قربان تنهنجي سر تان-سر ساه ٿيو ته ڇا ٿيو.
تنهنجي ڪري زمانو-بدخواه ٿيو ته ڇا ٿيو.
دنيا جي سمنڊ ۾ ڏس-هر ڪنهن جو جوڙ آهي،
منهنجو تون جوڙ آهين-ڪو باه ٿيو ته ڇا ٿيو
واعدا وفا ڪيا ٿئون-هن پيار جي جهان ۾،
هن راز کان جي ڪو ڀي-آگاه ٿيو ته ڇا ٿيو
ڪيئن عشق ۾ کپي ويا-ڪئين عشق ۾ رچي ويا،
عاشق کي هوش ڪهڙو-گمراه ٿيو ته ڇا ٿيو.
بيحد حسين آهين-ڀڳوان جهڙو سهڻو،
تنهنجي مقابلي ۾ جي ماه ٿيو ته ڇا ٿيو.
دنيا ۾ جو رهي ٿو-آ مبتلائي الفت،
الفت خلاف جيڪر-آراه ٿيو ته ڇا ٿيو.
الفت نفي نه آهي-الفت آ ڪم خدا جو،
مدهوش قرب ۾ ڪو-بيراه ٿيو ته ڇا ٿيو.
دنيا آ مئي جو نالو-هيءَ عشق مان جُري آ،
بدبخت عشق بن ڪو-جي شاه ٿيو ته ڇا ٿيو.
هِن هُن سان ٺاهه ڪهڙو-محبوب جي رضابن
محبوب جي رضابن-ڪو ٺاه ٿيو ته ڇا ٿيو.
پرواه ڪا سڪندر-مون کي حفيظ ناهي
جيڪر جهان جو ساري-مفتاح ٿيو ته ڇا ٿيو.