شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

رباعيون

تون ويڻ وطن-متان وسارين اي حفن
هر پل تون ذهن ۾ رک هي مفهوم ضمن
مضمون وسارجان نه تفهيم عقل
ملعون نه ٿي وڃي-تنهنجو گورڪفن.

آڪاش شڪر گذار مان تنهنجو مدام
بلڪل تو ڏنو جو مون کي گهربو هو تمام
ليڪن نه ڇڏي وڃي ها جي پنهنجي وطن کي
اي ڪاش وطن ۾ ڪل ڪري ها جي قيام.

احسان جو آيو بزم ۾ بار سريلو
ويٺو ته لڳو مور آ محفل جو هٺيلو
درشن ته ڪرايائين اِها هُن جي عنايت
ڪهڙي به شڪل ۾ ٿو ڪري وصل جو هيلو.

حيران ٿئيس صنم ته مرڳوئي عجب هو
آيو ته هو اوچتو مگر چهرو غضب هو
ابهام ۾ تاثرات بنجي ويا ڳجهارت
معلوم اِهو ئي ٿيو ته مدهوشي سبب هو

محبوب زبان سان ته انڪار ڪريٿو
آغوش حجاب ۾ ئي اقرار ڪريٿو
اقرار هميش شرم و حيا جي قيد ۾ آ
محجوب نگاه سان ٻي هاڪار ڪريٿو.



موصوف جوان ٿيو ته جوهر به اچي ويو
محبوب نگاه ۾ ته جوهر به لهي ويو
ايڏو ته پچايائين جو ڪُندن ڀي ٿو سڏجي
مرڪوز نگاه قلب پارس ڀي ٺهي ويو.

نرمل ته اچي اڱڻ تي آ شان وڌايو
احسان عجيب جو-آ پنهنجو نه پرايو
هيڻان ته عقل ۽ فهم ۾ هئاسين اڳيئي
پرين ته اچي پريم جو سامان سجايو.

سڀ ڪو ٿو چوي گهڻو جو پڙهيو سو اڪابر
مونڊا جي ته فلم ڏس-اهي انسان پاڪر
پڙهجي ته پرائجي به ورنه دگ ڇڏي ڏي
ادراڪ ته کوڙ پر-عقل ٿس نالي ماتر

فطرت جو مذاق ڏس-اميدن جي آ قاتل
ڪشتي ته ڌڪي مون نيهن سان مليو نه ساحل
محنت مون يقين سان لڳاتار ڪئي ليڪن
مطلوب عُروج مون کي ٿيو ڪين ڪي حاصل.

مقبول هجن رهن مساجد ۾ فقيها
سيکاري ڇڏين زندگي جا سليقا
آ دين وسيع مذهبي فرقي منجهايو
اڄ ڪاش فقيهه ڪو ولي پاڻ هجي ها



عالم ته علم عمل جي باري ۾ چوي ٿو
علماءَ فقيهه ڀي ساڳي ڳالهه ڪري ٿو
عامل نههجي علم جو ڄاڻو پو ڪبو ڇا
ادراڪ عقل پو دين جو روح چري ٿو

عاشق ته رڳو ٿو عشق ۾ تقليد سيکاري
عاشق ۾ ادا نه رنگ سهڻن کي پچاري
عاشق ۾ ته عشق جي فقط بينائي ڀريل
عاشق ته اهو انڌو جو معشوق نهاري.

مخلوق خدا جي ٻي-عجيب آهي ئي يارو
بيهوش بنا عقل نه ادراڪ سهارو
النسان عقل جي جاندار آه نشاني
دنيا کي ڪري سوڙهو-بنايائينس کارو.

سوچيان ٿو اگر هي عشق جڳ ۾ نه هجي ها
هڪ خاص خلا جنم يقينن ته وٺي ها
مضمون علم عقل سڀئي ڀل ته هجن پر
شايد ڪائنات جو وجود ئي نه هجي ها.

سوچيان ٿو علم عمل سڀئي گڏ ٿي رهن ها
ادراڪ عقل ٿيو عشق مقلد به ملن ها
ماڻهو ته هتي نه ڏسجي ها عام ڪٿي ڀي.
انبياءُ رڳو نگاه حيرت ۾ هجن ها.



خيال آهي گهڻن جو هي-قيامت ڇو ته ٿيندي
ماڻهو ته ڄمي مري-قيامت ڇو ته ٿيندي
انصاف سڀن مليو-يا هن طرح يا هُن طرح
مقصد به اهو ئي آ-قيامت ڇو ته ٿيندي.

