لڳن جي لاڳ جو ته باب مون ڏٺو صنم
ديار يار فطرتن گهري ٿو انتهائي دل
ملي ته ڪل جهان ٿي سيراب مون ڏٺو صنم
عظيم ڀل عقل هجي مگر نه عشق سان لڳي
خلاف عشق جي نه ڪو ڪتاب مون ڏٺو صنم
اي ناصحا ٻڌائي تون حقيقي عشق آهي ڇا
ڪتاب ۾ ڪٿي نه ڪو خطاب مون ڏٺو صنم
وفا جفا سزا جزا هي عشق جو نچوڙ آ
عشاق کي وصال لئه بيتاب مون ڏٺو صنم
فراق ۾ وصال لئه رني آ دل هي روز شب
تقابلي اکن ۾ ڪو نه آب مون ڏٺو صنم
سڪون جي تلاش ۾ حُصول يار شرط هو
مجاز مان عروج لئه هو خواب مون ڏٺو صنم
پلاند عشقهٰ ڄار ۾ وڪوڙجي وڃڻ لڳو
مگر وزن نه پاڻ ۾ جناب مون ڏٺو صنم
حفيظ اجتناب ڪر تون عشق جي آڙاه کان
مجاز جي عميق جو آ تاب مون ڏٺو صنم