شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

ثنا گري ڪرين ته ڀل-مگر نه پنهنجي ذات جي

ثنا گري ڪرين ته ڀل-مگر نه پنهنجي ذات جي
اڃا ڀلي اها ثنا جا يوسف صفات جي

سراج ٿين يا چنڊ ٿين اِها تون چونڊ پاڻ ڪر
عروج وٺ ٿي روشني ڪا ڏينهن جي ڪا رات جي

عروج جي حصول لئه اُڏام اوچي ڪر مٺا
نظر پوي ته تو ڏي پو سڄي ئي ڪائنات جي

ڀلي هي منزلون پري هجن مگر جدوجهد
بنا ٿڪن هجي تلاش يار حاصلات جي

تون چپ رهين ته هي جهان يار چپ رهي سڄو
جهان کان عزت ڪرائي پنهنجي ذات پات جي

چڱو عمل جڏه ڪرين چون سڀئي امين آ
امانتن جي ڳالهه ٿئي ۽ ڳالهه معاملات جي

صبيح صورت آ سٺي-متان تون خود پرست ٿين
مداح گڏ متان نه ٿئي ڪا ڳالهه تحفظات جي

عزت آ محفلن ۾ ڏس-جڏه اُتي وڃان ٿو مان
خدا عزت ڏني آ مون-نه ڳالهه معجزات جي

مطالعو تو ڪيو آهي-ته دعوائون ڪري متان
هتي رهي آ رهبري هميشه علميات جي

نه دوستن تي ڀاڙيو-اهي ئي پاڙ ٿا پٽن
ڪڏه ته ساڙ ۾ سڙي ڪندا هي ڳالهه ڪات جي

هي دين ڪائنات ۾-نصيهتن جو دين آ
حقيقتن ڪري ٿو ڳالهه هت عيان نجات جي

اهو سفر ڳرو سهي-مگر نتيجا خيز ٿئي
ڪادين جي تون ڳالهه ڪري ڪا صوم جي صلات جي

جنم وتو ختم ٿبو-اهو آ نقطو سمجهه جو
تون غور ڪر زمانو ڏس- آ ڳالهه معرفات جي

تون مختصر حيات ۾-جزا سزا جون منطقون
ٻڌائي فلسفو نفي ڇا زينت آ حيات جي

حفيظ بس اهو چوڻ گهري ٿو يار هوش ڪر
اجائي سوچ ڇڏ ۽ ڪر ڪا ڳالهه ترقيات جي.