مخلوق خدا جي ٻڌ-صفا سهڻي وضاحت
ٿاڻو ته نقل آ هت-آ مظلوم لئه آٿت
هر جرم عقل صفا-قيامت جي نشاني
دنيا جي عدالتي نظامن ۾ آ قيامت.

دردن جي دوا ٿو سمجهان دوستن کي اي ناصح
تڪليف ڏسي اُتي ئي پهچن ٿا سي صالح
ڀڳوان اگر نه آ-ته ڇاهي دوستي پو
ڇا جڳ ۾ رهي سگهي ٿو بن دوست جي فاتح.

ساجد ته سجود سان سچي دلڙي رکي ٿو
زاهد به ته عبديت رياضت ۾ اچي ٿو
ليڪن ڪو جهان کي سخاوت سان هلائي
بيشڪ ڪو عدالتن ۾ انصاف ڪري ٿو.

خاموش جي ٿيان نه ها ته دل روئي وجهي ها
احسان ته ياد ڪو نه هو تن ڇا ڪجي ها
محفوظ هميش پنهنجي خودي کي رکيو مون
مقروب جي سامهان-ڀلا ڇا ته ڪجي ها.



آڪاش هميش کان-سدا دل جي ٻڌي آ
روئي جو چيم ته دل-الاهي مون وڏي آ
ڪيڏا نه وڏا معاملا معمولي ٿي ويا
مالڪ جا وڏا ڪرم جو هر ڳالهه سڌي.

ايڏو هي جهان آ-ايامن کان هلي پيو
ڪيڏو نه حسين آ-جو سهڻن سان ٺهي پيو
دنيا کي نه پاڻ ڪنهن-چيو الوداع آهي
سمجهو ته سهي هتي ئي انسان رهي ٿو.

سهڻي ته ڏسڻ ۾ آ-مگر هوڏ وڏي ٿس
مرڪي ته اچي به ٿي-مگر لوڏ مڏي ٿس
موٽي به ته ٽوٽي ڀي-وري کوٽ اندر ۾
ديوار نڀاڳ جي-اها اوڏ اڏي ٿس.

ڪنهن يار چيو ته-معاف غلطي ٿي وڃي
محسوس ڪجي مگر-شڪايت نه ڏجي
رندن جو ته مان غلام اِبنِ اسلاف آن
بيظرف جي ٿو ڪري-پو ان کي ڇا ڪجي.

دعوا نه ڪجي علم عقل سمجهه ڌرم جي
مڪتوب فڪر عمل ڪبي بات قلم جي
محسوس ڪجي ڪڏه به ڪنهن جي به ڪا خامي
خاموش رهين اگر اها بات ڀرم جي.



ڇاڪاڻ چوين ٿو ڪم-منهنجا دوست اچن ٿا
بلڪل آ معاوضو ڏنو مون جو گهرن ٿا
ليڪن ٿو لڳي تو ٽاري ڇڏيو آ اُنهن کي
حاسد ته لڪي ڪڏه ڪي ڪم اهڙا به ڪن ٿا.

محبوب ته سونهن عشق جي ڄار ٿو سمجهي
چاهت سين ڏسن ٿا تن کي بيمار ٿو سمجهي
صورت ته خدا جي آ-اسان ان کي ڏٺو آ
شايد هو اسان کي ٻي-گرفتار ٿو سمجهي.

مخمور نگاه ۾ ڪو نئون نيهن ٿو ڏسجي
ڀرپور ادا جي رنگ ۾ مينهن ٿو ڏسجي
اکڙن ۾ نشو بدن ۾ انگڙائي بلا جي
شباب آ دل فگار اڄ شينهن ٿو ڏسجي.

اڄ يار گلن کي ڏس-صفا تازا ڦٽا هن
ڏس ٽار لمي لڏي ٿو گلڙا به جوان هن
خوش رنگ ڪلي به آ ته گلڙا به گلابي
هر پل ٽلندا رهن هي شاخن ۾ سٺاهن.

هر شاخ گلاب جي-لڳي سهڻي گلن سان
مجبور ڪو باغبان-ڇني گلڙا هٿن سان
ڏس شاخ به گل به ڏس-لڳي ٿو ڪو ويرانو
شامل ٿيو گلاب ٿي سڄو ڪڙم خوشين سان.



هر شاخ گلاب جي-لڳي سهڻي گلن سان
مجبور ڪو باغبان -ڇني گلڙا هٿن سان
هت شاخ به نا اميد ناهي ۽ ٽڙي پئي
ميلاپ ڪلي جو ٿيندو-ٻيهر وري هن سان.

