شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

ڳل گلابي لال لبڙا سونهنجي سردار جا

ڳل گلابي لال لبڙا سونهنجي سردار جا
ناز نخرا نيهن وارا قرب جي حبدار جا

بانهن لوڏي آءُ اوري ويهه ڀر ۾ بادشا
دل چوي ٿي مان چمان هٿڙا مٺي منٺار جا

قرب واري ڪا ڪچهري ڪر اچي اي دلربا،
ڪي ٻڌائي ٻول اهڙا تنهنجي منهنجي پيار جا

بار ها تنهنجي ملڻ جون ڪاوشون مون پئي ڪيون،
تا که مان درشن ڪيان تو دل سندي دلدار جا

دل خدا جو گهر چون ٿا پر رهين ٿو يار تون،
جا بجا ڪلمان ڪفر هي بره جي بيمار جا

مهجبين اي دلنشين ٻڌ هاڪ پنهنجي حسن جي،
ٿا چون تو کي مسيحا هن سڄي سنسار جا

سڀ وهي ۽ واپري ٿو هن جهان ۾ هر سمئي،
مون توجه اُت ڪيو جت سڀ فسانه يار جا

مئي ذري مون کي ملي آعشق جي ۽ حسن جي،
مون مٿي ايڏا وڏا احسان پالڻهار جا

چار پل جا فاصله ٿا فاصله مون کي لڳن،
حفن تون ڏس ته جذبا پيار جي پينار جا.