شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

ڪلال جام جلد ڏي ڀري ڀري شراب جو

ڪلال جام جلد ڏي ڀري ڀري شراب جو
لڳي آ تاس بيڪران وري ڏي پيالو آب جو

نگاه کي مٿي ته کڻ حيا جي فل لباس ۾
نقاب کي هٽا هري مزو وٺا حجاب جو

نگاه ۾ نظر وڌم صُراحي پر سرور هئي
چڪور هو اُڏام هئي نظارو هو شهاب جو

تيار آهي رند هي-جي سرڪ تو وري ڏني
حساب پو ڪبو نه ڪو شراب جي حساب جو

اُڃايل آن ڪڏهو ڪو مان ۽ پياس آه چوٽ تي
ذرو وري وجهي ته ڏي-شراب لاجواب جو

هِتي هُتي ڏٺو نه مون نکار ڪو به حسن ۾
صنم بنا ڪنهن حُسن ۾ نه-رنگ هو شباب جو

گهڻن کي منڌ جي خبر نه مُنڌ جي اي دلربا
پريم جو اثر نه ٿيو ڪو رڍ کي رباب جو

لُبِ لُباب حسن جو نقاب ۾ لڪل هيو
حجاب جيئن هٽي ويو ڪلي ٿي گل گلاب جو

ڪلال اڄ اسان جو بخت ياور آه ٿيو وري
ملي ويو صنم اهو جو راڻو هوم خواب جو

حفن حسين آهين تون حجاب کي بحال رک
هٽائجان نه حسن تان حسين پُڙ نقاب جو.