نظرن ته لڪي سڪي ڏٺو چهرو يار
پهرين ته ڪليءَ ٽڙي ڏنو پهرو يار
گلڙن جو به هار زلف بن ڌار ناه
مدهوش ٿي خلق ڪل-ڏسي سهرو يار.

محبوب کلي چيو مون سان يار مل
گلشن ته اچي ڪيو تو گلزار گل
بينور جهان ۾ مرده ماڻهو ته ڏس
آغوش ۾ پنهن جي مون کي هڪبار جهل.

نادم ٿي چيائين درگذر سَهوَ ٿئي
اخلاق چيو وري شڪايت نه ٿئي
رندن جو ته مان-غلام اِبنِ اسلاف آن
بيظرف هجي ته ان جو ڪهڙو مان ٿئي.

هر ڪنهن کي تون گلم تي ويهارين ٿو ڇو
اخلاق حريف ڏي نهارين ٿو ڇو
ڪاش اي سيکارين ها ڪا تهذيب ڪنهن
مهذب ٿي تون مفلسن کي مارين ٿو ڇو



ايڏو ته بخيل مون ڏٺو ناه صفا
تعجب ٿو لڳي ته ٿيو سياڻو خفا
اسباب جي اثباتي هجن پو ٺيڪ آ
ليڪن نه سڃاتو هن ڀرم کي بيوفا.

انسان نٿو مڃي جي احسان ته ڇا ٿيو
احسان فراموش آهي شيطان ته ڇا ٿيو
پونم ته پني ڏني آ چانڊاڻ سڙي پو
مردار دلين ۾ ناهي ايمان ته ڇا ٿيو.

ڀاڙين تون متان انهن جي مردار ذهن تي
معمول وزن به تون نه رکجان ڪو هنن تي
گهوڙي جي ڪهاڻي آهي غازي جي ڪهاڙي
کودي کي ڀلا ڪهڙو ڏبو بار ڪلهن تي.

آسان جي زندگي هجي ها جانِ من
چڪلن ۾ نه پار وڪامي ها ڪوئن
ايمان وڪامي ۽ نه محنت ڪري ڪو
دنيا ته رڳو نفي-آهي ايمان بن

مذهب جو پڄاري هو اشوڪا بادشا
دنيا ۾ نفي ڏسي ٿيو راهب پارسا
سلطان امن ڏٺو ۽ ٿيو گوشه نشين
تاريخ ڏنو مثال ناهي بارها.



ديدار نصيب ٿيو-ويهاري مون کي ڀر ۾
ڏوراپو ڏنائين پو چيائين پنهنجي پر ۾
عامل جو عمل جي صاف آ لخت جگر پو
فردوس برين مڪان ٿيو تنهنجي سمر ۾.

مرشد جو مريد حڪم تبديل ۾ آيو
تحڪم جي اندر مقام تعميل ۾ آيو
ورثه ته گناه آه انسان جو هر پل
احسان! گناه اڄ کان تعطيل ۾ آيو

صورت ۽ دماغ تي ڏاڍو غور ڪيو مون
مرغوب جو قول فعل پڻ تور ڪيو مون
رَسمَن ته رُسي به پو وري پيار ۾ پرچي
زهريلي لُنڊي لڳي جنهن کي مور ڪيو مون.

صورت ڪا ڪنهن وقت ۾-مون کي ڏاڍي وڻي هئي
عادت به چڱيرڙي-وري سونهن ڪڻي هئي
آئيني جي پٽ لڳي-وري ڪاري ڪوجهي پو
بسمل نه ڪري ها جي محبت جي ڌڻي هئي

عاشق جي نگاه ۾-نشو آه يا ناهي.
هن جي بيقراري ۾-نشو آه يا ناهي
عاقل ٿا چون ته حسن تڪبر جو نشو آ
گلشن ۾ جوان ڀونئرو-نشو آه يا ناهي.



مسجد نه مندر نه گرجا ڪا يار ڏٺي هئي
مخدوم ۽ پير شاهه جي ٽولي ڪٺي هئي
مفلس ته صفا پري هو محلات خدا کان
شايد هو رُنو اندر ۾ ڪا دانهن اُٺي هئي

دورانِ نگاه يار احساس ڏياريو
مدهوش نه ٿيو نه اهڙي ديدن سان نهاريو
انگور جو رس صراحي ۾ باقي نه رهيو
کيچل نه ڪيو جولان جبلت نه اُڀاريو

ٽارڻ جو انداز ڏس-اُماڻي ٿو انهي ڏي
جنکي نه ڏٺم اڳي پو وڃبو ڪيئين اُنهي ڏي
محبوب ته پاڻ کي اسان کان ٿو نٽائي
دلبر کي ڇڏي نه وڃبو ائين يار انهي ڏي

شايد نه ڪٿي ڪو امتحان منهنجو ٿو وٺي هو
محتاط ٿيو متان منجهائي نه ڇڏي هو
معشوق ڪنهن رنگ ۾-توازن به ڏسن ٿا
منظور نه آ ته ائين-ڦٽائين پو ڦٽي هُو.

