شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

دعا دل سان گهران ٿو مان، اگهائي سا خداوندا.
جا پوري آس ٿي ناهي پڄائي سا خداوندا.

ڪرم تنهنجو ڪڏهن گهٽ ڪين ٿيو آهي مگر پوءِ ڀي
جا بگڙي ڳالهه آهي هت بنائي سا خداوندا.
زماني جي تو هر خواهش آ ڪئي پوري مڃان ٿو مان
نه ٿي مرسل سندي زيارت ڪرائي سا خداوندا.
اهو تنهنجو ڪرم آهي نه ڪنهن آڏو جهڪايو تو
جهڪڻ چاهي ٿي تو ڏي دل-جهڪائي سا خداوندا.
الاهي دلفريب آهي جهان سارو مگر هاڻي
مڙي آ دل بچڻ لاءِ-بچائي سا خداوندا.
جڏهن ڪيفيت ٿي نازل ٿي، لڳي ٿو ائين ته ويجهو آن
محبت ڪل ڀري دل ۾-سمائي سا خداوندا.
سڀئي اولاد مال وڏان-ڪيم تنهنجي حوالي هت
رکي ايمان جي دولت-وڏائي سا خداوندا.
حفيظ اهڙو نه ڏاهو آ-گهرڻ جنهن کي اچي سڀڪي
ڀلي جنهن ۾ ٿو سمجهين تون ڀلائي سا خداوندا.