نه سرڪ جي پيڻ سندو-هِتي ڪو اهتمام هو
رُخ حسين يار کي ڏسڻ هتي حرام هو
نه سرت جي ڪا سُرت هئي-نه ڪِرت ڪا ئي تُرت هئي
نه دين جي خبر هين-رڳو سندن قيام هو
نڀاڳا سڀ پگهار تي-پڄاري دين جا هيا
نه سرڪ جي نه مرڪ جي-ته مڌ هئي نه جام هو
جڏه ڏٺم عجب لڳو صنم صفا حجاب ۾
نه حسن جو قدر هيو-جي مال هو ته خام هو
وڏو جهان هو هتي-موالي حسن جا هيا
جڏه هتي اچي ڏٺم-جو شهر هو سو عام هو
ثنا هتي ٻڌي هيم-فنا هتي اچي ڏٺم
خفا ته دل صفا ٿيم-نه ڪنهنجو ڪوئي دام هو
جوان پيرسن هتي-ڪڏن ته راند پيا سڀئي
بلور پيا کلي کڻن-انهن سان گڏ ڪلام هو
رڳو مون ريش هئي ڏٺي نه نور هو نه پور هو
خدا جو ڪو خيال ڇا-نه خيال ۾ ڪو رام هو
حسين مون ڏٺا هتي-غريب سڀ ها گوڏ ۾
نه هو ڪو صاف گلبدن-نه صاف ڪو تمام هو
ٺرو وٺي وريو هتي-نرو کڻي لڳو اچي
سٺو هجي برو هجي-اهو ڪمام جام هو
نه مئي سندو ميخانو هو-نه مسجدي ڪانيل هئي
نه چرچ هو مندر نه هو-نه دين جو امام هو
نه انتظام يار هو-نه هڪم جي ڪا پيروي
مون کي لڳو ته جهنگ هو-نه شهر جو ڪو نام هو
اڃا ته ارتقا اٿئي-هزار سال پوئتي
هريف ارتقا جا ٻئي-وڏيرو يا که ڄام هو
امير بادشاه ڪل هريف ارتقا سڀئي
مُلو پنڊت پادري-انهن سان گڏ عوام هو
حفيظ عمر وئي ڳري-دوا نه آ درد جي
مٿي جي سور لاءِ ڀي-نه ڪنهن ڏي ڪو ئي بام هو