آغوش ۾ يار جي-مزو ڪو نه قضا ٿيو
پُرباش وصال اڄ زبردست وفا ٿيو
سيني سين لڳائي يار کي مدهوش ٿي ويس
ڪو هوش نه هو ته يار جي پيارم ڇا ٿيو.



واعده ته وفا ڪبا مگر پيارسين پيارا
ڪهڙا ته ڏٽا ڊبا جگر يار کي پيارا
دليون جي ڏجن ته جان آ چيز پو ڪهڙي
گلزار گلن ۾ ٻي رهن خار ٿا نيارا

غلطان غمن ۾ هو-غمن ۾ چُور هو.
مايوس بنا سبب سڀن لئه سور هو
پاسو ته اڃا به هو-ڏسي ها جي پويان
خوشين سين زمانو ساروئي ڀرپور هو.

چپ چاپ هري هري هو محفل مان اُٿي ويو
ڪا ٻڻڪ نه ٿي هو ڇو ته هن طرح هلي ويو
جامن ۾ پيڙا هجي اها اوربي آهي
هو قلب فگار کي نه سمجهي ڇو رُسي ويو.

مان ڇو ته جنم وتو-ٻڌائي ته سهي
ڪهڙو ته منگل ڪندس سڻائي ته سهي
ڪيڏو به رهان مگر صدين جي ئي اندر
واپس ته ٿبو ڀلا نٽائي ته سهي.

نادان نه نيهن ڪن-نيڪي نيهن سمجهن
مزرو به وڏو وٺن-مگر پو به ڪُرڪن
ڏوڪڙ ته گهنا هجن-ٻي پرواه ناهي
اهڙن جون لڄون به يار غيرن تي هرکن.



انسان سوين ڏٺا مون دولت جا پڄاري
ڏاها به وڏا ڏٺم-مگر ها سڀ مداري
معيار اولاد زال غيرت نه ٻي ڪاشيءِ
بنگلو گاڏي جي ملي-قبول آهي خواري.

جاهل کي تون علم اون سان سيکار ڀلي
ڪاهل جو دماغ بابڙا پائي ته هلي
آخر ته وڏو ٿي ڊوڙ پائيندو به ڪڏه
بيشڪ هو سکي ويندو علم جي واڳ جهلي.

تهذيب علم جو منطقي شاهه ڪار آه
تعليم بنا بهادري سڀ بيڪار آه
ترتيب سليقو زندگي يار اٿئي
تهذيب و تمدن ئي-سڀن جو سردار آه.

ڏاڍائي ڪرين ٿو ڀل ڪري وٺ اي سکي
محبوب ائين نه ڪر ڪني ڳالهه رکي
کولي ته قفس کي ڏس-ته ڇا قيد ڇو ڪٿي
هڪ قيد رڳو ضمير جو ئي آه پکي.

دوزخ نه جنت کپي-نمازي ٿا چون
تڪليف فجر نماز ۾ سڀ ٿا مڃن
باقي جي نمازون هن انهن کي منهن ڏبو
پر يار عشا نماز جي مهل آ ڪٺن.



سامهون ڪو هلي آيو ته ڇا ٿي پيو صنم
جيڪر هو گلي اچي مليو مي چه ڪنم
سهڻا ته هميشه ٿي پسند هن انسان کي
پابندي نه مڙه ملڻ جلڻ کي ڪر نه عدم.

فرمان عمل سجود ارواح ٿيو نازل
انڪار ڪري ڇڏيو عروج اعزاز زائل
اسرار هو در جو عشق جو مسجود کي ڏيو
احڪام خدا جو ڏس سخا اُن ۾ آ شامل.

سردار جو سر ڏسو-مٿو ڪيڏو وڏو آ
ممتاز محل کي ڏس-قبو ڪيڏو وڏو آ
ممتاز ته پڪ ناهي-مگر ٻيو ڪجهه به ناهي
سوچڻ جو مقام فرسودو ڪيڏو وڏو آ.

اوصاف جي قلب ۾ ڪي روح روان ڏسو
تصوف جي اوشن ۾ ايڏا عوطه نوان ڏسو
تصوف ته اها چيز آ جا خود خودي ۾ رهي
صوفي ته حلاج هو اڃا ڪو جوان ڏسو

ها حال به اوري ٿو مگر جلدي جلدي
ها مال به سوري ٿو مگر جلدي جلدي
بزدل ته نٿو لڳي-اڃا اڳيان ويندو
مرضي سان ئي چوري ٿو مگر جلدي جلدي.



