شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

ديد کڻ نگاهن جي-نار جو نظارو ڪر

ديد کڻ نگاهن جي-نار جو نظارو ڪر
سونهن انتها آهي-يار جو نظارو ڪر

ڇا خدا تراشي هِن حسن کي نکاريو آ
مهجبين ديد و لبر رُخسار جو نظارو ڪر

شوخ، دلربا جي مون گفتگو ٻڌي ورتي
ڇا انداز هو خوش گفتار جو نظارو ڪر

زلف مهجبين تي ڏس-نانگ بنجي جهومن پيا
زلف جي اسيري سينگار جونظارو ڪر

خوبرو هلي ائين پيو-ڊيل ڄڻ ٽلي ٿي پئي
ڊيل جهڙي سهني منٺار جو نظارو ڪر

رمز خوبرو جي ڏس-سونهن ڏس ادائون ڏس
آشباب حسن سردار جو نظارو ڪر

اوچتو نگاه جانان اسان تي پئجي وئي
نيهن سان نهاري تنهن يار جو نظارو ڪر

عجب جو پيام آيو-جلد مان ڀڄان هن وٽ
اڄ گلاب جي گل جي هار جو نظارو ڪر

يار بن هئي تنهائي-پيار بن هئي بيچيني،
اُن عدم محبت جي پار جو نظارو ڪر.

اجتناب الفت جو-اضطراب هو دل جو،
اختتام ٿيو هن آزار جو نظارو ڪر.

فاصله پچائي ٿا لال ڪن عشاقن کي،
جابجا عشاق جي پيار جو نظارو ڪر.

اي حفيظ الفت ۾-خوش نصيب آهين تون،
وصل هو ته هو-مڻيادار جو نظارو ڪر.