شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

محبوب جي محفل ۾ اڄ آهي اهو اعلان ٿيو

محبوب جي محفل ۾ اڄ آهي اهو اعلان ٿيو
مرڪي ملي جنهن سان جڏه تنهن تي تڏه احسان ٿيو

چانڊوڪيون تارا ڪتيون-بزم سخن ۾ يار جي
جيڪو هجي هليو اچي-بلڪل هتي مهمان ٿيو.

آ گفتگو دلدار جي-پُرباش ٿي بلڪل ٻڌو،
مدهوش ٿي ڏسندا رهو-ڏسندي ڀلي قربان ٿيو.

محبوب آهي خوبرو-جنهن ڀي ڏٺو آ روبرو،
معراج ٿيو تنهن جو هتي جنهن جو هتي ميلان ٿيو.

آهي گداگر حسن جو عاشق هميشه عشق ۾،
آڏو اچي محبوب جي هر پل جهڪي دربان ٿيو.

نازو و ادا گفتار ڀي-رفتار ڀي سڀ پيا وڻن،
خوش باش ٿي هٿڙا چمن پورو سندن ارمان ٿيو.

ٿيو دلربائي يار جو مبهم اشارو اوچتو،
آٿت وصال يار ڄڻ عاشق جو آ-درمان ٿيو.

محبوب پيو مرڪي ملي-گلشن سڄو گلزار آ،
روشن سڄو سنسار آ-آهي ختم سنسان ٿيو.

اڄ پئي فضا معطر لڳي-مڌراپون ۾ پئي گهلي
سڀ ڪو چوي پيو يار جي-آمد تي اڄ مستان ٿيو.

آهي حفن اڄ منتظر-محبوب جو ٿو وصل ٿئي
هر ڪو هٽي مون کان وڃي-محبوب جو فرمان ٿيو.