حيرت ته لڳي مگر پو مزڙو ڏاڍو آيو
فرقان ڏسيو مون پڙهيو توجه سان سجايو
ممبر تي نظارو هو جنت جو مگر هو نه هو اُت
تعريف جي صدقي بندو فردوس پڄايو.

هر رات صبح صبا ٿين ٿا نه ٿو سمجهي
دشوار ڪي مرحلا ٿين ٿا نه ٿو سمجهي
دنيا ۾ ته عام جاندار آهن رهندڙ
دنيا جا به سلسلا ٿين ٿا نٿو سمجهي.

عورت جو قدر ڪرڻ مفادن ۾ آ تنهنجي
وارث آه تنهنجو جو پليو هنجن ۾ هنجي
انسان ٿي سمجهين هن جو احسان آ توتي
ورنه هي جهان اڳيئي حوالي آه رن جي.

ڏاها ٿا چون ته يار عورت کي قلم ڏيو
تعليم و تربيت ۽ تهذيب ڌرم ڏيو
سرتاج جي دل ۾ ڏس-اها ڪيئن ٿي رهي پو
ورنه هي جُتي جو ڪوڪو آ جي ائين جنم ڏيو.

اندر ۾ آڙاه آ ۽ ظاهر ۾ زماني
گوهر کي ته جوهري سڃاڻي باآساني
ڳجهه ڳوه ڀي راز-وائکو ڇو ڪجي هر هنڌ
هر ڪو ته ڀلا نه سمجهي ڪهڙي آ ڪهاني.



سپنا به سٺا ڏسو-ته تعبير سٺي ٿئي
دنيا به رڳو جهنجهٽ ته ناهي جو مٺي ٿئي
ادوار عجيب پر-ڪي موقعه به ملن ٿا
مالڪ ۾ اميد رک چڱائي جي چڱي ٿئي.

مايوس نه ٿي نه آسرو لاه آسروند
لاها ته ڪڏه چاڙها-ڪڏه واه مرئي بند
مضبوط پلاند جهل-اِهي لوڏا لمان اٿئي
منزل ته اجها آئي-اُڇل اندر جو سڀ گند.

جيون ۾ سکون دل جو تاثير ڏسنداسين
سپنن جو سڄو پريمي تعبير ڏسنداسين
مرڪن سان نگاه يار گهيرو ڪيو دل تي
عاشق جي ڦِٽي جُڙي ڪا تقدير ڏسنداسين.

اخلاق بلند جن جو اوچو ڳاٽ تن
احسان ڪندا رهن جتائڻ نه سکن
انسان هميش کان سودائي ته رهيو آ
بدلو نه گهرن رڳو ڏسندي پيا ٺرن.

ساقي جي ڀري ڏي جام دنيا کي ڇڏي پي
مخمور نگاهه مان خمارن کي ڀري پي
معشوق جي رمز شوق دل کي جي اُڀاري
آغوش ۾ پي ڳلن کي-پستان جهلي پي.



ساڃهه ته هميش هوش ۾ ئي ته پلي ٿي
جن راه ڇڏي حيات کل تن جي کلي ٿي
بيراه روي هميش کاهي ۾ ڪيرائي
ڏاهپ ته مدام اهڙائي سور سلي ٿي.

احسان مند خدا ڄاڻي ٿو بي پِتاهن
النسان نرم ڏٺم طلب مهل ڪُتاهِن
انسان جي جوڙجڪ مفادن تي ٻڌل آ
احسان فراموش هت هزارين مون ڏٺاهن.

معشوق ته بيقرار آ-عاشق جي عدم ٿيو
تعريف جي بک لٿي جي عاشق جو جنم ٿيو
محبوب جي حب ۾ ناهي-محبوب پو ڇا جو
عاشق جو هجڻ صنم لئه ڄڻ پهريون قدم ٿيو.

مايوس هو سونهن جو ڪو سالار غضٻ ۾
عاشق ته ڪو عشق لئه هو سهڻن جي طلب ۾
محبوب انا پرست ساراه ٿو طلبي
عاشق ڪو هجي وٺي جو محبوب کي حب ۾.

هر روز ٿي شام- ٿئي انعام آه يقينن
ڪنهن روز نه شام ٿي-ايمان آه يقينن
هر ڪو ٿو هتي ڄاڻي-ته هلڻو آجهان مان
بس جلد ٿي شام ڪا ڪچهري ٿي يقينن.